Sunday, December 9, 2018

پڄاڻان پرين - انور پيرزادو


پڄاڻان پرين
ڪهاڻي
انور پيرزادو
منڍُ:
دهل تي ڏونڪو لڳو، مڙس اچي متا، لانگوٽا کنيل، ڪراين ۾ رومال ٻڌل، ڳچين ۾ تائٿ، ڏورن ۾ ڪارا سڳا. موٽيل ۽ ڪراڙن جي هت ڀيڻي ڪا نه هئي. کوهه کوٽڻو هو، کوهه به چاليهه هٿ هيٺ وڃڻو هو. رونشو به هو ته مڙسيءَ جي به ڳالهه هئي. ڳوٺ جا ننڍا، وڏا، زالون، مرد، ڪراڙا ۽ جوان اچي مَنهنَ ۾ گڏ ٿيا هئا. تر جا ناليوارا ڪوڏيا ميدان ۾ لٿل هئا، جوانن جون نيون ٺپرايل ڪوڏرون به ڏسڻ وٽان هيون. سچي رڪ جا ڦر، ساڳ جا ڳن، جن تي چٽ گل نڪتل، آڏو به هئي پٿر جهڙي چيڪي مٽي، لپو هڻ ته گٿو آن! ڪوڏرون چيڪاٽ پيون ڪن، زمين وڄي پئي! هوڏانهن به جوانن جا هٿ هئا، رڳو کوهه ته کوٽڻو ڪو نه هو، نالو به ڪڍرائڻو هو، گهڙي نه گذري ته مڙس پگهر ۾ ڇلِ ٿي ويا پر جيئن ڏينهن تتو، تيئن مڙس متو، واري ڪار لڳي پئي هئي.


”شابي شابي! وڄاءِ فقير، زورن سان وڄاءِ!“ ستابي، مڱڻهارن کي اشارو ڏنو، مڱڻهارن ڏونڪي کي تيز ڪري ڇڏيو، شرناءِ جون زيلون ڪن ڦاڙڻ لڳيون، دهلڙي واري به پنهنجن هٿن کي تيز ڪري ڇڏيو. ٻئي همراهه پنهنجو وات مُتي ۾ پختو ڪري ڇڏيو. سندس ڳٽا ڪلين تائين ڦوڪجي ويا، ڳچيءَ جون رڳون سيٽجي ويس. ٽئين مڱڻهار به ڪڇ ۾ ڪيل سانداريءَ کي ڦوڪون ڏئي تاڻي ڇڏيو ۽ بين سر ۾ سر ملائڻ لڳي. مڱڻهارن جهمر وڄائي ويٺلن کي نچائي ڇڏيو.
ڪوڏيارا به هينئر تيز ٿي ويا هئا، دهل جو ڏونڪو جيئن جيئن تيز پيو ٿيندو وڃي، جوانن جا لپا به تيئن تيئن تڪڙا ٿيندا پيا وڃن. کوهه جي ڪپ تي بيٺل ماڻهن جا انبوهه سٺي لپي تي داد ڏئي رهيا هئا، هڪڙا جوان ٿڪجن پيا ته ٻيا پيا کوهه ۾ لهن ۽ اهڙي طرح واري وٽيءَ سان ساهه کڻي ڪوڏيارا کوهه کوٽي رهيا هئا.
کوهه هاڻي کوڙ هيٺ کڄي ويو هو. جوانن کي ڪوڏر جو لپو هاڻي مٿي ڪپ تي اڇلائڻو پئي پيو. هاڻي ٿي خبر پئي ته ڪيترين ويهين سؤ آهي. مڙسن لپو هڻي، ڪوڏر ابتي ڪري، زور سان لپي کي مٿي ڪپ تي ٿي اڇلايو، ڪيترن جوانن جا لپا گسي ٿي ويا، گهڙي رکي هڪڙا مٿي چڙهي ٿي آيا ته وري ٻيا هيٺ ٿي لٿا.... ڏينهن اچي لڙيو هو، ستابي مڱڻهارن کي اصل ويهڻ نه ڏنو، هن کي کوهه کوٽائڻو هو، ڀت سجايو ڪرڻو هئس.
کوهه جيئن هيٺ ٿي ويو ته تيئن تر جا وڌيڪ ماڻهو ڏسڻ ٿي آيا، جوانن جا لپا کوهه جي تري مان مٿي ڪپ تي ٿي اچي ڪريا. ڪپر تي به ٽي جوان بيٺا هئا، جيڪي مڏين سڏين ڪوڏرين سان اها مٽي ريڙهي پري ڪندا ٿي ويا. ماڻهن جي پيهه وڌندي ٿي وئي، کوهه جي ڪپ تي اڏيل ڪانهن ۽ ٿوڻين وارو منھ ماڻهن سان ٽٻجي ويو. دهلن، شرنائين جا آواز، ڪوڏرين جا کڙڪا، مڙسن جون کاٽي کڻندي هشڪرون ۽ ماڻهن جي واهه واهه جا آواز سڄي ڳوٺ ۾ گرگلو مچي ويو هو.
ٽيپهريءَ جي مهل هئي، کوهه وڃي جر سان لڳو هو، سخت ۽ چيڪي مٽي هاڻي ختم ٿي وئي هئي ۽ وارياسي آلي مٽي نڪرڻ لڳي هئي، ڪوڏرن جا لپا هاڻي ڳورا ٿي ويا هئا، لپو هڻڻ ته سهنجو پر ان کي کوهه جي تري مان مٿي ڪپ تي اڇلائڻ ڪو چرچو ته ڪو نه هو، نوان ۽ سڌڙيا ڪوڏيارا هينئر کوهه جي ڪپ تي پگهر سڪائي رهيا هئا، تر جا ڄاتل سڃاتل مڙس ماڻهو ڪوڏرن سان هيٺ لٿا. کوهه ته ذري گهٽ کوٽجي ويو هو پر ڏسڻو اهو هو ته ڪير ٿو لُنگي کٽي ۽ سوڀارو ٿئي. هر ڪنهن مڙس ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي لپي کي مٿي پئي اماڻيو. لپا ڌڙا ڌڙ کوهه جي ڪپ تي اچي ڪريا پر مڙسي تڏهن هئي جڏهن لپو کوهه جي ڪپ مٿان اڏيل منهنَ تي وڃي پئي. ڳالهه ڪرڻ سولي، ڪم ڪرڻ ڏکيو، ٽيپهري به لڙي وئي پر ڪنهن به جوان جو لپو منهن تي نه پيو. ڪوڏيارن جا لپا کوهه مان ايئن ٻاهر ٽپا ڏئي رهيا هئا جيئن مڇي پاڻيءَ مان بل ڏيندي آهي. ستابي ڪوڏيرن کي ساهي پٽڻ لاءِ سڏيو. تر جا چارئي ناليوارا ڪوڏيارا سوڍو، ڪمو، بچل ۽ اوباهيو مٿي چڙهي آيا، پاڻيءَ ڍڪ پيتائون، مڱڻهارن به گهڙي کن ويهي ڄنگهون ٺاريون، ماڻهن مهڻا پئي ڏنا. چي: ”جوان ته ڪهڙا گهٻ آهن، اسان جو سڄو ڏينهن وڃايو اٿن پر لپو ڪنهن به منهَن تائين نه پڄايو“.
ساهي پٽي چار ئي مڙس وري هيٺ لٿا، ستابي مڱڻهارن کي کڙو ڪيو. چي: ”لپو منهَن تي نه پيو ته پوءِ توهان کي به کوهه ۾ لاهيندو سانوَ“.
مڱڻهارن واڄو تيز ڪري ڇڏيو ۽ لپا کوهه مان ڄڀين وانگي مٿي اٿڻ لڳا، سوڍي جو لپو منهَن جي ٿوڻيءَ سان ٽڪر جي ڪري ٿي پيو. ڪمونءَ جي ڪوڏر ڪم نه ڪيو، بچل ۾ اڃا دم هيو، اوباهيو اڃا نه ٿڪيو هو.
خبر تڏهن پئي جڏهن اوچتو ”وهه وا“ ٿي وئي. اوباهئي جو لپو منَهَن جي ڪرنگهي تي وڃي ڪريو. مڱڻهارن جي الله جان ڇڏائي. هو ڌمال وڄائڻ لڳا، ماڻهو نچڻ لڳا، اوباهيي جا يار دوست ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيا. رڳو جهمريون هجن، ستابو سرهو سرهو سڀني کان واڌايون وٺي رهيو هو.ڳوٺ جا وڏا ننڍا، زالون مرد هاڻي ان جوان کي ڏسڻ لاءِ آتا هئا جنهن ڪوڏر جو ڪمال ڏيکاريو هو.
چارئي ڪوڏيارا جيئن ئي کوهه مان نڪتا ته ماڻهن اوباهئي کي کڻي ڪلهن تي کنيو. مڱڻهارن هو جمالو وڄائڻ شروع ڪيو، ستابي ڳاڙهي لنگي کڻي اچي اوباهئي جي ڪلهن تي وڌي. دهلن وارن کي اڳ ۾ ڪري ماڻهو اوباهئي کي ڳوٺ جو سرگس (سرڪس) ڪرائڻ هليا ويا.
