Saturday, October 6, 2018

لونگ جو آھي الله - ابوبڪر کوسو


لونگ جو آھي الله
ابوبڪر کوسو
صبح سندي سھائڻ ساڻيھ مٿان وري ويئي، جنھن جي روشني رات جي ڪاراڻ کي ڪوھين پري ھٽائي ڇڏيو ۽ ماڻھو، مرون توڙي پکي پکڻ ننڊ مان نيڻ کولي نھارڻ لڳا. انھيءَ مھل عبادگذار انسان ذڪر الاھه ۾ محو ٿي ويا ۽ عبادت کان نورا ٿي ٻين ماڻھن جيان پنھنجي قوت گذر لاءِ ٽڙيو پکڙيو پئي ويا.


ھوڏانھن مارو، مال وٿاڻ تان واري، چاري ڪاڻ ڪاھيندي ويو پئي، ھيڏانھن سڙڪن ۽ گھٽين مان ھارون ھٿ گاڏي وار، کٽمٺين، وڙن ۽ مٺن لولين جو ھوڪو ڏيندو ٻچن ٻارن کي سجاڳ پئي ڪيائين. ھن ھوڪي تي ڳڀرو ٻار ھنڌن مان اٿندي ساڻ منھن ڌوتو نه ڌوتي جھڙو، مائٽن کان پئسو ڏوڪڙ ڇڏائيندي گرڙي وڃي در کان ٻاھر ڦٽي ڪندا ساھي وڃي ھٿ گاڏيءَ وٽ کنيائون. نيرن کان اڳ ئي ٻارڙب جا وات چالو ٿي ويا. ڪي ھٻڇي ۽ سڪڻا ٻار پنھنجي پئسي جي شيءِ کائيندي به ٻين کان ڀور ڀڪو پئي ڇڏايائون. مطلب ته ٻارن جي ٻيگھي مچي ويئي ۽ سندن عجيب رونشو لڳو پيو ھو.
ٻارڙا اڃا پنھنجيءَ ۾ ئي پورا ھئا ته اوچتو پري کان ھل ۽ گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو ۽ انھيءَ گوڙ ڏانھن ڪن ڏنائون ۽ سھي ڪيائون ته ھيءُ ھل ڇا جو آھي. پوءِ ته راند روند ۽ ٻيون ڳالھيون سڀ کانئن وسري ويون. ڊوڙندا ڊڪندا وڃي انھيءَ گوڙ ۾ گڏيا. انھيءَ وڏي گوڙ تي جي سمھيا ٻار ھئا سي به ترت سجاڳ ٿي پيا ۽ اکيون مھٽيندا وڃي انھن جي ويجھو ٿيا. ھن تماشي ڏسڻ لاءِ واٽھڙو به ھلندي ھلندي رڪجي پيا. تنھن کان سواءِ گھرن مان ماڻھو، در ۽ دريءَ تان بيٺي ڏسڻ لڳا. سڀني ننڍن توڙي وڏن جون اکيون ھڪڙي ماڻھوءَ ۾ ھيون جنھن تي ھيءُ سڀ گوڙ شور ٻارڙن جو ھو. ھن جي ڪنڌ تي تمرن جي ڀري رکيل ھئي. اڌ وھيءَ جو انسان، جنھن کي گرڙي گوڏ ٻڌل ۽ بت تي ڦتي پيل ھئي. اڳيان لونگ ته پويان ڇورڙن جي ڇانگ.
ٻارڙن مان ھڪڙي ڇوڪر، سندس ويجھو اچي وڏي واڪي چيو؛
”ماما لونگ! اسان جون مينھون آھن ۽ ڍڳيون آھن.“
انھيءَ جي جواب ۾ لونگ وراڻيو؛
”ھائو ابا! منھنجو به آھي الله.“
انھيءَ وراڻيءَ تي ٻار الاءِ جي ڇو سرھا ٿيندا ھئا ۽ ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ ٽھڪ ڏيندا ھئا. وڏا ماڻھو وري انھيءَ جواب تي ھڪ ٻئي جي منھن ۾ نھاريندا ھئا ۽ ڄڻ ته چئي رھيا ھجن؛ ”ڏسو ته سھين. ھھڙي ھيڻي حال ۾ ھيءُ انسان الله سائين کي نه ٿو وساري ۽ پنھنجو ڀرجھلو ۽ وسيلو انھيءَ کي ئي سمجھي ٿو، سبحان الله!“
جيسين ٻار کلڻ ۽ خوش ٿيڻ لڳا، تيسين لونگ وٽانئن ڳچ پنڌ پري وڃي پھتو. جڏھن سرت ٿين تڏھن ڏسن ته مار! لونگ ته ڏور وڃي رسيو. پوءِ وري ٻارڙن جي ڊوڙ ڦٽي ويئي ۽ لونگ ٿو انھن کان نڪري وڃي؟ نيٺ وڃي وٽس رسيا. انھن ٻارڙن مان ڪنھن نينگريءَ چيو؛ ”ماما لونگ! او ماما لونگ!“
تنھن تي چيائين؛ ”جيءُ امان!“
”ماما لونگ! اسان جي ماڙي آھي.“
