Sunday, January 20, 2019

ڪهاڻي ڪتاب ”خواب ۽ حقيقت“ جو اڀياس - علي نواز آريسر


ڪهاڻي ڪتاب ”خواب ۽ حقيقت“ جو اڀياس
علي نواز آريسر
سنڌي ڪهاڻي، سنڌو تهذيب جيتري آڳاٽي آهي ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر ڪو ننڍڙو ڪونهي، ڇاڪاڻ جو سنڌ جو مزاج ئي ڪجهه اهڙو آهي. سنڌي ماڻهو ابتدا کان وٺي ڳوٺ ٻڌي رهڻ کي ترجيحي ڏيڻ ۾ مشهور آهن ۽ ميٺ محبت سندن خمير ۾ شامل پئي رهيو آهي. جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو دَور ڀلي کڻي ۱۹۱۴ع کان شمار ڪيو وڃي، پر اُصولي طور تي ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ڪهاڻي جيڪا پهرين آکاڻيءَ جي صورت ۾ اسان وٽ آئي، ۽ ماڻهن جي محفلن جي رونق بڻي، پر جڏهن انهي جديد دور ۾ قدم رکيو ته سڄي دنيا کان گوءِ کڻي وئي، ان جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته سنڌي ڪهاڻي حقيقي ڪهاڻي آهي، جيڪا سچائيءَ تي مبني هوندي آهي، اهو سنڌو تهذيب جو ڪرشمو چئجي يا سنڌي ڪهاڻيڪار جي ذهني وُسعت جيڪو ڪهاڻيءَ جي ڪِرب مان گذري به ڪهاڻيءَ کي جيئندان ڏيندو رهيو. حالتون ڪهڙيون به هجن، پر سنڌ جي قلمڪار ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو، آئون نه ٿو سمجهان ته دنيا جي ٻين قومن جو قلمڪار ايتري بردباريءَ سان اڳتي وڌيو هجي يا ان انداز ۾ لکيو هجي يا اهڙين حالتن ۾ ٽُٽو نه هجي. ٽٽو ته سنڌي قلمڪار به آهي، پر اهو سدائين عشق هٿان، سدائين پنهنجن جي رَوين هٿان، سدائين محبتن هٿان، پر ڪنهن به حاڪم/ جابر اڳيان هُن هٿيار ڦٽا نه ڪيا آهن، ان کي چئبو آهي ڪمنٽمنٽ/وفا.


خواب جڏهن حقيقت جو رُوپ ڌاري وٺندا آهن ته انسان خوشيءَ ۾ ماپي نه ماپندو هو، دل اُڇلون ڏيڻ لڳندي آهي ۽ سندس من اندر ۾ موجود پِريت گُنگنائڻ لڳندي آهي، ان وقت جڏهن ڪو قلمڪار قلم کڻندو آهي ۽ جنهن تخليق کي جنم ڏيندو آهي، اُها تخليق تاريخ جو اهڙو ته سچ بڻجي سامهون ايندي آهي، جنهن کان ڪوبه انڪار ڪري ڪونه سگهندو آهي، پر اسان وٽ الميو اهو آهي ته اسان جي سماج ۾ خواب حقيقت جو رُوپ ڌارڻ کان اڳ ۾ ئي چڪنا چُور بڻجي ويندا آهن، ذهن رقص ڪرڻ کان اڳ ۾ مائوف بڻجي ويندو آهي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪو لکبو آهي، اُهو فقط درد ڀريو داستان هوندو آهي، جيڪو سچ جي عڪاسي ڪندڙ هوندو آهي ۽ اسان جي سيما ابڙو جي ڪهاڻين جو هيءُ ڪتاب ”خواب ۽ حقيقت“ به انهي سچ جو ساکي آهي، جيڪو سچ هُن پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي، جيڪو سچ سندس مشاهدي ۾ آيو آهي، جنهن سچ کي هن بازار ۾ نيلام ٿيندي ڏٺو آهي، جنهن سچ کي هن ٽڪي عيوض وڪجندي ڏٺو آهي، جنهن سچ کي سماج هٿان مات کائيندي ڏٺو آهي.