ڳوٺ ۾ اوباهئي جو ڌاڪو ڄمي ويو، لوڙهن وارين گهٽين ۾ ماڻهو اوباهئي کي ڏسڻ لاءِ ڳاهٽ ٿي ويا، گهرن جي ٿلهن تان مايون پٻن تي بيهي نرا کڻي اوباهئي کي ڏسڻ لڳيون.
گاگڙي ڇڄ جيڏو سينو، موڪرو مڻيادار منهن، چيرائين  ڏاڙهي، ڪارا چهچ شهپر، جاڙا ڀرون، اکين ۾ ٻاجهه، ڏورن تي ماس جا روڙا، بت مٽيءَ ۾ ڀڀوٽ، مڙس ملوڪ، سڀئين وصفين سهڻو.
لوڙهي جي پاڙ مان بصران نرو کڻي اوباهئي کي ڏٺو، بصران اوباهئي جي هاڪ ته کوڙ ڏينهن کان ٻڌي هئي پر اڄ هن مڙس کي آمهون سامهون ڏٺو هو، الائي ڪهڙا لفظ زوريءَ نڪري ويا هئس جنهن ڪري ساهيڙين بصران کي چيڙائڻ شروع ڪري ڏنو هو.
گهڙي نه گذري، سرگس اڳتي وڌي ويو، ساهيڙين نيٺ بصران کي چئي ڏنو ”اڙي! ايتري ۾ پاڻي ٿي پَئينءَ“.
”ها پر اوباهيو ڪيڏو به پهلوان هجي، بصران سان رونبي ۾ ٿورئي بيهي سگهندو“ ٻي ساهيڙيءَ پاڻ مرادو وراڻيو.
بصران چپ..
هي پروڪي ساوڻيءَ جي ڳالهه آهي، ان کان پوءِ گذريل وقت ساوڻين کي ڪِيڻ وانگي گهلي الائي ڪهڙي ڍير هيٺان ڍڪي ڇڏيو هو، بصران ڪم ڪار ۽ ڪڙمت جي پورهئي ۾ رڌل. ٻنيءَ جي ڪم مان واندي ٿئي ته گهر جي ڪرت ، هن کي ٿڌي ساهه کڻڻ جي واندڪائي ڪا نه ملندي هئي، ها ڪڏهن ڪڏهن ڪا کاٽي کڄندي ڏسندي هئي ته اوچتو اوباهيو ياد اچي ويندو هوس ۽ ٿڪ ئي لهي ويندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن سندس مضبوط من ۾ اوباهئي جي ياد جو گهوٻو بڻجي جاٽون ڏيندي هئي پر وري پورهئو ۽ پگهر انهن جاٽن کي سانهر وانگي لپيٽي ڇڏيندو هو.
بصران پنهنجي هاريءَ پيءُ جي اڪيلي ڌيءُ هئي، سامائي ڪي به ٽي سال ٿيا هئس پر هارپي ۾ ڪو چڱو ڀلو مڙس ماڻهو هن جي پاسي ۾ بيهي نه سگهندو هو. پڻس ويهه جريب ٻني رڳو بصران جي آسري تي ورتي هئي، پاڻ جهور، باقي ٻه جوان پٽ ۽ هيءُ وڏور ڌيءُ جوڙي ڏاندن سان سڄي زمين کيڙيندا هئا. رونبي ۾ جڏهن بصران ٿلهي پنيءَ تائين ور کڻي ٻانهون تاڻي بيهندي هئي ته ٻني تي ويٺل همراهه ٻج جون مُڙهيون اڇلائيندو ويندو هوس ۽ بصران هڪڙي مڙهي جهپي ٻيءَ مڙهي جهپڻ تائين رنبي وٺندي هئي، ڏسڻ وائسڻ ۾ ته حور هوندي هئي، قداور، ڀريل بت، مضبوط هاٺي، گول منهن، ڊگهي ڳچي، اکيون چيرايون، جن ۾ پيار ۽ پورهيو بکندو هئس، منهن جي ساڄي پاسي نڪ ڀرسان چٽو ڪارو تر.
پنهنجي ڳوٺ ۽ تر وارن چڱن مڙسن ۽ وڏيرن بصران جي سڱ لاءِ چاليهه جريب ڏيڻا ڪيا هئا، هن جي جهور پوڙهي پيءُ کي لالچون ڏنيون هيون، ايلاز ڪيا هئا ۽ آخرڪار دڙڪا به ڏنا هئا، پر بصران نه مڃيو هو، هن جي روح ۾ ٻنيءَ جو عشق ڪنهن مضبوط لاهه وانگر کتل هو.
