Saturday, April 6, 2019

ابراهيم - حسيب ڪانهيو


ابراهيم
ڪهاڻي
حسيب ڪانهيو



(هر دور جو نمرود ساڳيو ٿيندو آهي پر هر دور جو ابراهيم ساڳيو نه ٿيندو آهي!)
“اڙي تو اُڏڻي پير جي درگاهه جا پئسا چورايا آهن!” رئيس جمعي خان ڀري اوطاق ۾ چاچي ابراهيم ڏي ڪاوڙ مان نهاريندي چيو.
“نه نه رئيس، مٺي نور جو سُنهن، مون ته ڪڏهن ڪنهنجو ڪک به ڪو نه چورايو!” چاچي ابراهيم ٻنهي هٿن جون پنج پنج آڱريون ملائي پنهنجين ٻنهي اکين تي رکندي چيو.
“اڙي ڪک نه لک چورايو اٿئي!” رئيس دوڏا ڦوٽاريندي چيس؛ “سو به اُڏڻي پير جي درگاهه مان!”


“رئيس وڏا، مون کي ڪهڙو لاچار آيو آهي جو آئون درگاهن تان پئسا چورائيندس؟” چاچي ابراهيم ڪلهي تي پيل ٽوال جي پلاند سان نرڙ تي آيل پگهر اُگهندي چيو.
“اڙي ته رات آڌي جو اُڏڻي پير جي ڪنڊيءَ وٽ تون نه هئين ته ڪو جِن هو ڇا؟؟” رئيس ڪڙڪو ڪندي چيو.
“رئيس، مون پنهنجي اکين سان ڏٺو، اهو هن جو ئي پاڇولو هو.” اُڏڻي پير جي مجاور چيو، “مون جيئن ئي سڏ ڪيا ‘ڪهڙو؟ ڪهڙو؟؟’ ته وٺي ڀڳو!”
“اڙي ڪجهه خدا حاضري ڪر فقير، آئون ڀلا تو کان ڇو ڀڄندس؟؟” چاچي ابراهيم، اُڏڻي پير جي مجاور ڏانهن عاجزي وچان نهاريندي چيو.
“نه ته پوءِ تنهنجو مطلب آهي ته هي اُڏڻي پير جو مجاور ڪوڙ پيو ڪري ها نه؟” رئيس ڪروڌ منجهان چاچي ابراهيم کي چيو.
“رئيس، اوهان ڀلي مون کان ساک وٺو، آئون ڪوڙ ڪو نه پيو ڪريان!” چاچي ابراهيم ايلاز ڪندي وراڻيو.
“نه ته تون سچو آهين، باقي اسان ڪوڙا آهيون ها نه!” اُڏڻي پير جي مجاور پنهنجي چُنجهين اکين سان ترورا ڏيندي چيو.
“آئون ائين ڪو نه ٿو چوان فقير!” چاچي ابراهيم چيو، “تو کان ڪا ڀُل ٿي هوندي ميان.”
“بس بس! ماٺ ڪر، تون چور، چور جو پُٽ آهين.” رئيس ڪاوڙ واري لهجي ۾ چيو، “سڳ سوڌو هٿيڪو آهين.”
“رئيس. . . رئيس منهنجي ڳالهه. . . ” چاچي ابراهيم اڃا پنهنجو جملو پورو ئي مس ڪيو جو رئيس جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون، هن چيو، “تون رڳو ايترو ٻُڌاءِ، پنهنجو ڏوهه باسين ٿو يا نه؟”
اوطاق ۾ ويٺل الو، ولو ۽ گُلو سميت سڀني جا وات ڦاٽا پيا هئا، ڄڻ امريش پوري جو آخري سين ڏسندا هجن. رئيس جي ڪاوڙ جي اڳيان چاچو ابراهيم بي زبان ٿي بيهي رهيو. ڪُڇي ته ڇا ڪُڇي! اڳيان ڪو ٻُڌڻ وارو به ته هجي!
“اسان جي ڌرتي صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي آهي، انهن جي درگاهن جي حفاظت اسان تي فرض آهي، ائين درگاهن تي ڌاڙا آئون هرگز برداشت ڪو نه ڪندس!” وڏيري چيو.
“رئيس وڏا، خبر ناهي ڪهڙي کُٽي کنيو اٿس جو هٿ وٺي ٿو اجل گهُري!. . . . درگاهه جي پئسن مان نه هن دنيا ۾ پِرائيندو نه هُن ۾!” درگاهه جي مجاور چيو، “صدقي وڃان اُڏڻي پير جي نالي تان، جلالي ڪمالي پير آهي ڪو گهٽ آهي ڇا؟ وڏن واتان ڪو نه ٻُڌو اٿئي ڇا: ’اُڏڻو؛ يا اَڏي، يا اُڏائي!”
