Thursday, October 18, 2018

زوجياتي ادب (سيزن-2) - طارق قريشي


زوجياتي ادب (سيزن-2)
ڪهاڻي نمبر 3
طارق قريشي
ميان بدرالدين جو دنيا ۾ ڪو بهترين دوست آهي ته اهو آهي جديد دور جو ٻهڳڻو ڪهاڻيڪار ضراب حيدر!
ضراب حيدر، پلنگ جي هيٺان، سوفا جي پويان، بازار جي ڪنڊ ۾، درگاھ جي ڏيڍيءَ وٽ، مسجد جي حجري ۾، گھٽيءَ جي ڇيڙي تي، ڪينٽين جي ڪچن اندر، گائني وارڊ جي ٻاهران، چوڪن ۽ چوراهن تي، گرلس هاسٽل جي ڀر ۾، هوائي اڏن، لاري اسٽانن، ريلوي جي ويٽنگ رومز، مڙهين، مقامن، اوتارن - مڪانن تي، ريسٽورينٽ ۽ هوٽلن، ڪافين ۽ آستانن جون مطلب ته ڌوٻيءَ گھاٽ کان سري گھاٽ تائين يا ته ڪهاڻيون پيو ڳولهيندو آهي يا وري ميان بدرالدين کي دل ۾ پيو ياد ڪندو آهي.


عزيزو! بس ان ريت ميان بدرالدين جو بي انتها پيارو دوست ۽ ناميارو ڪهاڻيڪار ضراب حيدر، هِتان هُتان اهي ڪهاڻيون ڳولهي ڦولهي، ميڙي، گڏ ڪري، ڇنڊي-ڦُوڪي، ڏاڏي جي زماني کان گھر ۾ رکيل رهبر واٽر ڪُولر ۾ محفوظ ڪري رکندو ويندو آهي. (سامي ٿورئي آهي جو مَٽ ۾ وجھندو!). سو ان ڏينهن به هڪڙي تازي ڪهاڻي سيلاٽن جي پاڙي مان لڀي کڻي آيو هئو ۽ رهبر واٽر ڪولر ۾ وجھي محفوظ ڪري رهيو هئو ته هن کي پنهنجو پيارو دوست ميان بدرالدين ياد اچي ويو.
اهو رهبر واٽر ڪولر هئو پر جيڪڏهن انگريزن جي دور جو ڪو آگبوٽ هجي ها يا ٽالپرن جي زماني جي ڪا توب جهڙي بندق هجي ها يا پاڪستان جي پهرين ٽپال جي ٽڪلي، يا وري ڪا به نادر شيءِ، ڪو پراڻو آثار يا ڪو مخطوطو.. مطلب ته قدامت جي زيارت سان هن کي هڪدم پنهنجو پيارو دوست ميان بدرالدين ياد ته اچڻو ئي اچڻو هئو.
ميان بدرالدين جي يادگيريءَ، ضراب حيدر کي نه رڳو بي چين ڪري وڌو پر هڪ پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. هن کي سنڀار ٿي ته گذريل ايڪيهن ڏينهن کان ميان بدرالدين سان نه ئي هن ڪانٽيڪٽ ڪيو هئو، نه ڪو وري ميان بدرالدين طرفان ڪو رابطو ٿيو هئو، ٻيو ته ٺهيو ميان بدرالدين ته فيس بوڪ تي به نظر ڪو نه پئي آيو.
ميان بدرالدين جو ايئن ڪنڊائتو ٿي وڃڻ، سو به يڪا سڄا سارا ايڪيھ ڏينهن! اها ڪا عام ڳالھ ڪو نه هئي. خود ميان بدرالدين به ته عام ماڻهو ناهي، هڪڙي غير معمولي شخصيت آهي! ۽ هن کي يعني ميان بدرالدين کي ۽ ميان بدرالدين جي غير رواجي غوطي (اوچتي ٽُٻِيءَ) کي ڀلا ڪيئن نظر انداز ڪري ٿو سگھجي؟!
يار جي ياد اچي ته اجل به قدم روڪي ڪو نه ٿو سگھي. ضراب حيدر به واءَ مِينهن کي شهه ڏيندو، رِيس ڏياريندو سڌو وڃي ميان بدرالدين جي آفيس پهتو.
