Sunday, March 17, 2019

انور پيرزادي جون ڪهاڻيون جو مطالعاتي جائزو - زبير ٻگهيو


انور پيرزادي جون ڪهاڻيون جو مطالعاتي جائزو
زبير ٻگهيو
انور پيرزادو لٽريچر فيسٽيول کان هڪ ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ ڪتابي ميلو لڳل هو، جتان ڪافي ڪتاب خريد ڪيا پر انور پيرزادو لٽريچر فيسٽيول جو انتظار ۽ تجسس گهڻو هو ڇو ته پاڻ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي لٽريچر فيسٽيول ۾ چاهڻ جي باوجود شرڪت نه ڪري سگهندا آهيون، ڪم ڪار جي سبب. تنهن ڪري هن لٽريچر فيسٽيول کي به ان وانگر ڏسڻ جو گهڻو جوش به هو، اهو ڏينهن به اچي ويو. نيٺ سنورجي سنبرجي اسان به پهتاسين. پروگرام ڏسندي ڪتابن جي اسٽال تي نظر پئي ته انور جي ڪهاڻين جي ڪتاب پڙهڻ جو تجسس به وڌي ويو نيٺ اڳ ۾ اهو خريد ڪيو.


هڪ ڏينهن اڳ ورتل ڪتابن کي پڙهڻ کان اڳ ڪاڪي انور جي ڪهاڻين جي ڪتاب کي پڙهڻ جو پروگرام ٺاهيو. پهرين فرصت ۾ ته اداري پاران ۽ مهاڳ پڙهي پورو ڪيو. بعد ۾ جڏهن ڪهاڻين پڙهڻ جي شروعات ڪئي ته سندس ڪهاڻي ”خدا ۽ سرمايو“ ۾ وڏيري جي اسلامي سوشلزم جي ڳالھه مونکي مئڪسم گورڪي جي ناوليٽ ”ڊالر جو پوڄاري“ ۾ سرمائيدار مزدور طبقي جي ماڻهن کي اوچ نيچ ۽ متڀيد جي فرق کان آجو ڪري، خدائي رضا ۾ راضي رهڻ جو جيڪو واعظ ڪندو آهي، امير ۽ غريب جو فرق به ان پاران پيدا ڪيل ٻڌائيندو آهي ته هڪ ئي صف ۾ محمود ۽ اياز کي به گڏ بيهاريندو آهي پر عملي طور تي ائين ڪندو ناهي جيڪو فرق هتي به هڪ غريب پرور وڏيري جي پيرين پئي واضع ڪندو آهي.
جڏهن ته سندس ٻي ڪهاڻي ”ملاقات“ ڪيترن ئي خاندانن جي ڪال ڪوٺڙين ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جي احساسن سان سرشار ٿي لڳي جنهن ۾ هڪ پوڙهي پيءُ جو پنهنجي زال ۽ ٻارن سان ملڻ کان وٺي، هڪ پوڙهي جهور ماءُ جو جوان پٽ جو قيد ۾ ماءُ سان ملڻ کان وٺي سندس پنهنجي زال ۽ ٻارن سان ملڻ واريون ڪيفيتون تمام بهترين انداز سان پيش ڪيون ويون آهن، سندن گفتگو جو لفظ لفظ احساسن سان ڀريل ٿو نظر اچي ته قيدي جي اندر ۾ سندس پٽ کي سرخ ڏينهن اچڻ جو جيڪو سنديش ڏئي ٿو اهو به علامتي طور تي سندس اکين ۾ پلجندڙ سرخ انقلاب جي خواب مثل آهي جنهن جي لاءِ هو هن کي انتظار جو چوي ٿو.
انور پيرزادي جي ڪهاڻي ٻه جيون ساٿي به جتي پدرشاهي سماج ۾ عورت جي ڪردار کي مضبوط ناهي ڪيو اتي هن ڪهاڻي ۾ مرد سان عورت کي انقلابن ۽ استحصالي طبقاتي سماج تي مڪالمو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي جيڪو پنهنجي نوعيت ۾ غير طبقاتي سماج جي خواب جهڙو آهي؛پر سوڍو ڪٿي نه ڪٿي لاشعوري طور تي طور تي موهڻي کي شادي جي روپ ۾ فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، انقلاب جي لاءِ مطمئن هجڻ کان وڌيڪ اندر ۾ بيچيني هجڻ ضروري آهي.
قرباني جي ٻڪري ڪهاڻي ۾ ڪٿي ڪٿي سندس ڏانءُ جمال ابڙي جهڙو ٿو ڀائنجي. سماج ۾ سرجندڙ ڪهاڻين جو عڪس پيش ڪيل آهي بنا ڏٺي وائٺي نياڻين جي ڄم کان اڳ انهن جا رشتا طئي ٿيڻ، پيدا ٿي جوان ٿيڻ ۽ ساڳي طرح وري نياڻي پيدا ٿيڻ تي سندس کي ملندڙ ذلتون ۽ لعنتاڻا سندس مقدر جو ٻيو حوالو بڻجي ويندا آهن.
انور پيرزادي جي ڪهاڻي ”جيل سماج ۽ ڌاڙيل“ مون کي هن جي جيل جي مشاهدي تي لکيل تاثر لڳو پئي جڏهن ته پويون ٽي ڪهاڻيون سازش، پرينءَ پڄاڻان ۽ ڪاڇي جي ڪهاڻي تمام بهترين آهن.
ڪهاڻي ”سازش“ ۾ ساجن اشتماليت جي نظريي جو عملي پرچارڪ نظر اچي ٿو پر اتي ئي بورجوازي حربن جي هٿان سازش جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ ڪارخانيدار جي ڌيءَ جي محبت ۾ ڦاسي وڃي ٿو جنهن کي وڏي چالاڪي سان سيٺ پنهنجي مفاد جي فائدي لاءِ استعمال ڪري ٿو جنهن مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته سرمائيدار پنهنجي معاشي مفادن جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو.
پرينءَ پڄاڻان ڪهاڻي ۾ ٻهراڙي جي سماج جي واه جي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي، جڏهن 2010 واري ٻوڏ آئي هئي ته ٻلهڙيجي جي بندن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ اهڙي ئي قسم جو ماحول هو. هر هڪ گهران ڪوڏر، بيلچو ۽ چنجور کڻي نڪتو هو بند تي پهرا هئا. ٻهراڙين ۾ اڄ به جڏهن اهڙن اجتماعي مفادن جا گڏيل طور تي ڪم ٿيندا آهن ته اهي ائين ئي خوشيون ملهائي ڪيا ويندا آهن جهڙي طرح کوهه کوٽڻ دوران نظر پئي آيو.
انور صاحب جي آخري ڪهاڻي ”ڪاڇي جي ڪهاڻي“ ته نثري نظمن جهڙي شاهڪار ڪهاڻي آهي جنهن کي پڙهي لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. ماءُ ٻارن کي پاڻي اچڻ تائين ٽارڻ لاءِ پٽ تي پاڻي وهي اچڻ جا ٻنا ۽ ٻارا ٺاهي ٿي پر پاڻي نه ٿو اچي، اچي ٿو ته موت جيڪو زندگيءَ جا ٻنا ۽ ٻنڌيون ڇني ٻه ٻار ۽ ماءُ کي ڳڙڪائي وڃي ٿو.
هي ڪهاڻيون ڪيتري عرصي تائين پڙهندڙ جي ذهنن تي ڇانيل رهنديون، واهه ڪاڪا انور واهه.

No comments:

Post a Comment