اڄ اوباهئي جي ونگار هئي، پنهنجي ڀر وارن ڳوٺن جا ڪڙمي ڪاري، زالين مڙسين اچي ڪٺي ٿيا هئا، بصران به پنهنجي ڪراڙي پيءُ ۽ ٻن ڀائرن سميت ونگار تي آئي هئي، هڪ پاسي ٻج جون مڙهيون ٻڌجي رهيون هيون ۽ ٻئي پاسي داڦ لڳل ويهن جريبن ۾ڍڪيءَ جو ئي رونبو شروع ٿي ويو هو. تر واريءَ جي رونبي ڏسڻ لاءِ تر جا ڪيترا ئي ماڻهو مڙيا هئا.
هوءَ کاٻي هٿ ۾ ٻج جي مڙهي جهلي ساڄي هٿ سان هڪ هڪ مَرائي هڻندي ٿي وئي، پنيءَ ٻوڙ پاڻي ۾ سندس رونبي جي رفتار اها هئي جو پاڻي ۾ تڪڙي هٿ وجهڻ ۽ ٻاهر ڪڍڻ ڪري پاڻيءَ جي لار ٽٽي ئي نه پئي، ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون.
ٻانهون تاڻيل، ڀورا ڀورا ڏورا، وارن کي ڇنڊڪو ڏئي پٺيءَ تي اڇلائڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن سڌو ٿي مشڪڻ، ماڻهن کي ڪهاڙيءَ جي ڦر جان ڪپي وڌو. ٿلهي پنيءَ تائين ور کنيل، ڀوري پنيءَ جو پاڻيءَ ۾ آلو ٿي جرڪڻ، ڀريل جسم جو ڇلڻ، نوڙي رونبو ڪرڻ ڪري چولي جي ڳچي لڙڪڻ ۽ ارهه جي ڇاڇول اوباهي کي ڪتر جي ڪهاڙي وانگي ڳترا ڪري وڌو.
اوباهي گهڻن ئي ڏينهن کان بصران جي ساک ٻڌي هئي، هو جڏهن بصران جي ڳوٺ کوهه کوٽڻ ويو هو ته هن ڏاڍي واجهه وڌي هئي پر هن کي نظر نه آئي هئي، اوباهي ان ڪري ئي شايد ان ڏينهن زور ڏئي ڪوڏر وهائي لنگي کٽي هئي.
اڄ بصران اوباهي جي آڏو بيٺي هئي. ڀلا ٻئي تر جا نالي وارا هاري هئا، ماڻهن جو نظرون هنن ٻنهي ۾ کتل هيون، اوباهي جي مضبوط جسم کي ڄڻ ڪو واسينگ واسي ويو هو. هو اهڙي طرح هڪ ٽڪ ٿي بصران کي گهوري رهيو هو ڄڻ هن ۾ چرڻ پرڻ جي ڪا طاقت ڪانهي ۽ پيرن ۾ ڊڀ ڄمي ويا اٿس. بصران کي رونبو ڪندي ڏسي اوباهيو ائين محسوس ڪري رهيو هو ڄڻ ٻج جا تيلا هن جي هانوَ ۾ رنبجي رهيا آهن.
رونبو پورو ڪري جڏهن سڀئي ڪڙمي مانجهاندو ڪري رهيا هئا ته هر هڪ جي وات تي بصران جي رونبي جي ساراهه هئي ۽ پوءِ جڏهن بصران وڃڻ واري ٿي ته اوباهي دل ۾ پڪ ڪري ڇڏي هئي ته بصران جو سڱ وٺي وڏيرن کان ٻيا به ويهه جريب ٻني خاشي ڪري ايندس.
اڄ اوچتو اوباهيو سهڪندو سڌو وڏيري جي اوطاق ۾ لنگهي ويو ۽ هن کي سڀ زمين موٽائي ڏئي هليو آيو. دوست ساٿين ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جڏهن پڇ پڇ ڪئي ته اوباهيو خاموش هو، جوڻس ڪروڌ ڪيو، پر اوباهي ڪو  جواب نه ڏنو، هن جون اکيون رت اوڳاڇي رهيون هيون ۽ چپن کي ڄڻ ڪنهن ٽوپا ڏئي سبي ڇڏيو هئس، ٻئي ڏينهن خبر پئي ته وڏيرو اڳئينءَ رات ڏهن ڌاڙيلن کي چاڙهي زوريءَ بصران جو سڱ کڻائي ويو.
پڄاڻي:
اوباهي ڪوڏر ڦٽي ڪري ڪهاڙي کڻي ۽ ان کي تکو ڪرڻ لڳو، دل ۾ پڪو پھ ڪري ڇڏيائين ته هارپ ڇڏي، هاڻي رهزن ڌاڙيل ٿي پئبو.

No comments:

Post a Comment