Saturday, March 23, 2019

سماجي دردن جون ڪهاڻيون - زاهد راڄپر


سماجي دردن جون ڪهاڻيون
زاهد راڄپر
هو رڳو ڏسڻ ۽ ملڻ جو محبوب ناهي پر هو شخصي طور به محبوب آهي، جنهن سان جڏهن به ملبو آهي ته سامهون انتهائي مرڪندڙ چهرو پيو ٻهه ٻهه ٻهڪندو. خلوص، پيار، محبت ۽ محنت سندس شخصيت کي نکاري ڇڏيو آهي. هر دفعي ساڻس ملڻ وقت سندس شخصيت جو ڪونه ڪو نئون اسرار سامهون اچي ويندو آهي. ادبي محفلن جو مهندار ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي کي جيئندان بخشيندڙ محبوب سنڌي جي سڃاڻپ منهنجي سامهون فقط شاعر ئي رهي، پر وقت به وقت سندس صلاحيتن تان پردو کڄندو رهي ٿو ۽ خبر پئي ٿي ته محبوب شاعر سان گڏ اسٽيج اداڪار به آهي، هو ڊرامه نگار به آهي ۽ سندس ڪيترائي ڊرامه ٽي وي تي ٽيليڪاسٽ ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي وري اوچتو ئي اوچتو سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”جلاوطن پکي“ ڇپجي آيو آهي ته مون لاءِ حيرت جي حد نه رهي ته هو محبوب شخص ڪيترن سارن ادبي محاذن تي پاڻ نباهي رهيو آهي. سرگرمين سان گڏ تخليقون، ياريون، دوستيون، نوڪري ۽ گهرداري سڀني محاذن تي هو ڇانيل نظر اچي ٿو. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”جلاوطن پکي“ سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ شاندار اضافو آهي. ڪهاڻيون پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته هي ڪهاڻيون ڪنهن نئين ليکڪ جون ته لڳن ئي نه ٿيون، معنيٰ ته محبوب جي اندر جو ليکڪ، ڪهاڻيءَ جي ڏانءَ ۽ ڏات سان مڪمل طور ميچوئر ٿي چڪو آهي. سندس ڪهاڻين ۾ سماج جا سمورا عڪس نظر اچن ٿا. سندس هڪ ڪهاڻي ”وهمي“ تمام گهڻي اهم آهي، جنهن ۾ هن ڪردارن سان ڀرپور نباهيو آهي. ڪهاڻي ”فيصلو“ ۾ مومل جي قربانيءَ کي لازوال ڪري پيش ڪيو اٿس، جيڪا پنهنجي ڳوٺ، مڱيندي ۽ پنهنجي مائٽن جو رت وهائڻ بدران پاڻ زهر جو پيالو پي امر ٿي وڃي ٿي. ڪوئلي جي کاڻين ۾ مزدوري ڪندڙ پورهيتن جي ڪهاڻي ”ڪوئلو“ به هڪ بهترين ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي ”جلاوطن پکي“ ڀرپور احساساتي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هڪ پکي کي پيار جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو ڏيکاريو ويو آهي. ”شور يا شعور“ ڪهاڻي هڪ اهڙي اديب تي لکي وئي آهي جنهن جهڙا اديب فقط ئي فقط ادب کي پنهنجي روح جي تسڪين ۽ مفادن لاءِ سرجيندا ۽ قطب آڻيندا رهندا آهن. ”رولاڪ گولي“ هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. ڳوٺاڻي ماحول جي چيڪي مٽيءَ سان ڳوهي ڪنهن سنگتراش جي هٿن مان سرجيل منظر وانگر اها ڪهاڻي لڳي ٿي، جنهن جي شروعات به بهترين آهي ته وري پڄاڻي به اثرانداز ٿيندڙ آهي. ڪهاڻي ۾ سانوڻ نالي ڪردار کي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ جهيڙيندي ڏيکاريو ويو آهي ۽ هڪ رولاڪ گولي هٿان مارجندي به ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن ته ”سورج مُکي“ ڪهاڻيءَ ۾ پريمين جي آپگهات ذريعي ڏنل قرباني جا به اثرائتا عڪس چٽيا آهن. سورج ۽ مکي کي جڏهن پنهنجو پيار بچائڻ لاءِ ٻي ڪا واٽ نه ٿي سجهي ته هو گڏيل آپگهات ڪري پنهنجي پيار کي امر ڪن ٿا پر جيڪڏهن ليکڪ انهن پريمين کي جيئڻ جي واٽ ڏيکاري ها ته اڃا وڌيڪ ڀلو ٿئي ها پر ليکڪ جيڪو سامهون ڏٺو آهي ان کي سڌي طرح پنهنجي ڪهاڻي ۾ لکيو آهي. ظاهر آهي ته اهو ليکڪ جو پنهنجو حق به آهي.


مجموعي طور محبوب سنڌي جون ڪهاڻيون خوبصورت ۽ اثرائتيون آهن ۽ اها لکڻي ئي ڪامياب آهي جيڪا پڙهڻ بعد ماڻهو تي اثر ڇڏي. ائين محبوب جون ڪهاڻيون ڪٿي به بيزار ڪندڙ ناهن. هڪ ڪهاڻي پڙهجي ٿي ته ٻي ڪهاڻي پڙهڻ تي دل چوي ٿي ۽ پوءِ ائين ٽين، تان جو ماڻهو ويٺي ويٺي ڪتاب پڙهي پورو ڪريون ڇڏي ۽ اها ئي هڪ بهترين ليکڪ جي ڪاميابي آهي ۽ محبوب به پنهنجون ڪهاڻيون پڙهندڙن کي پڙهائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ڪهاڻين ۾ هڪ ڳالهه جيڪا نمايان آهي اها ڪهاڻين جي ٻولي جي سادگي آهي. محبوب ڪهاڻين ۾ اجائي لفظي پٽاڙ ڪرڻ بجاءِ سادي ۽ تز نموني سان لکيو آهي. سندس ٻوليءَ جي اها سادگي ۽ تز لکڻ وارو انداز به انتهائي نرالو آهي ۽ نرالو هجڻ ڪري قبوليو ويو آهي.

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد، ۲۳ مارچ ۲۰۱۹ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment