Sunday, December 16, 2018

هڪ طوائف جو خط - ڪرشن چندر


هڪ طوائف جو خط
پنڊت جواهر لال نهرو ۽ محمد علي جناح جي نالي
ڪرشن چندر
ڊاڪٽر سريش هوتچنداڻي      
مون کي اميد آهي ته هن کان پهرين توهان کي ڪنهن طوائف جو خط ڪو نه مليو هوندو، ۽ اها به اُميد ڪيان ٿي ته اڄ تائين توهان مُنهنجي ۽ مون جهڙين ٻين طوائفن جي شڪل به نه ڏٺي هوندي. اهو به ڄاڻان ٿي ته منهنجو توهان کي هي خط لکڻ ڪيتري حد تائين ناگوار آهي ۽ اُهو به اهڙو کليل خط.....!!! پر ڇا ڪيان حالتون ڪجهه اهڙيون آهن ۽ اِنهن ٻنهي ڇوڪرين جي ضرورت به ايتري شديد آهي جو آئون هي خط لکڻ کانسواءِ رهي نٿي سگهان. هي خط آئون نه پئي لکان، هي خط مون کان بيلا ۽ بتول لکرائي رهيون آهن. تنهن ڪري معاف ڪندا، هڪ نيچ ۽ ڪريل عورت توهان کي ايتري دليري ۽ بي باڪيءَ سان خط لکي رهي آهي. آئون دل سان معافي چاهيان ٿي. جيڪڏهن خط جي ڪا ڳالهه توهان کي بُري لڳي ته اُن کي منهنجي مجبوري سمجهي درگذر ڪجو.


بيلا ۽ بتول، مون کان هي خط ڇو لکرائي رهيون آهن...؟ هي ٻئي ڇوڪريون ڪير آهن..؟ اُنهن جي ضرورت ايتري شديد ڇو آهي..؟ اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻ کان پهرين آئون توهان کي پنهنجي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿي. گهٻرايو نه، آئون توهان کي پنهنجي گندي ۽ ڊيڄاريندڙ زندگي جي باري ۾ آگاهه نٿي ڪرڻ چاهيان، اهو به نه ٻڌائينديس ته آئون ڪڏهن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ طوائف ٿيس. آئون شريفاڻي جذبي جو سهارو وٺي توهان وٽ رحم جي ڪوڙي درخواست ڪرڻ نه آئي آهيان. آئون توهان جي دردمند دل کي محسوس ڪري پنهنجي صفائيءَ ۾ محبت جو ڪوڙو افسانو به نٿي ٺاهڻ چاهيان. انهيءَ خط لکڻ جو مطلب اهو ناهي ته توهان کي طوائفيت جي رمزن، اسرارن ۽ ڳجهن کان آگاهه ڪيان. مونکي پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجهه به ناهي چوڻو. آئون صرف پنهنجي باري ۾ چند اهڙيون ڳالهيون ٻڌائڻ چاهيان ٿي جنهن جو اڳتي هلي بيلا ۽ بتول جي زندگي تي اثر پئجي سگهي ٿو. توهان ڪيترا ئي دفعا بمبئي آيا هوندا. جناح صاحب ته بمبئي کي چڱي طرح ڏٺو آهي. پر توهان اسان جي بازار ڀلا ڇو ڏٺي هوندي. جنهن بازار ۾ آئون رهندي آهيان، اُهو فارس روڊ چوائيندو آهي. فارس روڊ، گرانٽ روڊ ۽ مدن پُور جي وچ ۾ واقع آهي. گرانٽ روڊ جي ٻئي پاسي لمنگٽن روڊ، اوپيرا هائوس، چوپاٽي ميرين ڊرائيو ۽ فورٽ جا علائقا آهن. جتي بمبئي جا شريف رهندا آهن. مدن پور جي انهيءَ طرف غريبن جي بستي آهي. فارس روڊ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي، ته جيئن امير ۽ غريب هڪ جيترو فائدو حاصل ڪري سگهن. فارس روڊ، پوءِ به مدن پور کي وڌيڪ ويجهو آهي، ڇاڪاڻ جو غربت ۽ طوائفيت ۾ هميشه تمام گهٽ فاصلو رهيو آهي.
هيءَ بازار ايتري خوبصورت ناهي، هتي جا رهاڪو به خوبصورت ناهن. بازار جي وچ ۾ گندي پاڻيءَ جي گڙگڙاهٽ ڏينهن رات جاري رهندي آهي. سڄي جهان جا آواره ڪتا، لونڊا، لوفر ۽ ٻي جُرم پيشه مخلوق، بازار جي گلين جو طواف ڪندي نظر ايندي آهي. انڌا، لنگڙا، منڊا، اوباش تماشائي، ڪاڻا، گنجا، چرس، آفيم، ڪوڪين جا موالي ۽ جيب ڪترا انهي بازار ۾ سينو تاڻي هلندا آهن. گندا غليظ هوٽل، جهرين ٽٽل فٽ پاٿ، گند ڪچري جي ڍير تي اڏامندڙ هزارين مکيون، ڪاٺين ۽ ڪوئلن جا افسرده گدام، پيشه ور دلال، پاروٿا گل وڪڻندڙ، ڪوڪ شاستر ۽ اگهاڙين تصويرن جا دڪاندار، چيني حجام ۽ اسلامي حجام، گوڏ ٻڌي گاريون ڏيڻ وارا پهلوان، مطلب ته سماجي زندگي جو سڄو ڪِن ڪچرو توهان کي فارس روڊ تي ملندو.
هاڻي ظاهر آهي ته توهان جهڙا ماڻهو ڀلا هتي ڇو ايندا. ڪو به شريف ماڻهو انهي پاسي جو رُخ ناهي ڪندو. جيترا به شريف ماڻهو آهن اُهي گرانٽ روڊ جي ٻئي پاسي رهندا آهن ۽ جيڪي انتهائي شريف آهن اھي وري ميرين ڊرائيو ۽ فورٽ جي علائقن ۾ رهندا آهن. آئون هڪ دفعو جناح صاحب جي ڪوٺي جي سامهون لنگهي هيس، مون اُتي جهڪي سلام ڪيو هو، بتول به مون سان گڏ هئي. بتول کي توهان سان (جناح صاحب) جيتري قدر عقيدت آهي، ان کي آئون ڪڏهن به چڱيءَ طرح سان بيان ڪري نه سگهنديس. خدا ۽ رسول کانپوءِ، دنيا ۾ جيڪڏهن هُوءَ ڪنهن کي چاهيندي آهي ته اهي توهان آهيو. هن توهان جي تصوير لاڪيٽ ۾ رکي، پنهنجي سيني تي لڙڪائي ڇڏي آهي. ڪنهن بُري نيت سان نه.... بتول جي عمر اڃان يارهن سال آهي. هُوءَ اڃان ننڍڙي ڇوڪري ئي ته آهي. پر فارس روڊ جا ماڻهو، هينئر کان ئي بتول جي باري ۾ برا برا ارادا رکن ٿا. خير اهي ڳالهيون توهان کي وري ڪنهن ٻئي دفعي ٻڌائينديس. ته هي آهي فارس روڊ جتي آئون رهندي آهيان. فارس روڊ جي الهندي ڇيڙي تي، جتي چيني حجام جو دڪان آهي، ان جي ويجهو هڪ اونداهي گهٽيءَ جي موڙ تي منهنجي دُڪان آهي. ماڻهو ته انهيءَ کي دڪان ناهن چوندا، پر خير توهان ته داناءَ ۽ عقلمند آهيو، توهان کان ڇا لڪائجي. اهو ئي چونديس ته اُتي منهنجي دُڪان آهي ۽ آئون اهڙيءَ طرح واپار ڪندي آهيان جهڙيءَ طرح واڻيو، گلن وارو، سبزيءَ وارو، هوٽل وارو، سئنيما وارو، ڪپڙي وارو يا ڪو ٻيو دڪاندار واپار ڪندو آهي ۽ هر واپاري، گراهڪ کي خوش ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي فائدي جي باري ۾ به سوچيندو آهي. منهنجو ڌنڌو به اهڙو ئي آهي. فرق صرف ايترو آهي ته آئون بليڪ مارڪيٽ ناهيان ڪندي. مون ۾ ۽ ٻين واپارين ۾ ڪو خاص فرق ناهي. هيءُ دڪان سٺي هنڌ تي ٺهيل ناهي. هتي رات ته ٺهيو پر ڏينهن ڏٺي جو به ماڻهو دوکو کائي ويندا آهن. انهيءَ اونداهي گهٽيءَ ۾ ،ماڻهو پنهنجا کيسا خالي ڪري ويندا آهن. شراب پي، دنيا جهان جون اگهاڙيون گاريون بڪندا آهن. هتي ننڍين ڳالهين تي وڏا جهيڙا ٿيندا آهن. هر ٻئي ٽئي ڏينهن کانپوءِ، هڪ ٻه ماڻهو قتل به ٿيندا رهندا آهن. هتي هر وقت ماڻهن جو ساهه مُٺ ۾ هوندو آهي. آئون ته ڪا سٺي طوائف به ناهيان جو سمنڊ جي دلڪش ڪناري تي هڪ ڪوٺي وٺي سگهان. آئون انتهائي معمولي درجي جي طوائف آهيان. مون سڄو هندستان ڏٺو آهي. گهر گهر جو پاڻي پيتو آهي. هر قسم جي ماڻهن جي صحبت ۾ اُٿي ويٺي آهيان. پر هينئر ڏهن سالن کان انهيءَ بمبئي شهر ۾، انهيءَ فارس روڊ تي، انهيءَ دڪان تي ويٺي آهيان، ۽ هاڻي ته آئون دڪان مان ڇهن هزارن تائين ڪمائي به وٺندي آهيان. حالانڪ اها جڳهه ايتري سٺي ناهي. فضا ڏاڍي غليظ ۽ آلوده آهي. چئني پاسي ڪن ڪچرو پکڙيل آهي. گندگيءَ جا ڍير لڳا پيا آهن ۽ خارش جي بيماريءَ ۾ ورتل ڪتا، گهٻرايل گراهڪن کي چڪ هڻڻ لاءِ، ڀـــونڪندا رهندا آهن. تنهن هوندي به منهنجو ڌنڌو، سٺو ٿي ويندو آهي.
هتي منهنجو دُڪان هڪ ماڙ گهر ۾ آهي. جنهن ۾ ٻه ڪمرا آهن. سامهون وارو ڪمرو، منهنجي ويهڪ لاءِ آهي. هتي آئون ڳائيندي آهيان، نچندي آهيان ۽ گراهڪن جو روح ريجهائيندي، انهن کي خوش ڪندي آهيان. پوئين پاسي وارو ڪمرو بورچي خاني، غسل خاني ۽ سمهڻ جي ڪمري جو ڪم ڏيندو آهي. هتي هڪ پاسي نلڪو لڳل آهي ۽ ٻئي پاسي وڏو پلنگ پيل آهي، جنهن جي هيٺ ٻيو ننڍو پلنگ رکيل آهي ۽ ان جي هيٺ، منهنجي ڪپڙن جي پيتي پيل آهي. ٻاهرئين ڪمري ۾ بجليءَ جي روشني هوندي آهي پر اندرئين ڪمري ۾ بلڪل انڌيرو هوندو آهي. مالڪ مڪان ڪافي سالن کان جڳهه جي مرمت ناهي ڪرائي ۽ نه ئي هُو ڪرائيندو. ايتري فرصت ڀلا ڪنهن کي آهي. آئون ته سڄي رات نچندي ۽ ڳائيندي آهيان ۽ ڏينهن جو به اُتي ئي مٿي کي ٽيڪ ڏيئي سمهي رهندي آهيان. بيلا ۽ بتول کي، پوئين پاسي وارو ڪمرو ڏيئي ڇڏيو آهي. گراهڪ جڏهن اتي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ ويندا آهن ته بيلا ۽ بتول، ڦاٽل ڦاٽل نگاهن سان ڏسڻ لڳنديون آهن. انهن جون نگاهون، جيڪو ڪجهه به چوڻ چاهين ٿيون، منهنجو هيءُ خط به اهو ئي ٿو چوي. جيڪڏهن بيلا ۽ بتول هن وقت، مون وٽ نه هجن ها ته هيءَ گناهگار بندي، توهان جي خدمت ۾ ايڏي وڏي گستاخي نه ڪري ها.