ميان بدرالدين جي سامهون واري چيئر تي ويهندي پڇيائين: ”ڏي خبر! سڀ خير خيريت ته آهي نه؟ پوڻن ٻن ڊزن ڏينهن کان نه رڳو مون کان دُور آهين پر دنيا کان به غائب آهين؟“
”نه پڇ يار، اڄ ئي آفيس آيو آهيان. ٽي هفتا ته اسپتال ۾ هئس؟“
”پتي جو آپريشن هئو ڇا؟
”پتو ته پر سال ئي ڪڍرائي ڇڏيو هئم“.
”باقي ڇا هئو؟ غُدودان معده ۾ جيڪا خانه جنگي ٿيندي هئي، ان جي دوا ته ڏني هئيمانءِ، استعمال نه ڪيئي ڇا؟
”نه نه، تنهنجي ڏنل دوا ته امرت سمجھي استعمال ڪندو آهيان. تنهنجي هوميوپيٿڪ ڊاڪٽريءَ جو قسم! تنهنجون ڏنل دوائون، سرجريءَ کان سواءِ باقي هر درد ۾ مون لاءِ اڪسير آهن“.
”ته پوءِ ٻڌاءِ نه ته، هاسپيٽلائز ڇو ٿيو هئين؟ خدا نه خواسته فطرت ۾ موجود دائمي نخسچِير وري ته اُٿلي نه پيو هئو؟“
”نه، اهڙو ڪو به لاحقو يا عارضو ڪو نه ٿيو هئو!“
”ته پوءِ اسپتال ڀيڙو ڪيئن ٿئين؟
”بس يار ڪجھ ضعف حافظه سمجھين يا تواتر نِسيان...“
ضراب حيدر ڳڻتيءَ وچان پڇيو: ”حافظي جي ڪمزوري يا ويسر جو وڌي وڃڻ ته پوڙهن ماڻهن جو مسئلو آهي، تو کي ته مون صفا ارڙنهن سالن جو ڇوڪرو ڪري ڇڏيو آهي، اهي اهي ڦڪيون، معجون ڪُشتا، ٻُڙا ۽ ڪک استعمال ڪراياٿمانءِ جو نڪو ڪڏهن دماغ جو کيسو خالي ٿيندئي ۽ نه وري ڪڏهن چاهت وارو چيڪ بائونس ٿيندئي“.
ميان بدرالدين ٿڌو ساھ کڻي چيس ته؛ ”يار! ويسر جڏهن عادت ٿيو وڃي ته ماڻهو مئل سمجھ... جهڙا منهنجا پرڪار آهن نه، ڪنهن ڏينهن ساھ کڻڻ به وسري ويندم.“
آخر ٿيو ڇا هئو، ڇو اسپتال ۾ داخل ٿيو هئين؟“
”تو واري ڀاڄائيءَ يعني منهنجي زوجه محترمه مسمات قمرالنساءِ، ان ڏينهن پنهنجي وارڊروب جي صفائي شروع ڪئي هئي. جيڪي هاڻ وڌيڪ پائڻا ڪو نه هئس، اهي ڪپڙا الڳ ڪري پئي رکيائين. انهن ۾ اڪثر وڳا ته اهي برانڊيڊ سوٽ هئا جيڪي هن فقط هڪڙو يا ٻه ڀيرا پاتا هئا. چيائين ته هي ڪپڙا آئون خدا-واسطي ورهائيندس. مون چيو ته، ويري گڊ، زبردست! پر ڏيندينءَ ڪنهن کي؟ چهري کي خداترس بڻائيندي چيائين، هي ڪپڙا غريب اڃايل ۽ بکايل عورتن کي ڏينديس.
خبر ناهي باآواز بلند سوچيو هئم يا خفيف ڀڻڪن ٻُڌي وٺڻ واري صلاحيت ڪم آيس پر جيڪو جملو منهنجو ناقابل معافي گناھ بڻيو سو هن جھٽي ورتو هئو. مون فقط ايترو ئي چيو هئو ته تنهنجي صحتمند ماپ تي سبيل ڪپڙا، اڃايل ۽ بکايل عورتن لاءِ شامياني جو ڪم به ڏئي ويندا...
بس ڙي ادا ضراب حيدر !... وڌيڪ تون پاڻ تصور ڪر ته زبان جي ترڪڻ واريءَ ان گھڙِيءَ کان وٺي اسپتال جي بستري تي پهچڻ واري قليل وقت ۾ جيڪا طويل قيامت آئي، اها ڪنهن هولوڪاسٽ کان گھٽ نه هئي...“
ان وقت فون تي ٽيڪسٽ ميسيج اچڻ جو رنگ ٽون ٻڌڻ ۾ آيو. ضراب حيدر، ميان بدرالدين کي فون ڏي اشارو ڪندي چيو؛ ”لڳي ٿو ته ڪو ميسيج آيو اٿئي.“
ميان بدرالدين، فون ڏي نهارڻ کان سواءِ ئي وراڻيو: ”تو واري ڀاڄائيءَ يعني منهنجي زوجه محترمه مسمات قمرالنساءِ جو ئي ميسيج هوندو.“
”ٿي سگھي ٿو ته ڪو ضروري ڪم هجيس. ممڪن آهي ته ميسيج ڪرڻ واري سان ڪا ارجنسي يا امرجنسي هجي، ميسيج هڪدم ڏسي وٺندو ڪر لالا!“
”محترمه مسمات قمرالنساءِ جا ميسيج پڙهڻ لاءِ حوصلا نه هماليا جبل کپن دوست!“
”مون کي ڏي فون، آئون ٿو ميسيج پڙهان!“
ميان بدرالدين ڊڄندي ٿڙڪندي پنهنجو فون سيٽ، ضراب حيدر جي حوالي ڪيو. ضراب حيدر، ان باڪس کولي، وڏي سر مسمات قمرالنساءِ جو ميسيج پڙهڻ شروع ڪيو:
”آفيس مان واپسيءَ تي درجن بيضا، هڪڙي بران بريڊ ۽ سراج الدين جا ڊائپرز ياد سان آڻجانءِ.
ڀاڄي به ختم ٿي وئي آهي. ڪلو پٽاٽا، ڪلو ٽماٽا، ڪلو ڀينڍيون، سائو مصالحو جنهن ۾ ٿوم، ادرڪ، ڦُودنو، ساوا ڌاڻا، سنها ساوا مرچ هجن ۽ لِيمان ضرور ضرور آڻڻا اٿئي ۽ ياد رک پنهنجي ڦڦي نسرين جي نڪ جهڙا ڦٿل ٽماٽا آندا اٿئي ته پاڻ سمجھين ٿو. ڏسي وائسي وٺجانءِ، متان ننڍڙا ننڍڙا ۽ ساوا ساوا پنهنجي چنجھين اکين جيترا ٽماٽا وٺي اچين.
اڌ ڪلو ڪڪمبر به آڻجانءِ. ڀاڄيءِ واري کان پڇي وٺجانءِ، پنهنجو عقل استعمال نه ڪجانءِ، گذريل ڀيري ڪڪمبر جي جاءِ تي توريون وٺي آيو هئين.
ٿورو فروٽ به وٺي اچجانءِ. اڌ ڪلو انگور، درجن ڪيلا، (ڏسي وائسي وٺجانءِ). ملڪ پيڪ جو لٽر وارو دٻو ۽ پاءُ کن ڏهي به وٺجانءِ.
ادا راجوءَ جي لانڊريءَ تان منهنجو ڊراءِ ڪلين لاءِ ڏنل ايپرن به کڻندو اچجانءِ ۽ رستي ۾ مارڪيٽ جي ڪنڊ تي موچي ويٺو آهي، ان کان سراج جو اسڪول بيگ کڻجانءِ نئين زپ هڻڻ لاءِ ڏنو هئومانس.
ستار ڀائي ٽيلر کان منهنجو سُوٽ به وٺجانءَ، تيار ڪري ڇڏيو اٿس، متان وسري وڃئي.
