Friday, November 30, 2018

ڪرپٽ - سيد حبيب الله شاهه


ڪرپٽ
سيد حبيب الله شاهه
ڪراچيءَ جي دل جي بيماريءَ جي وڏي انسٽيٽيوٽ اسپتال (NICVD) جو اڱڻ. پنج ماڙ خوبصورت عمارت جي ٻي ماڙ هيٺ ٺهيل شاندار پورچ ۽ ان جي ڀاڪر ۾ سهڻو ننڍرو پارڪ. چئوطرف ول چڙهيل، داخل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو رستو، جنھن تي به ڪنڊا وڇايل، جيئن ڪو به داخل ٿي نه سگهي. گلن جي حفاظت لاءِ ڪنڊا، صدين جي ريت/ روايت، ڪنڊن جي ڪري ئي سائو لان – ناريل ۽ سرو جي وڻن جو اڻ کٽ سلسلو سنڌ ميديڪل ڪاليج جون هاسٽلون ۽ هوٽل تاج محل، صبح، ٻپهر، شام، رات، چار پهر، جدا جدا ڪهاڻيون، ڪاڪ محل جي ڪهاڻين کان به وڌيڪ رومينٽڪ! خبر ناهي ته هتي ڪيترين ڪهاڻين جنم ورتو هوندو ۽ ختم ٿي ويون هونديون.