سيما ابڙو هن سماج جي هلندڙ پيڙهيءَ جي عڪاسي ڪئي آهي ۽ ايندڙ پيڙهيءَ لاءِ ڪيئي پيغام پڻ ڏنا آهن ۽ مون کي پورو يقين آهي ته جي اسان جو شعوري سماج ان پيغام کي سمجهڻ جي ٿوري به ڪوشش ڪندو ته هن ڌُٻڻ مان نڪري سگهي ٿو.
سيما جي هن ڪتاب ۾ ڪُل ۲۰ ڪهاڻيون آهن ۽ هر ڪهاڻي ٻيءَ کان ڀاري آهي. وٽس ٻوليءَ جو حُسن به آهي، تشبيهن جي چونڊ به آهي، مٽيءَ جي مهانتا به آهي ته درد جو سڄو سارو سمنڊ آهي. هن جي ابتدائي ڪهاڻي ”بيوفائي“ آهي، جنهن ۾ نئون بحث ڇيڙيو ويو آهي. هي هڪڙي اهڙي ماڻهوءَ جي ڪهاڻي آهي، جيڪو هن سماج جو Unfit انسان چئجي ته ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو، ڇاڪاڻ جو اسان جي سماج ”وفا“ جا جيڪي قائدا قانون گهڙيا آهن، انهن تي هو هرگز پورو نه ٿو لهي سگهي، پوءِ ڇا ٿيو جي هُن جي من اندر ۾ انسانيت جو درد موجود آهي، هن ڪهاڻيءَ جو سڄو تت ڪلائيميڪس ۾ ڏنو ويو آهي، اها سندس ٽيڪنڪ آهي:
”خبر اِها هُلي ته مغل چاچا ڪنهن اهڙي عورت سان نڪاح وڌو آهي، جنهن جو هن دنيا ۾ ڪو والي وارث ڪونه هو.“
اسان جو مذهب مرد کي چئن شادين جي اجازت ڏئي ٿو، پر جي هڪڙو مرد انسانيت جو درد رکي ڪنهن عورت کي سهارو ڏيڻ لاءِ ان کي پنهنجو همسفر بڻائي ٿو ته اُن تي آڱريون کڄندي دير ناهي لڳندي. سندس ٻي ڪهاڻي ”آس نراس“ نهايت ئي دلچسپ ڪهاڻي آهي، هن جا ڊائلاگ به ٺهڪندڙ آهن ۽ سماج جي عڪاسي به ڪري ٿي. هيءُ ڪهاڻي ٻن ڇوڪرين تي مشتمل آهي، پر حاصلات ان ڇوڪريءَ جي حصي ۾ اچي ٿي، جنهن کي سمير هن سماج جي ولگر ڇوڪري ڪوٺيو هو:
”اڄ ڪالهه جون ڇوڪريون ڪيتريون نه شارپ آهن، اهي پاڻ کي يورپين ڪلچر جو حصو سمجهن ٿيون، پر اسان جو سماج توڙي مغربي قدرن کي Adapt ڇو نه ڪري اهڙين Vulgar ڇوڪرين کي Accept هرگز نه ڪندو.“
پر هن ڪهاڻيءَ جو هيءُ پيراگراف ذهن کي جهنجهوڙي ٿو وجهي، مثال طور:
”جنهن وٽ سچائيءَ جو قدر ناهي هوندو، اُهي حقيقتن کان ڪوهين ڏُور هوندا آهن.“