۽ ٻيو اِهو ته اڄ تانيا آئي هئي، ڏاڍي سهڻي ٿي پئي آهي، قد ڪاٺ ته هونئن ماشاءَالله زبردست اٿس، پر هاڻي ته رنگ به نکري پيو اٿس... تانيا تو لاءِ تمام گھڻا سلام چيا آهن...“
ضراب حيدر، هڪدم انرجيٽڪ ٿيندي پڇيو؛ ”ڏي خبر، اها تانيا ڪير آهي؟ تانيا .. جنهن جي تعريف ڀاڄائي قمرالنساءِ ڪري، ته معنيٰ .... ڪا شخصيت هوندي! “
ميان بدرالدين جيڪو اڳ ئي بتال لڳو پيو هئو، بي اختيار ٻئي هٿ اکين تي رکندي چوڻ لڳو: ”نُور ڀٽاري جو سُنهن، پهريون ڀيرو پيو اهو نالو ٻُڌان.... “
ضراب حيدر مرڪي چيو؛ ”ميسيج ۾ پڇي وٺ؟ آئون ٿو ٽيڪسٽ ڪيان؟“
زال کان تانيا جي حسن جو ذڪر ٻڌي ميان بدرالدين به بي تاب ٿي چڪو هئو. هڪدم زور زور سان ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪرڻ لڳو.
ضراب حيدر ٽيڪسٽ ميسيج کي رپلاءِ ڪندي لکيو:
”اها تانيا ڪير آهي؟“
ميسيج، سينڊ ٿيو. منٽ به پورو ڪو نه گذريو هوندو ته موبائيل فون ”ٽُون – ٽُون“ جو آواز ڪيو. ضراب حيدر هڪدم کڻي ميسيج کوليو. لکيل هئو:
” آئون تنهنجي آنڊن گُونڊن مان به واقف آهيان ٻَچُو! گھر اچڻ کان پوءِ تون چئين ها ته ڪم ۾ ڏاڍو بِزِي هئس، ميسيج ته مون ڏٺو ئي ڪو نه هئو. تانيا ٻانيا ڪير به ڪونهي. مون کي دراصل چيڪ ڪرڻو هئو ته تو ميسيج پڙهي ڇڏيو آهي“.
ميان بدرالدين، ضراب حيدر ڏي ۽ ضراب حيدر ميان بدرالدين ڏي ڏٺو.
ٻنهي هڪ ئي وقت هڪڙو تمام ڊگھو ۽ گھرو ساھ کنيو. ضراب حيدر سگريٽ ڪڍي دکايو ۽ پوءِ انتهائي ڳنڀير انداز ۾ چيو: ”تو لاءِ غيب مان ڪا مدد اچي ته ٻي ڳالھ آهي، باقي معروضي حالتون ٻڌائين ٿيون ته حياتي، تو لاءِ عالمگير امن جي خواهش وانگر هڪ اڻ ٿيڻي حقيقت بڻجي وئي آهي لالا!“
ميان بدرالدين کي اوچتو ڪا يادگيري اچي وئي، چوڻ لڳو: ”غيبي مدد جي ذڪر تي هڪڙي ڳالھ ياد اچي وئي اٿم. ڪلھ رات وارو واقعو ٻڌايانءِ...پر تون اعتبار ڪو نه ڪندين!“
”ڇو نه اعتبار ڪندس؟“
”يار! تون چوندين ته آئون دماغي خلل ۾ مبتلا ٿي ويو آهيان.“
”پريشان نه ڪر، آئون تو بابت ايئن ڇو سوچيندس؟“
”ڳالھ ئي ڪجھ اهڙي آهي جو آخر ۾ تون چوندين ته آئون اسڪيزوفرينيا جو شڪار ٿي ويو آهيان.“
”شيزوفرينيا؟! پر تون ڇو شيزوفرينيا يا اسڪيزوفرينيا جو شڪار ٿيندين؟“
”ڪالهوڪي رات وارو واقعو ٻڌائيندس ته ڊيفينيٽلي مون کي اسڪيزوفرينڪ ئي چوندين.“
ضراب مسڪرائي چيو، ”چڱو، تون واقعو ٻڌاءِ ته سهي!“
ميان بدرالدين هيڏانهن هوڏانهن نهاري، پوءِ ضراب ڏي ٿورو ويجھو ٿيندي، آواز کي جھيڻو رکندي چوڻ لڳو: ”ڪالھ رات نائين ڏهين وڳي ڌاري، آئون هاسپيٽل مان ڊسچارج ٿي گھر پهتس. وِيڪنيس هُئي يا شايد ڪجھ ڏينهن ٻئي ماحول ۾ رهيو هئس، تنهن ڪري رات جو پنهنجي بيڊ روم ۾ دير تائين ننڊ ڪو نه پئي آئي. ڏيڍ فوٽ جي فاصلي تي منهنجي ڀر ۾ تو واري ڀاڄائيءَ يعني منهنجي زوجه محترمه مسمات قمرالنساءِ سُتي پئي هئي. حسب دستور، هن کي جلدي ننڊ اچي وئي هئي.