اوطاق ۾ ويٺل سڀني جا وار ڪانڊارجي ويا! پوڙهن جا چپ آهستگي سان چُريا، “بيشڪ!”
چاچو ابراهيم ڪنڌ هيٺ ڪريو سڀني جي ٻُڌندو رهيو. ويٺلن مان هڪڙي بُزرگ ڏڪندڙ آواز ۾ چيس، “ابا ابراهيم، خطا بروبر انسان کان ٿيندي آ، تون رئيس کان معافي گهُر، پئسا پير جا واپس ڪر ۽ مِٺي ڪُني درگاهه تي ورهاءِ وڃي، ته شامت ٽري پوئي ابا . . . جو ٿيو سو خير ٿيو.”
“پر چاچا، مون ته ڪک به نه چورايو آهي.” چاچي ابراهيم انهي بُزرگ کي مخاطب ٿيندي چيو.
“ته پوءِ تون ڏوهه ڪو نه ٿو مڃين نه!” رئيس پڇيو، “آخري دفعو ٿو پڇان تو کان.”
“رئيس مون کي ٻچن جو سُنهن، آئون درگاهه ڏي لڙيو ئي ڪين آهيان.” رئيس چيو، “ڀلي اَهان ڪتو گهُرايو يا ڪنهن پيري کان پير ڀيٽايو رئيس.”
“ڪا ضرورت ڪينهي ڪي، هاڻي گهڻو ٿيو بس.” رئيس جو آواز اوطاق ۾ گونجڻ لڳو. هن چيو، “هاڻي پاڻهي ئي خبر پوندي ته تون سچو آهين يا ڪوڙو!”
رئيس جي اها ڳالهه ٻُڌي چاچي ابراهيم جون اکيون رئيس ڏانهن کڄي ويون. هُو رئيس کي اهو سوچي نهارڻ لڳو ته ڪيئن به خبر پوندي پر ته به مون تان ته ملامت ٽرندي جو مون ته ڪجهه ڪيو ئي ڪينهي!
رئيس پنهنجي هٿ جي اشاري سان اوطاق ۾ ٿيندڙ چُڻ ڀُڻ کي بند ڪرايو ۽ پوءِ فيصلو ٻُڌائڻ واري انداز ۾ چيائين، “تو کي سڀاڻي چر-ڀيلي ڏيڻي پوندي بس.”
اهو ٻُڌندي ئي اوطاق ۾ سڀئي وات آهستگي سان کُليا ۽ چر ٻر شروع ٿي وئي. چاچو ابراهيم چر-ڀيلي جو ٻُڌي پريشان ٿي ويو. هن چيو، “رئيس اهو ته ظلم آهي سراسر.”
چاچي ابراهيم گهڻو ئي احتجاج ڪيو پر رئيس جمعي خان جي اڳيان هن جي هڪ نه هلي. رئيس جمعو خان پنهنجو گابي جو پڇ چڙهيل نيٽ هٿ ۾ ڪري اوطاق مان نڪري حويلي جهڙي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن اوطاق جي اڱڻ ۾ وڏو مچ ٻاري چر تيار ڪئي وئي ۽ رئيس جا ڇاڙتا به چاچي ابراهيم کي اڳيان ڪري اچي پهتا. تماشو هو يا تجسس سو ڳوٺ جا سمورا ٻُڍا ٻچا به اچي ڪٺا ٿيا هئا. باهه جي شعلن جي تاءَ کان سڀئي ماڻهو دائري جي شڪل ۾ چر کي ڦري بيٺا هئا. سڀني کي اهو الڪو هو ته ڏسون، چاچي ابراهيم جا پير اڄ سڙن ٿا يا ڪو نه ٿا سڙن!
چاچي ابراهيم مسلسل ايلاز ڪندي چيو، “رئيس مون کي بخش ڪريو، مون تي اعتبار ڪريو، مون پئسا ناهن چورايا!”
“اجهو ٿي خبر پوي نه!” رئيس چيو، “اجهو ٿو سچ ڪوڙ پڌرو ٿئي باقي ڇا.”
“پر سائين مون تي رحم ڪريو، مون کي هن آڙاهه ۾ ته نه وِجهو!” چاچي ابراهيم ڏڪندي چيو.
“اڙي آڙاهه کان ڊڄين پيو! پڪ سان ڪوڙو آهين.” مجاور چيو.
“نه ڙي فقير نه، آئون ڪوڙو ناهيان.” چاچي ابراهيم چيو.
