Sunday, April 28, 2019

زندگي ۽ ان جو معراج


زندگي ۽ ان جو معراج

هڪڙو ريٽائرڊ، ٻيو پوڙهو .... رڳو جھڪ .. گھر ٻار سڀ بيزار ..
هر ڳالھ تي ويٺو گهپي ڪيان ۽ ڇڙٻيانِ؛ ”بلب بند ڪيو ...!!“
”پکو اجايو ڇو ٿو هلي؟؟...!! بجليءَ جو بل گھڻو ٿو اچي!“ (ڇو جو ڀرڻو ته مون کي ئي آھي.)
”وھنجڻ جي ڪوٺيءَ جي ٽوٽي ڇو کليل آ؟!؟! ...!!“
”ڇوڪرا اڃا ڇو ستل آهن...!!“ (پاڻ اسر کان وٺي جاڳيل آھيان).
گھر واريءَ کان وٺي ڪم واريءَ تائين سڀ بيزار...


ننڍن ٻارن کي سڏ ڪر ته لنوائيندا وتندئي. پاڻ ۾ پيا سس پس ڪري چوندا؛ ’اجهو هاڻي ڪو ليڪچر ڏيندو! يا نماز پڙهڻ جو چوندو. يا چوندو ته مٿي کي زور ڏي!‘ (جھڪ هڻڻ کان پوءِ مٿي ۾ سور پوندو آهي)
باقي خود غرض اهڙا جو خرچيءَ جي ٽائيم تي ھڙ جو ھڙ (ڏوهٽا ڏوهٽيون، پوٽا پوٽيون) لانڍ ٺاھي بيهندا! ڄڻ بي نظير انڪم ڪارڊ جا پئسا ملندا هجن.
گھڻو ڪري اتي به چڪر ڏئي ويندا؛ ”توهان جو ڏنل ڏهين وارو نوٽ، ڦاٽل هئو!“ يا چوندا؛ ”قائد اعظم جي تصوير تي داڳ هئو، ان ڪري ٻيو نوٽ ڏيو.“
ان مٽا سٽا ۾، وري اڳيون نوٽ به گم ڪري ڇڏيندا.
هههههه
هي نئون نسل الائي ڇو اسان پوڙهن کي چريو ٿو سمجھي؟!؟!
اسين به ڄاڻي واڻي چريا بڻجي ٿا پئون ...
هڪ عجيب لطف آهي هن چريائپ ۾ ....
اها ئي زندگي آهي، اهو ئي معراج آهي.

No comments:

Post a Comment