مون کي خبر آهي ته دنيا مون تي ٿُــڪون اڇلائيندي. ڄاڻان ٿي ته شايد منهنجو هيءُ خط، توهان تائين پهچي به نه سگهي. پوءِ به مجبور آهيان. آئون هيءُ خط هر حالت ۾ لکنديس. بيلا ۽ بتول جي مرضي به اها ئي آهي. توهان شايد سوچيندا هوندا ته بيلا ۽ بتول، منهنجيون ڇوڪريون آهن. نه اهو غلط آهي. منهنجي ڪا به ڇوڪري ناهي. بيلا ۽ بتول کي، مون بازار مان خريد ڪيو آهي. انهن ڏينهن ۾ هندو مسلم فساد عروج تي هئا. گرانٽ روڊ، فارس روڊ ۽ مدن پور ۾ انسانن جو خون پاڻيءَ جي ندين جيان وهي رهيو هو. تڏهن مون بيلا کي هڪ مسلمان دلال کان، ۳۰۰ رپين ۾ خريد ڪيو هو. هيءُ مسلمان دلال، ڇوڪريءَ کي پنڊيءَ مان وٺي آيو هو، جتي بيلا جا ماءُ پيءُ رهندا هئا. بيلا جا ماءُ پيءُ، راولپنڊيءَ جي راجا بازار جي ڀر واري گهٽيءَ ۾ رهندا هئا. هي وچئين طبقي جو خاندان هو. شرافت ۽ سادگي، سندن گلي ۾ پيل هئي. بيلا پنهنجي ماءُ پيءُ جي اڪيلي ڌيءَ هئي ۽ جڏهن راولپنڊيءَ ۾ مسلمانن هندن کي مارڻ ۽ ساڙڻ شروع ڪيو، تڏهن چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي. هيءُ ۱۲ جولاءِ جو واقعو آهي. بيلا، اسڪول مان ٿي واپس گهر اچي رهي هئي ته هُن پنهنجي ۽ ٻين هندن جي گهرن جي سامهون، ماڻهن جو هجوم ڏٺو. اُهي گهرن کي باھيون ڏيئي رهيا هئا. ننڍڙن معصوم ٻارن ۽ عورتن کي گهرن کان ٻاهر ڪڍي قتل ڪري رهيا هئا ۽ گڏوگڏ، وڏي آواز ۾ الله اڪبر جا نعرا به هڻي رهيا هئا. بيلا، پنهنجي پيءُ کي قتل ٿيندي ڏٺو. پوءِ هُن اکين سان، پنهنجي جيجل ماءُ کي تڙپي تڙپي مرندي ڏٺو. وحشي مسلمانن، هُن جا ٿــڻ ڪٽي ڇڏيا هئا. اُهي ٿڻ، جنهن سان هڪ ماءُ، هندو ماءُ، مسلمان ماءُ، عيسائي ماءُ يا يهودي ماءُ پنهنجي ٻار کي کير پياريندي آهي ۽ انسانن جي زندگيءَ ۾ ڪائنات جي وسعتن ۾ هڪ نئين باب کي جنم ڏيندي آهي. اُهي کير سان ڀريل ٿڻ، الله اڪبر جي نعرن جي گونج ۾، ڪٽي اڇلايا ويا.