“ته پوءِ آڙاهه کان نه ڊڄ!” اُڏڻي فقير جي مجاور چيو، “اڙي آڙاهه ۾ حضرت ابراهيمؑ  به گهڙي ويو هو خبر ڪو نه اٿئي ڇا؟”
اهو ٻڌي هجوم مان ڪنهن چرچائي چيو، “فقير، اهو ته حضرت ابراهيمؑ  هو، هي ته چاچو ابراهيم آهي!”
ان جملي تي هلڪڙا ٽهڪڙا ڦهليا ته مجاور مڇرجي وراڻيو، “ڳالهه حضرت ابراهيمؑ  يا چاچي ابراهيم جي نه آهي. ڳالهه آهي سچائي جي ۽ ايمان جي!”
چر ۾ آڙاهه تيار ٿيو ۽ ڳاڙها ٽانڊا ٽمڪڻ لڳا ته رئيس جمعي خان جذباتي انداز ۾ گجگوڙ ڪئي، “اڙي دير نه ڪريوس، گِهلي اچوس اڳتي هاڻي.”
رئيس جي رڙ تي ڇاڙتن کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو. هنن پنهنجا هٿ چاچي ابراهيم ۾ سوگها ڪيا ۽ کيس زوري گِهلي اچي آڙاهه جي اڳيان بيهاريائون ۽ تاءَ کان بچڻ جي لاءِ پاڻ پُٺيان ٿي بيٺا. چاچي ابراهيم گهڻو ئي پوئتي هٽڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن جو ڪو حيلو وسيلو نه پئي هلي سگهيو. سامهون آڙاهه جو تاءُ سندس جسم کي تکو تکو محسوس ٿيڻ لڳو. ڌرتي به ڄڻ ٽامو ٿي پئي هئي جو پير به ڇڳل چمپل ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ لڳس.
“تو کان آخري دفعو پڇان ٿو ابراهيم!” رئيس گجندي چيو، “پنهنجو ڏوهه باسين ٿو يا نه!؟”
“رئيس وڏا. . . او رئيس، خدا جي واسطي اهڙو ڏوهه ڀلا ڪيئن باسيان جيڪو مون ڪيو ئي ڪينهي ٻيلي!” چاچي ابراهيم آڙاهه جي گرمي سبب سهڪندي تڙپندي چيو.
“ته پوءِ سچو آهين ته گهِڙ هن آڙاهه ۾. پاڻهي خبر پئجي ويندي.” رئيس جمعي خان چيو.
“اڙي گهڙين ڇو نه ٿو؟” درگاهه اُڏڻي پير جي مجاور حوصلو وڌائيندي چيس، “حضرت ابراهيمؑ  جي لاءِ به ٽانڊا گلاب بڻجي پيا هئا، جيڪڏهن تون سچو آهين ته تو کي به ڪجهه ڪين ٿيندو، ڊڄ نه!”
“اڙي اهو ته حضرت ابراهيمؑ  هو، هن جو دور ئي هن سان گڏ گُذري ويو،” چاچي ابراهيم ڏڪندي ڪبندي چيو، “مون غريب جي هي ٽانڊا کل ئي خراب ڪري ڇڏيندا فقير!”
“اڙي هي ائين ڪو نه ڏوهه باسيندو،” رئيس ڪاوڙ ۽ ڪروڌ منجهان ڇاڙتن کي حُڪم ڏنو، “اڙي وجهوس آڙاهه ۾ ته اجهو ٿي سڀني کي خبر پوي ته سچو آهي يا ڪوڙو!”
“نه رئيس نه! هي ظلم آهي، سراسر ظلم آهي رئيس!” چاچي ابراهيم دانهن ڪئي ۽ هر هر چوڻ لڳو.
رئيس جمعي خان تي چاچي ابراهيم جي آهُن دانهُن جو ڪو به اثر ڪو نه ٿيو، هن اکين ۽ هٿن جي اشارن سان چر جي سامهون واري پاسي بيٺل ڇاڙتن کي، آڙاهه ڏانهن اشارو ڪيو.
چاچي ابراهيم جڏهن پنهنجا سمورا حيلا وسيلا ناڪام ٿيندي ڏٺا ۽ کيس سلامتي جي ڪا به واهه نظر نه آئي ۽ هُو رئيس جي حُڪم جي بندن هٿان ڌِڪجي ڌِڪجي اچي آڙاهه جي آخري ڪناري تي پهتو ته هن هڪدم وڏي رڙ ڪئي.
“ترسو ترسو مون کي آڙاهه ۾ نه اڇلايو، ٻُڌو منهنجي.”