صبح جا ڇهه، هلڪو سيارو، هلڪي ٿڌي هوا، صبح جو واڪ، روزانو جو نيم!
هوءَ آهستي آهستي وڌي اچي ريلنگ وٽ بيٺي. سندس ٻئي هٿ ريلنگ ۾ جهليل. هلڪي هوا جي ڪري سندس ڪٽيل ننڍڙا وار چرپر ۾ آيا. سندس سانوري چهري تان پائوڊر ۽ ڳاڙهي لپ اسٽڪ غائب ٿيل، پنهنجي اصلي حليي ۾ بيٺي مون ڏانهن ڏسي رهي هئي. سندس سچي/ اصلي شڪل ڏسي آئون وڌيڪ فريش ٿي ويس. واڪ جا ڪئين چڪر ڪٽي پورا ڪيم. نيٺ هوءَ وڌي اڳيان آئي ۽ مون سان گڏ هلڻ لڳي.
هڪ چڪر، ٻه چڪر بلڪل خاموش خاموش.
هيٺ ايڌي ايمبولينس ڪنهن لاش کي کڻي واپس وڃي رهي هئي. آئون ان جي خاموش ڳاڙهي بتيءَ کي ڏسي رهيو هئس.
”مون توهان جون دوائون دراز مان ٻاهر ڪڍي رکيون آهن، جيڪي توهان کي ستين وڳي کائڻيون آهن،“ نيٺ هن ڳالهايو.
”مهرباني“! مون هن ۾ بنا نهارڻ جي جواب ڏنو.
خبر ناهي ڇو سادن مهانڊن ۾ آئون نهاريندو ناهيان. ٿڪ جو احساس ٿيندو اٿم.
هاڻي هوءَ مسلسل مون سان واڪ ڪري رهي هئي.
مون کي ائين نه ڪرڻ کپندو هو ۽ سوري ٿي چوان. هن انگريزي ۽ اردو جو گڏيل جملو چيو.
ان کان اڳ جو آئون ڪجهه جواب ڏيان. هوءَ واپس اندر هلي ويئي ۽ آئون اڏامندڙ هوائي جهاز کي ڏسندو رهيس. خبر ناهي ته رنجش جو اهو سلسلو ڇو رهيو؟؟
فجر جو وق،ت دل جي اسپتال جو پرائيويٽ ڪمرو نمبر ۸. ٻاٽ اونداهي ڇانيل. اڇي چادر پاتل، رات جو اوجاڳو. سندس ڪمري ۾ داخل ٿيڻ، هڪدم ٽيوب لائيٽ ٻارڻ، ڊرا جو کلڻ. دوائن جو ٽيبل تي اڇلڻ، عجيب ڪاوڙ جو احساس، شايد بلڊ پريشر هاءِ ٿيڻ ڪري.
ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪندي چيومانس؛ ”پليز! شيشيءَ کي هٿوڙو آهستي سان هڻ“.
هن بنا ڪجهه ڪڇڻ جي، دوائن جي شيشين کي زور مان ڊرا ۾ اڇلايو ۽ ان کي ايترو زور سان بند ڪيو، جو آئون اتي ويهي رهيس. دل چاهيو ته اهڙو زور سان ٿڦڙ هڻانس، جو منهن ڦري وڃيس. جيسين آئون اٿان، تنهن کان اڳ ۾ ئي هوءَ ٻاهر نڪري هلي ويئي.
منهنجي لاءِ نرس جو اهو ڪو نئون تجربو ڪو نه هو. نه ڄاڻ ڪيترن ئي مهينن کان ساديون سوديون شڪليون ڏسي آئون تنگ ٿي پيو هيس. نه ڄاڻ افسانن ۾ پڙهيل ۽ ڊرامن ۾ ڏٺل خوبصورت نرسن جي تصور ۾ اکيون بند ڪري ڇڏيندو هوس، ته شايد ڪڏهن نه ڪڏهن اهڙي اپسرا جي ڊيوٽي هتي به لڳي وڃي. حقيقت، وهم ۾ وڇوٽيءَ جو شديد احساس-!
نه دوستي، نه دشمني. هوءَ شام جو ڏهين وڳي، دوائون ڏيڻ لاءِ ڌڙام سان در کولي اندر گهڙي. شايد روئي آئي هئي، يا مون کي ائين محسوس ٿيو. زڪام ڪري هر هر سون سون ڪري رهي هئي. مون هن ڏانهن نهاريو ۽ خاني مان ايسپرين ڪڍي ڏانهنس وڌايون.
”مهرباني ڪري پهرين هي کائو، جيئن اوهان جو زڪام ختم ٿئي، پوءِ ٻين مريضن جو علاج ڪريو.“
”بدتميز، آئون تو کي ڏسي رهندس!“ هن تڪڙو جواب ڏنو ۽ لڙڪ تيزيءَ سان سندس چنجهين اکين مان وهي، سندس رئي ۾ جذب ٿي ويا ۽ مون سنڌي ڊرامي ڏسڻ لاءِ ٽي وي کولي ڇڏيو.
پنجانوي سيڪڙو نرسون ڪرپٽ آهن.“ ڊاڪٽر نثار پنهنجي راءِ ڏيندي چيو.
نوانوي سيڪڙو نرسون ڪرپٽ آهن.“ ڊاڪٽر سعيد دليلن سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. آئون تصور ئي تصور ۾ مسڪرائڻ لڳس. هوندي اها به انهن مان هڪڙي شريف زادي!
شام جو اداس ٽائيم. آئون، اسپتال ۾ شاهي ڪاريڊور. سامهون واري ڪائونٽر تي رش. ڊيوٽي ڊاڪٽر، وارڊ بواءِ، نرسون، سڄو عملو وٺ پڪڙ ۾. آئون وڌي ڪائونٽر تي اچان ٿو. ايتري گوڙ ۾ ڊاڪٽر انور مون کي خلاصو هٿ اچي وڃي ٿو. آئون هن جي پويان پويان سندس آفيس ۾ اچان ٿو. هو  ڌڙام سان پڻ کي صوفا تي ڇڏي ٿو ۽ آئون اتي ئي بيهي رهان ٿو.
”تمام شريف هئي، هوءَ! پر اسپتال جي گندي ماحول ۾ هوءَ ايڊجسٽ ڪري نه سگهي ۽ هن پاڻ کي ماري ڇڏيو! هوءَ ڊجٽ مائيڪرو پرسنٽ نرسن مان هڪ هئي يا شايد اڃا جونيئر هئي. هوءَ پنهنجي غربت/ عزت/ غيرت هٿان مارجي ويئي!!“ ڊاڪٽر انور خبر ناهي ڇا ڀُڻ ڀُڻ ڪري رهيو هو. 
ٻه لڙڪ منهنجي اکين مان ڪريا ۽ قميص ۾ جذب ٿي ويا.
آئون واپس پنهنجي ڪمري ۾ هليو وڃان ٿو.

No comments:

Post a Comment