ڪنهن تخليق سان، ايترو ناحق ۽ ظلم ڪيو هو. ڪنهن وحشي ظالم، انهن جي روحن ۾ ڪاري مس ڀري ڇڏي هئي. مون قرآن پڙهيو آهي ۽ آئون ڄاڻان ٿي ته راولپنڊيءَ ۾ بيلا جي ماءُ پيءُ سان جيڪو ڪجهه به ٿيو، اُهو اسلام نه هو، اُها انسانيت نه هئي، اُها دشمني به نه هئي، اُهو بدلو به نه هو، اُها هڪ اهڙي بي رحمي، بزدلي ۽ شيطانيت هئي، جيڪا تاريڪ انڌيرن جي ڇاتين مان ڦٽندي آهي ۽ روشنيءَ جي آخري ڪرڻي کي به داغدار ڪري ويندي آهي. بيلا، هاڻي مون سان گڏ آهي. مون کان پهرين هُو ڏاڙهيءَ واري دلال مسلمان وٽ هئي. بيلا، جڏهن چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي ته هُن جي عمر، ٻارهن سالن کان مٿي نه هئي. پنهنجي گهر ۾ هجي ها ته اڄ هُوءَ پنجين ڪلاس ۾ داخل ٿئي ها. پوءِ وڏي ٿئي ها ته ماءُ پيءُ سندس شادي، ڪنهن شريف خاندان جي غريب ڇوڪري سان ڪن ها. هُوءَ پنهجو گهر وسائي، پنهنجي مڙس ۽ ننڍن ننڍن معصوم ٻارن سان گڏ، گهريلو زندگيءَ جون سموريون خوشيون ماڻي وٺي ها. پر انهيءَ نازڪ مکڙيءَ تي بي وقت خزان اچي وئي. هاڻي بيلا، ٻارهن سالن جي ناهي لڳندي. هُن جي عمر ته ننڍي آهي پر زندگي تمام پوڙهي ٿي وئي آهي. هُن جي اکين ۾ جيڪو ڊپ آهي، انسانيت جي جيڪا تلخي آهي، انسانيت جو جيڪو خون آهي، موت جي جيڪا اُڃ آهي، قائداعظم صاحب! انهيءَ جو اندازو شايد توهان هُن جي حالت کي ڏسي لڳائي سگهو، شايد هُن جي نااُميد اکين جي گهرائي ۾ لهي سگهو. توهان ته شريف ماڻهو آهيو. توهان شريف خاندانن جي معصوم ڇوڪرين کي ڏٺو هوندو، هندو ڇوڪرين کي، مسلمان ڇوڪرين کي. شايد توهان سمجهي ويا هوندا ته معصوميت جو ڪو به مذهب ناهي هوندو. اُها سڄي انسانيت جي امانت هوندي آهي، سڄي دنيا جي دولت ۽ ميراث هوندي آهي. جيڪو معصوميت ۽ انسانيت جو خون ڪندو آهي ان کي دنيا جي ڪنهن به مذهب جو ڪو به خدا معاف نٿو ڪري سگهي.
بيلا ۽ بتول، ٻئي سڳين ڀينرن جيان مون وٽ رهنديون آهن. پر بيلا ۽ بتول، سڳيون ڀينرون ناهن. بتول، مسلمان ڇوڪري آهي. جڏهن ته بيلا، هندن جي گهر ۾ پئدا ٿي آهي. اڄ ٻئي، فارس روڊ تي هڪ رنڊيءَ جي گهر ۾ ويٺيون آهن. بيلا، راولپنڊيءَ مان آئي آهي. جڏهن ته بتول، جالنڌر جي هڪ ڳوٺ کيم ڪَرن جي پٺاڻ جي ڌيءَ آهي. بتول جي پيءُ جون، ست ڇوڪريون هيون. ٽي شادي شده ۽ چار ڪنواريون. بتول جو پيءُ، کيم ڪرن ڳوٺ ۾ هڪ معمولي هاري هو. هيءُ غريب پٺاڻ خاندان، صدين کان وٺي انهيءَ ڳوٺ ۾ آباد هو. هندن جي انهيءَ ڳوٺ ۾، پٺاڻن جا اهي ئي ٽي چار گهر هئا ۽ هيءُ ماڻهو جنهن ظلم ۽ آتشي ۾ رهندا هئا. تنهن جو اندازو، پنڊت نهرو جِي شايد توهان کي انهيءَ ڳالهه مان ٿئي