Sunday, November 4, 2018

ڦوڙي - مٺل جسڪاڻي


ڦوڙي
(مختصر ڪھاڻي)
مٺل جسڪاڻي
ولو ”وارڙيو“ کي جڏھن به پيسن جي ضرورت پوندي آھي، ڪاپي ۽ قلم کڻي ڳوٺ ۾ ڪاھي پوندو آھي. ھن ڪيترا ئي دفعا ساڳيا ڪم ڄاڻائي ڦوڙي ورتي آھي.
نومبر ۲۰۱۸ع جي پھرين تاريخ کان ولو ”وارڙيو“ روزاني ڪاپي ۽ قلم کڻي، ڳوٺ جي ھر پاڙي جي، ھر ويڙھي جي، ھر گھر ۾ پيو ويندو آھي.
ڳوٺ وارن کي شايد خبر پئجي وئي آھي ته؛ ”وارڙيو“ ٻڌائي ھڪ ڪم ٿو، پر خرچ ٻئي پاسي ٿو ڪري. يا ممڪن آھي ته ھن دفعي پيسا گھڻا گڏ ڪرڻا اٿس، جيڪي اڃا گڏ نه ٿيا اٿس، ان ڪري روزاني ساڳين گھرن ۾ به ڦوڙيءَ لاءِ وڃي نڪرندو آھي.


اڄ موڪل ھجڻ ڪري، آئون به ڳوٺ ويل ھيس. اوچتو ”وارڙيو“ ڪاپي ۽ قلم سميت اچي پھتو. چيائين؛ ”تون سدائين بچي ويندو آھين، ھن دفعي نه بچندين، جلدي ڪري ھڪ ھزار روپيا ڦوڙي ڏئي، پنھنجو نالو لکراءِ“.
ٿورا پيسا گھري ھا ته شايد آئون به ڏئي ڇڏيانس ھا، پر ھڪ ته پيسا گھڻا گھريائين ۽ ٻيو ته آئون به اڪيلو، ڪچھري لاءِ ٻاڙيو ويٺو ھئس. ان ڪري اسان بحث ۾ پئجي وياسين.
اڌ منو ڪلاڪ جي مٿاماري دوران ”وارڙيو“ ڳوٺ جي ڀلائيءَ جا ڪي پنڌرھن ويھه ڪم ڳڻائي ويو. تنھن ھوندي به مون نه مڃيو.
گھڻي ڇڪ ڇڪان ۽ راز کي راز رھڻ جو اعتبار ڏيڻ تي ٻُڌايائين؛ ”يار! سچ اھو آھي ته پنھنجو مجموعو ته آئون ڇپرائي ڪو نه سگھندس. گڏيل شاعريءَ جو ھڪ مجموعو پيو شايع ٿئي، ان ۾ پنھنجي شاعري ڇپرائڻ لاءِ ڇھه ھزار ست سئو اٺانوي روپيا حصو گھريو اٿن. ڳوٺ وارن کان جڏھن ڦوڙي گھرندو آھيان، ڪرڪو ڪري به ڏيندا آھن، پر ھي پيسا ڪجھه سرس آھن. تون سرنديءَ وارو آھين، سمجھو به آھين، ڀلائي ڪري، وڌيڪ نه، صرف ھڪ ھزار ڏي، ته ڪجھه اڳڀرو ٿي پوان، ٻيا پيسا آئون پاڻھي پٽ سٽ ڪري، ڪري وٺندس“.
ولو ”وارڙيو“ اسان جي ڳوٺ جو واحد واھيات شاعر آھي. سندس شاعريءَ ۾ شاعري ته رھي پنھنجي جاءِ تي، سگھڙائپ به ڳولئي نه لڀندي آھي. ھن منٿون ڪيون، دعائون ڪيون، ڌمڪيون ڏنيون، آخر بد دعائون ڏيڻ مان به نه مُڙيو. مون ته ولوءَ کي ڦوڙي نه ڏني، پر ٻين کي به جھلي ڇڏيم ته؛ ”ولوءَ کي ڦوڙي نه ڏيو“.

No comments:

Post a Comment