اها حقيقت آهي ته جيڪي ماڻهو سچائيءَ کان مُنهن موڙيندا آهن يا ڪن لاٽار ڪندا آهن، اُنهن جو حقيقت سان سان پري جو به واسطو ناهي هوندو، اهي ماڻهو Selfish هوندا آهن ۽ اهڙن ماڻهن جي سماج ۾ ڪا خاص اهميت ڪونه هوندي آهي. اڃا به وڌيڪ وزنائتي ۽ حقيقي ڪهاڻي آهي ”خوف.“ هن ڪهاڻيءَ ۾ هن ملڪ جي صورتحال کي چِٽيو ويو آهي، هن ڪهاڻي جا ٻه پيراگراف آئون هتي ونڊ ڪرڻ ٿو چاهيان، جيڪي هن ڪهاڻيءَ جي اُپٽار ڪن ٿا:
خدا خير ڪري، روز اهي هُل هنگاما، الائجي ته ڪڏهن هي ملڪ امن پيدا ڪري سگهندو، الائجي ته ڪهڙي نظر هن ڌرتيءَ کي کائي ويئي آهي. هر ٻئي ڏينهن جهيڙا جهڳڙا، فساد.... اُف!!“
”هي شاهي ڪامورا ته رُڳو ويهي تماشو ڏسندا آهن، جڏهن پاڻي ٻيلن کي لوڙهي ڇڏيندو آهي، تڏهن ميدان ۾ اچي لهندا آهن، جڏهن هر شيءِ نيست نابود ٿي ويندي آهي. امان هي ملڪ ناهي گند جو ڍير آهي.“
آئون سيما جي مٿين ڳالهه سان سئو سيڪڙو سهمت آهيان، ڇاڪاڻ جو اسان جي ملڪ جي سياست نه ماڻهن کي ڪي سهوليتون مُيسر ڪري ڏئي سگهي آهي ۽ نه وري ڪا شعوري اوسر ڪري سگهي آهي، اهڙين حالتن ۾ ڪو اديب/شاعر جڏهن قلم کڻندو آهي ته اُهو درد ئي چِٽيندو آهي، جيڪو درد اسان سيما جي ڪهاڻين ۾ پڙهي سگهون ٿا.
”لاپرواهي“ سندس هيءُ ڪهاڻي به هن سماج جي اوک ڊوک ڪري ٿي، سماجي ٻنڌڻ، ريتون رسمون، اوچ نيچ، ذات پات جي مت ڀيد ۾ ڪيئي زندگيون داءُ تي لڳي وينديون آهن. سيما نهايت ئي ڏاهپ سان ان سڄي صورتحال کي هن ڪهاڻيءَ ۾ سميٽيو آهي ۽ خوب نباهيو به آهي. هن ڪهاڻيءَ جو هيءُ پيراگراف ئي سڄي ڪهاڻيءَ جو ڇيد ڪري ٿو:
”طوبيٰ ڊگري ڪاليج مان گريجوئيشن مڪمل ڪري ورتي هئي. سندس ماءُ صغريٰ سندس شاديءَ جي ڳڻتي پنهنجي ڀيڻ زينت سان ظاهر ڪئي، زينت کي وڻي. کيس تيمور سان رشتو جوڙڻ جي صلاح ڏنائين. صغرا، تيمور سان نينهن ڳنڍڻ جو ٻُڌي کن پل لاءِ خاموش ٿي وئي هئي، ڇاڪاڻ جو تيمور سيد گهراڻي جو فرد نه هجڻ سبب صغرا سماج جي جوڙيل ريتن رسمن کي آڏو رکيو ۽ پنهنجي ذات ’سيد‘ کي معتبر ڄاڻائيندي تيمور، جيڪو هن جو سڳو ڀاڻيجو پڻ هُيو، انڪار ڪري ڇڏيائين.“
اسان جو سماج اڃا به پراڻين ريتن ۾ جڪڙيل آهي، جنهن ڪري انتهائي وڏا نقصان به ڀوڳڻا پون ٿا، جيئن طوبيٰ گهر ڇڏي وڃي تيمور سان شادي ڪري ٿي ڇڏي، جيڪڏهن اسان پنهنجي انا کي ڇڏي حقيقت پسند ٿيون ته هوند اهي ڏينهن ڏسڻا نه پون.