ته هي مسلمان هئا پر انهن کي ڳوٺ ۾ مسجد ٺاهڻ جي اجازت نه هئي. گهرن ۾ لڪي ڇپي، خاموشيءَ سان نماز پڙهندا هئا. مهاراج رنجيت سنگهه جي حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ، ڪنهن به مومن انهيءَ ڳوٺ ۾ اذان نه ڏني. دنياوي مجبوريون، ايتري قدر شديد هيون ۽ رواداريءَ جو خيال ايترو حاوي هو، جو ڪنهن کي به زبان ٻاهر ڪڍڻ جي همت نه ٿيندي هئي. بتول، پنهجي پيءُ جي لاڏلي ڌيءَ هئي. ستن ڇوڪرين مان سڀني کان ننڍي، سڀني کان پياري، سڀني کان حسين ......بتول ايتري قدر حسين آهي جو، هٿ لڳائڻ سان ميري ٿي پوندي آهي. پنڊت جِي توهان ته پاڻ به ڪشميري نسل مان آهيو ۽ اهو ته چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته خوبصورتي ڇا کي چوندا آهن. اها خوبصورتي اڄ منهنجي گندگيءَ جي ڍير تي پئي آهي ۽ هُن کي پرکڻ وارو ڪو شريف ماڻهو هاڻي شايد مشڪل سان ملندو. هتي ته رڳو گندگيءَ ۾ ڳريل سڙيل مارواڙي، ويڪرين ۽ وڏين مُڇن وارا ٺيڪيدار، پليت ۽ ناپاڪ نگاهن وارا چور بازاري نظر ايندا آهن. بتول، بلڪل اڻپڙهيل آهي. هُن صرف جناح صاحب جو نالو ٻڌو هو. پاڪستان کي هڪ سٺو تماشو سمجهي هُن نعرا هنيا هئا، جيئن ٽن چئن سالن جا ننڍڙا معصوم ٻار، گهر ۾ گهمندي ڦرندي ”انکلاب جنده باد، انکلاب جنده باد“ ڪندا رهندا آهن. هُوءَ صرف يارهن سالن جي ته آهي.
اڻ پڙهيل بتول، ڪجهه ڏينهن ٿيا آهن مون وٽ آئي آهي. بتول کي مون، هڪ هندو دلال کان ۵۰۰ رپين ۾ خريد ڪيو هو. ان کان پهرين هُوءَ ڪٿي هئي، اهو آئون نٿي ٻڌائي سگهان. پر ليڊي ڊاڪٽر مون کي گهڻو ڪجهه ٻڌايو آهي. شايد توهان ٻڌو ته چريا ٿي وڃو. بتول به هاڻي اڌ چري ته ٿي وئي آهي. بتول جي پيءُ کي هندن ايتري بي درديءَ سان ماريو آهي جو هندو تهذيب جون ڇهه هزار سال پراڻيون کلون لهي ويون آهن ۽ انساني بربريت پنهنجي اگهاڙي وحشي روپ ۾ سڀني جي سامهون اچي وئي آهي. هندن پهرين بتول جي پيءُ جون اکيون ڪڍيون، پوءِ هُن جي منهن ۾ پيشاب ڪيو، پوءِ ڪنڌ ڪپي سڀ عضوا ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏيائون. پيءُ جي لاش جي سامهون شادي شده ڇوڪرين جا ڪپڙا لاهي اگهاڙيون ڪري، انهن سان زوري زنا ڪئي وئي. ريحانه، گل درخشان، مرجانه، سوسن بيگم.........وحشي صفت انسانن هڪ هڪ ڪري پنهنجي مندر جون مورتيون ناپاڪ ڪيون. جنهن انهن کي لوليون ٻڌايون، زندگي عطا ڪئي، شرم، عاجزي ۽ پاڪيزگيءَ مان ڪنڌ جهڪايو هو، انهن سڀني ڀينرن، مائرن ۽ ڌيئرن سان زوري زنا ڪئي وئي. هندو ڌرم، پنهجي عزت وڃائي ڇڏي هئي. پنهنجي رواداري، تباهه ڪري ڇڏي هئي. پنهنجي عظمت جو نالو نشان، مٽائي ڇڏيو هو. اڄ رگ ويد جو هر منتر، خاموش هو. اڄ گرنٿ صاحب جا سڀ دوها، شرمنده هئا. اڄ گيتا جو هر اشلوڪ، زخمي هو. ڪير آهي جيڪو منهنجي سامهون اجنتا جي مصوري جو نالو وٺي سگهي.....