”ھائو امان! منھنجو به الله آھي.“
ائين چوندو ڪنڌ ھيٺ ڪري سٽيندو ويو. ھڪڙا ٻار مس مس جند ڇڏينس ته ٻيا بار پٺ ۾. جي ڪو به ٻار چوندو ھو ته؛ اسان جو ھيءُ آھي، اسان جو ھو آھي، پر لونگ وٽ سون ڳالھين جي ھڪ ئي ورندي ھئي ته؛ ”منھنجو به آھي الله.“ ٻار جيڪڏھن ائين نه چون ھا ته جيڪر کين جواب ڪيئن ملي ھا؟ انھيءَ ڪري رڳو کانئس جواب وٺڻ لاءِ ماڙين، بنگلن ۽ ڍڳن ڍورن جي ڊاڙ ھڻندا ھئا.
لونگ، ڪراچي جي الاءِ جي ڪھڙي ڪنڊ ۾ رھندو ھو، پر ايتري ته ڄاڻ ھئي ته ھو ڇپر جي پاسي جو ھو ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪيترن ورھن کان وٺي رھڻ لڳو. سندس اھا ڏھاڙي جي ڪرت ھوندي ھئي ته صبح ساڻ سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي جيڪي تمر بيٺل ھوندا ھئا سي وڍي ۽ ھڪ پٺارڪ جيترا کڻي اچي شھر جي پاسي وڪڻي ايندو ھو ۽ انھيءَ مان جيڪي ڪمائيندو ھو، تنھن مان پنھنجو گذر سفر ڪندو ھو. اھي تمر، ڍڳا ڍور ۽ اٺ چاھ سان کائيندا آھن. الله جي قدرت آھي جو سمنڊ جي وھ جھڙي پاڻيءَ مان به جانورن لاءِ سائو گاھ پيدا ٿيندو آھي، نه ته ھتي سائي گاھ لاءِ مال پيو سڪي. لونگ کي وڌيڪ لالچ ڪمائڻ جي بنھ ڪا نه ھوندي ھئي. ڏھاڙي ھڪڙي ڀري وڪڻي ايندو ھو ۽ الله وارن جيان؛ ”نئون سج، نئين روزي.“
لونگ کي ايندي ويندي، ٻارڙن سان ڏيٺ ويٺ ٿيندي رھندي ھئي. اھا ته سڀ ڪنھن کي خبر آھي ته ٻارن کي شل ڪنھن جي چيڙاڻي ھٿ نه اچي. جيڪڏھن انھن کي ڪنھن جي چيڙاڻي ھٿ اچي ويئي ته پوءِ انھيءَ جي جند تيسين نه ڇڏيندا جيسين کيس مورڙي جي مقام تي نه موڪليو اٿن!
لونگ واندڪائي جي ويل ھڪڙي ٽڪر جي مور ۾ کوھ پيو کوٽيندو ھو. ڏھاڙي ٿورو ٿورو کوٽڻ سان ڌڻي سڳوري جي قدرت جو انھيءَ جي محنت صاب پيئي ۽ ڳچ ڏينھن کان پوءِ برابر پاڻي پيدا ٿيو سو به مٺو جھڙي مصري. ھن ھيءُ کوھ خدا ڪارڻ ٺاھيو ھو. سو ڪنھن کي به ھن کوھ تان جھل پل ڪا نه ھئي. ھر ڪو پنھنجي گھرج سارو پاڻي ڀري ويندو ھو. ھڪ ڏينھن اوسي پاسي جي ڪنھن سکر ماڻھو کي سڌ پيئي ته فلاڻي کوھ کوٽيو آھي، جنھن ۾ بنھ مٺو پاڻي نڪتو آھي، تنھن کي ھڪ ھنڌ خيال ٿيو ته، ڇو نه ھي کوھ خريد ڪري پنھنجي گھر لاءِ ۽ چوپائي مال لاءِ پاڻيءَ جو سھنج ڪريان! اھو پھ پچائي لنگھي آيو لونگ وٽ ۽ کيس سوين رپيا آڇيائين ته ھيءُ کوھ مون کي وڪڻ. پر لونگ، جنھن کي دنيا سان نه دل ھئي، نڪي مايا سان محبت! تنھن چيس؛ ”ادا! آ انھن روپين کي ڇا ڪندس! مون کي سائينءَ بازو سلامت ڏنا آھن، ڏھاڙي ڪمائي پنھنجو پيٽ جو دوزخ ڀريندو آھيان. ھيءُ کوھ ته مون خدا ڪارڻ ٺاھيو آھي، تنھن جو ملھ مالڪ پاڻ ڏيندو. مون کي ڪنھن ڌن دولت جي لالچ ڪانھي.“
ڳالھ کٽائيندي چيائينس؛ ”منھنجو ته آھي الله!“

(ماھوار نئين زندگي، پاڪستان پبليڪيشنس، پوسٽ باڪس نمبر ۱۸۳، ڪراچي - ۱، جولاءِ ۱۹۶۳ع، ص ۵۹ کان ص ۶۰ تائين، تان ٿورن سان کنيل)


No comments:

Post a Comment