چاچي ابراهيم جي اُڀ ڏاريندڙ دانهن حُڪم جي بندن جا هٿ روڪي ڇڏيا.
چاچي ابراهيم جي دانهن تي رئيس جمعي خان ۽ درگاهه جي مجاور سميت سمورو هجوم هڪ ڪَنو ٿي ويو.
چاچو ابراهيم پوئتي ٿيندو باهه کان ٿورو پوئتي ٿي بيٺو ۽ وراڻيو، “اُڏڻي پير جي درگاهه مان پئسا مون ڪو نه چورايا آهن، پر . . . ” چاچو ابراهيم ڪي گهڙيون ترسيو. هاڻي چاچي ابراهيم جو لفظ ‘پر’ نه هو ڄڻ ڪو بند دروازو هو ۽ سڀئي سماعتون اهو ئي دروازو کڙڪائي رهيون هيون. ڪي پل ترسي چاچي ابراهيم چيو، “پر مون کي اها خبر آهي ته پئسا ڪنهن چورايا آهن.”
چاچي ابراهيم جي اها ڳالهه ٻُڌي هجوم هڪو ٻڪو ٿي ويو.
“ته پوءِ ڪنهن چورايا آهن پئسا؟” درگاهه اُڏڻي پير جي مجاور ڪاوڙ مان رڙ ڪئي.
چاچي ابراهيم ساهه سامت ۾ آڻيندي چيو، “ٻُڌايان ٿو، ٻُڌايان ٿو. ٿورو ساهه ته پٽڻ ڏيو.”
“نه نه، جلدي ٻُڌاءِ ته ڪهڙي بدبخت چورايا آهن پئسا ته وجهونس آڙاهه ۾!” رئيس جمعي خان بي صبرو ٿيندي پڇيو.
چاچي ابراهيم ۾ خبر ناهي ڪٿان اها قوت اچي وئي جو هن بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي پوري سگهه سميٽي رئيس جمعي خان جي اکين ۾ اکيون وجهي چيو، “اوهان چورايا آهن پئسا!”
رئيس جمعي خان سميت ڪنهن کي به اهو اندازو نه هو ته ڪو چاچو ابراهيم اهڙي ڳالهه ڪندو سو اهو ٻُڌي سڀني جا مٿا ئي چڪرائجي ويا.
“اڙي مچ ڏسي مت مُنجهي پئي اٿئي ڇا؟” رئيس کان اڳ درگاهه جي مجاور بخيل ٿيندي چيو.
“آئون سچ ٿو چوان، درگاهه مان پئسا مون نه، رئيس جمعي خان پاڻ چورايا آهن!” چاچي ابراهيم سڀني جي سامهون علي الاعلان چئي ڏنو.
“تون سنئون سڌو ڪوڙ ڇو پيو ڳالهائين ابراهيم!” رئيس جمعي خان سندس سامهون ٿيندي وراڻيو.
“ڪوڙ ته اوهان پيا ڳالهايو رئيس وڏا!” چاچي ابراهيم بنان ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي چئي ڏنو.
“اڙي تنهنجي ايتري مجال جو تون رئيس جمعي خان کي ڪوڙو ٿو چوين!؟” مجاور ڪاوڙ منجها چوڻ لڳو.
“جيڪڏهن رئيس جمعو خان سچو آهي ته هاڻي هِي گهڙي هِن آڙاهه ۾!” چاچي ابراهيم چيو، “اجهو ٿي خبر پوي سچي ۽ ڪوڙي جي!”
“اڙي هِي تون ڇا ٿو چوين!؟” رئيس جمعي خان تلخ لهجي ۾ چيو.
“اهو ئي چوان پيو رئيس، جيڪو پهرين اوهان پاڻ پئي چيو!” چاچي ابراهيم بي خوف ورندي ڏني.
چاچي ابراهيم جي انهي ڳالهه تي سڀ جا سڀ پٿرائجي ويا. ڪنهن کان هڪ اکر به اُڪليو نه ٿيو.
چر جي هڪڙي پاسي رئيس جمعو خان ۽ ٻئي پاسي چاچو ابراهيم پنڊ پهڻ ٿيا بيٺا رهيا. ٻنهي جون اکيون هڪٻئي ۾ کتل هيون ۽ درگاهه اُڏڻي پير جي مجاور سميت باقي سموري خلق جون اکيون انهن ٻنهي ۾ کُتل رهجي ويون. آڙاهه آڳ اوڳاڇي اوڳاڇي رک ۾ تبديل ٿي ويو ۽ رک ڄڻ ته مهڪندڙ گُلابن ۾!

No comments:

Post a Comment