آئون الائي ڪيتري دير تائين جاڳندو رهيو هئس. آخرڪار ڀانئيان ٿو ته ڪلاڪ ٻن کان پوءِ گھري ننڊ اچي وئي هوندي.
رات جي پوئين پهر ۾ اوچتو اک کلي وئي. تو واري ڀاڄائيءَ يعني منهنجي زوجه محترمه مسمات قمرالنساءِ ان وقت به انتهائي گھري ننڊ ۾ هئي. منهنجي نظر هن جي پيرن تي پئي.
ضراب! تون يقين ڪندين ته تو واري ڀاڄائيءَ يعني منهنجي زوجه محترمه مسمات قمرالنساءِ جي پيرن ۾ هڪڙي خطرناڪ نانگڻ ڪر کنيو ويٺي هئي.
لڳو ٿي ته اها خطرناڪ نانگڻ، اجھو ڪي اجھو ڏنگ هڻندس. پر هڪڙو، پوءِ ٻه ۽ پوءِ ٽي منٽ ۽ ان بعد ڏھ پندرنهن منٽ ٿي ويا، پر تو واري ڀاڄائيءَ يعني منهنجي زوجه محترمه مسمات قمرالنساءِ جي پيرن ۾ ويٺل خطرناڪ نانگڻ جيئن جو تيئن ئي ڪر کنيو ويٺي هئي. گھري ننڊ ۾ ستل مسمات قمرالنساءِ کي ٽِڪ ٻڌي ڏسي رهي هئي.
آئون حيران پريشان مسمات قمرالنساءِ جي پيرن ۾ ويٺل خطرناڪ نانگڻ کي ڏسي رهيو هئس.
خبر ناهي باآواز بلند سوچيو هئم يا انهيءَ خطرناڪ نانگڻ ۾ به تو واري ڀاڄائيءَ يعني منهنجي زوجه محترمه مسمات قمرالنساءِ وانگ خفيف ڀڻڪن ٻُڌي وٺڻ واري صلاحيت هئي... حيرت جي ڳالھ اها آهي ته هن خطرناڪ نانگڻ به پڪ سان ٻڌو ۽ مون کي به پنهنجو آواز چِٽو ٻڌڻ ۾ آيو هئو. آئون هزياني انداز ۾ چئي رهيو هئس: ”ڏسين ڇا ٿي؟ ڏنگ هڻينس، ڏنگ هڻينس، جلدي ڪر، دير نه ڪر ڏنگ هڻينس.“
انهيءَ خطرناڪ نانگڻ ۾ نه رڳو تو واري ڀاڄائيءَ يعني منهنجي زوجه محترمه مسمات قمرالنساءِ وانگر خفيف ڀڻڪن ٻُڌي وٺڻ واري صلاحيت هئي پر گڏوگڏ هن خطرناڪ نانگڻ وٽ قوت گويائي يعني ڳالهائڻ جي سگھ به هئي. هن جيڪو ڳالهايو، اهو به بنهه چٽو، صفا واضح ٻڌڻ ۾ آيو هئو. چيائين:
”مان نمرتا ۽ آدر وچان هن جا پير ڇُهي پرڻام ڪرڻ آئي هئس. چريا! مسمات قمرالنساءِ گُرو آهي اسان جي!“

No comments:

Post a Comment