”ڳولا“ سيما جي هيءُ ڪهاڻي ٻوليءَ جي لحاظ کان شاهڪار ڪهاڻي آهي. هن ۾ تشبيهون به بيمثال آهن ته تجسس به اهڙو رکيو ويو آهي جو پڙهندڙ بنا ويساهي کائڻ جي ان جي سحر مان هرگز نڪري نه سگهندو. ان کانسواءِ ڪهاڻيڪاره جو مشاهدو به محسوس ڪري سگهجي ٿو، مثال طور:
”ڪتابن جو مختصر ئي صحيح مطالعو ڪرڻ جي دنيا ۾ گم ٿي ويندو هيو. کن پل لاءِ ڪجهه سٽن ۾ سمائجي ويندو هو. هو نئين ٽهيءَ جو ’مسڪين جهان خان کوسو‘ ئي ته هُيو نه!!“
”جڏهن باک ڦُٽيءَ مهل ننڊ جي عبادت مان سجاڳ ٿيندو هو ته سندس لبن تي شاهه لطيف جي بيتن جا پکي لامارا ڏيندا هُيس. رات جي پهر ۾ چنڊ سان ڳالهيون ڪندي اُگهور ننڊ ۾ هليو ويندو هُيو، صبح جو اک کُلندي ئي اهو چنڊ بيتن جي صورت ۾ احساسن کي بيان ڪرڻ لڳندو هيو.“
هن سڄي ڪهاڻيءَ ۾ تجسس رکيل آهي، جيئن مظهر الاسلام جي ڪهاڻين ۾ تجسس هوندو آهي. سيما جون ٻيون ڪهاڻيون به شاهڪار آهن سندس خيالي ڪهاڻي به موجوده نسل جي ترجمان آهي ۽ ٻي اهم ڪهاڻي ”ايمان“ آهي، جيڪا سنڌ جي هڪ درگاهه جي عڪاسي ڪري ٿي. اسان جي ماڻهوءَ جو عقيدو ڪجهه وڌيڪ ئي آهي ۽ هونئن به چئبو آهي ته ”عقيدو انڌو هوندو آهي.“ ۽ هن ڪهاڻيءَ ۾ اُهو منظر ڏيکاريو ويو آهي، جو ماڻهو ’مَلي‘ ۽ ’خارش‘ جي مرض ۾ مبتلا هن درگاهه تي اچي ان چشمي مان ڦٽن/زخمن کي ڌوئيندا آهن ته اُهي زخم ڇُٽي پوندا آهن، پر حقيقت ڪجهه ٻي ئي هوندي آهي، در اصل ان چشمي جي پاڻيءَ ۾ ڪابه ڪرامت ڪونه هوندي آهي. هن ڪهاڻيءَ جو ڪلائيميڪس ئي سڄي ڪهاڻي جو ڀانڊو ڦاڙي ٿو ڇڏي:
”چشمي جي زمين جي هيٺائين سطح تي گندرف جي کاڻ آهي، ۽ گندرف چمڙيءَ جي بيمارين لاءِ مفيد هوندو آهي.“
خواب ۽ حقيقت رُڳو ڪهاڻين جو مجموعو ڪونهي، پر حقيقتن جي اُپٽار به آهي. سندس سڀني ڪهاڻين ۾ ڪو نه ڪو سچ نروار ٿيل آهي ۽ ڪو نه ڪو پيغام ضرور ڏنل آهي. مون کي يقين آهي ته پڙهندڙ هن ڪتاب کي پڙهڻ شروع ڪندو ته سندس ڪهاڻين جي سحر مان نڪري ڪونه سگهندو ۽ هر ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي وجود جي ڪنهن حصي جي ڳولا ضرور ڪندو. دل ته چئي ٿي سندس ڪهاڻين تي اڃا به ڳالهائجي، پر آئون ڪهاڻيڪار ۽ پڙهندڙ جي وچ ۾ رُڪاوٽ بڻجڻ نه ٿو چاهيان ان ڪري وڌيڪ پڙهندڙ پاڻ ئي ڪا راءِ جوڙين ته اُنهن لاءِ بهتر ٿيندو.
هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌي ٻوليءَ جي سٻاجهڙي ڪهاڻيڪاره تنوير جوڻيجو لکيو آهي، جڏهن ته اڀياس جي عنوان سان پرويز ابڙي ڪجهه ويچار ونڊيا آهن. ۱۹۰ صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران مئي ۲۰۱۸ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
روزاني سنڌ ايڪسپريس ۱۶ جنوري ۲۰۱۸ع

No comments:

Post a Comment