اشوڪ جا ڪُتبا ٻڌائي سگهي ۽ ايلورا جي صنم زارن جا گڻ ڳائي سگهي. بتول جي بي وس، نازڪ چپن ۽ ٻانهن تي وحشي درندن جي ڏندن جا نشان ۽ هُن جي ڀريل ٽنگن جي ناهمواري ۾ توهان جي اجنتا جو موت آهي. توهان جي ايلورا جو جنازو آهي. توهان جي تهذيب جو ڪفن آهي.. اچو.... اچو...... آئون توهان کي اُها خوبصورتي ڏيکاريان جيڪا ڪڏهن حسين بتول هئي ۽ اُهو زنده لاش به ڏيکاريان جيڪو اڄ بتول آهي. جذبن جي جند ٽوڙ وهڪري ۾ وهندي، آئون گهڻو ڪجهه چئي ويس. شايد اهو سڀ ڪجهه مونکي نه چوڻ گهرجي ها.... ٿي سگهي ٿو، انهيءَ کان وڌيڪ ناگوار ڳالهيون توهان کي ڪنهن به نه چيون هجن، ڪنهن به نه ٻڌايون هجن. توهان اهو سڀ ڪجهه نٿا ڪري سگهو، شايد ذري برابر به نٿا ڪري سگهو. پوءِ به اسان جي ملڪ ۾ آزادي اچي وئي آهي. هندستان ۾ ۽ پاڪستان ۾ .....!!!! هڪ طوائف کي پنهنجي رهنمائن کان پڇڻ جو حق ضرور آهي ته هاڻي بيلا ۽ بتول جو ڇا ٿيندو.....؟؟؟
بيلا ۽ بتول، ٻه ڇوڪريون آهن، ٻه قومون آهن، ٻه تهذيبون آهن، ٻه مندر آهن، ٻه مسجدون آهن. بيلا ۽ بتول، اڄڪلهه فارس روڊ تي هڪ رنڊيءَ وٽ رهن ٿيون، جيڪا چيني حجام جي بغل ۾، پنهنجي دُڪان جو ڌنڌو ڪندي آهي. بيلا ۽ بتول کي، اهو ڌنڌو پسند ناهي. مون انهن کي خريد ڪيو آهي، آئون چاهيان ته انهن کان اهو ڪم وٺي سگهان ٿي. پر آئون اهو ڪم نه ڪنديس جيڪو راولپنڊي ۽ جالنڌر، بيلا ۽ بتول سان ڪيو. مون اڃان تائين انهن کي فارس روڊ جي گندي دنيا کان پري رکيو آهي. پوءِ به منهنجا گراهڪ، پوئين ڪمري ۾ وڃي، هٿ منهن ڌوئندا آهن ان وقت بيلا ۽ بتول جون نگاهون، مون کي ڪجهه چوڻ چاهينديون آهن. آئون، انهن نگاهن جو نياپو، چڱيءَ طرح سان توهان تائين نٿي پهچائي سگهان. ڇو نه توهان پاڻ اچي انهن معصوم سواليه نگاهن جو پيغام پڙهي وٺو. پنڊت نهرو جِي، آئون چاهيان ٿي ته توهان بتول کي پنهنجي ڌيءُ سمجهي پرورش ڪريو. جناح صاحب آئون چاهيان ٿي ته توهان بيلا کي پنهنجي دختر نيڪ اختر سمجهو. هڪ دفعو بيلا بتول کي فارس روڊ جي هن وحشي جهنگ مان وٺي وڃي، پنهنجي گهر ۾ رکو ۽ انهن لکن روحن جا نوحا ٻڌو، جيڪي کيم ڪرن کان راولپنڊي تائين ۽ ڀرت پور کان بمبئي تائين گونجي رهيا آهن. ڇا صرف گورنمينٽ هائوس ۾، انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ نٿو اچي، اهو آواز ٻڌندي توهان.........؟؟؟؟؟

توهان جي مخلص

فارس روڊ جي هڪ طوائف

No comments:

Post a Comment