Sunday, September 30, 2018

اولڙو - محمد علي پٺاڻ


اولڙو
ڪهاڻي
محمد علي پٺاڻ
”ٻڌ!“
”جي،“
”تو مون ۾ اهڙي ڪهڙي شيءِ ڏٺي هئي جو بابي کي منهنجي سڱ عيوض لک رپيا ڀري ڏنئي؟“
”هڪ تون بڻيائتي خاندان جي هئينءَ، جنهن جي ستن پيڙهين پنهنجي نڪ تي مک ويهڻ ناهي ڏني ۽ ٻيو تون سهڻي به تمام گهڻي هئينءَ.“
”تون نه منهنجي جيڏي تعريف ڪندو آن، آئيني ۾ پاڻ کي ڏسندي آهيان ته سچ، ڏاڍي لڄي ٿيندي آهيان. تون منهنجي ايڏي تعريف ڇو ڪندو آن؟“
”تنهنجي سونهن جو حق ادا ڪندو آهيان. ياد ٿئي، جڏهن پهريون دفعو پڦاٽن جي شاديءَ ۾ توکي ڏٺو هوم؟“
”ها ياد آ، چتائي پيو ڏسين. اک ئي نه پيو ڪڍين مون مان.“


”ها ها، ائين ئي هو، تڏهن تون اڃا ايڏي وڏي به نه هئينءَ، پر ڏٺو مانءِ جو ته اصل وڻ ئي وڄي ويا. تڏهن کان ئي توکي حاصل ڪرڻ جو هورا کورا ۾ ڏينهن ۽ راتيون هڪ ٿي ويا.“
”بابي ته ادي عارب کي پرڻائڻ ۽ ڪنهن هلڪي ڦلڪي ڌنڌي سان لڳائڻ جي مجبوريءَ ۾ ئي توکان منهنجي سڱ جو لک رپيا ورتو. پر جي هن کي اها مجبوري نه هجي ها  ۽ هو توکي منهنجو سڱ نه ڏئي ها ته ڇا ڪرين ها؟“
”پنهنجن سمورن سنگتين کي ساڻ ڪري، ڏينهن ڏٺي جو کڻي وڃانءِ ها، ها“
”پر جي مان هلان ءِ ئي نه ها ته ...“
”ماري ڇڏيانءِ ها اوڏي جو اوڏي مهل.“
”ڇو؟“
”انڪري ته مون کان سواءِ تون ٻئي ڪنهن جي به ديد جي دلبر ٿي نه پئي سگهينءَ، ڪنهن ٻئي کي اها طاقت ئي نه هئي، جو اهو توکي پنهنجي اک جي اڻيءَ ۾ اٽڪائي ها.“
”تنهنجي، اکين ۾ مان پهرين ته ڪا نه هيس، مون کان اڳ ۾ صغريٰ کي به ته تو پسند ڪري پنهنجي نڪاح ۾ آندو هو.“
”هن جي ڳالهه نه ڪر. هوءَ لُچي هئي. شاديءَ کان اول پنهنجي ماروٽ فيضوءَ سان کريل هئي.“
”اهو توکي ڪنهن ٻڌايو؟“
”بس، ڪنهن ته ٻڌايو.“
”پر، امان وڏي ته چئي ٿي ته شاديءَ جي پهرين رات تنهنجي لانئن جي چادر هن جي ستَ ۽ سيل سان ڳاڙهي هئي.“
”اهو هن جي ماءُ جو ڊرامو هو. جيڪو ڳوٺ جي ڌوتين سان گڏجي هن لانئُنِ مهل ڳُجهي نموني ڪيو هو.“
”پر امان وڏي ته ڪوڙي ڪانهي. هوءَ ته چوي ٿي ته ...“
”تون ڇڏ امان وڏيءَ کي. هن جهڙي سادي تو ٻي ڪا زائفان ڏٺي ئي ڪا نه هوندي. هن کي نماز پڙهڻ ۽ قرآن شريف جو سبق ڏيڻ کان سواءِ زماني جي اٿي ويٺيءَ جي ڪهڙي خبر.“
”ايئن نه چئه، سڄي ڳوٺ ۾ هن جو نالو آ. قرآن پڙهائڻ جو نه ڪنهن کان پئسو پائي وٺي، نه جوڙو پوتي. مان ته جڏهن کان پرڻجي آئي آهيان ته ويٺي ٿي ڏسان ته ڳوٺ جي ننڍي وڏي، ٻار ٻچي ۾ ڄڻ هن جو ساهه آ ۽ اُهي سڀ به پنهنجي سڳي ماءُ کان وڌيڪ ٿا ڀانئن هن کي. هوءَ سادي ۽ عقل کان عاري هجي ها ته سڄي ڳوٺ وارن جا مسئلا ۽ مونجهارا ڪيئن وتي ها حل ڪندي. ٻن رٺلن کي کير کنڊ ڪرڻ ته ڪو هن کان سکي ۽ ڳوٺ ۾ هي جيڪو امن ۽ سڪون آهي، سو به ته امان وڏيءَ جي ڪري ئي آهي. ان ڏينهن ته هڪ مائيءَ ايترو به پئي ٻڌايو ته هيستائين ڳوٺ ۾ ڪو خن خرابو نه ٿيو آ، ته اُهو به صرف هِنَ زائفان جي ڪري ئي ۽ تون ٿو چوين ته هن کي زماني جي اٿي ويٺيءَ جي خبر ناهي.“
”امان کي توکان وڌيڪ مان سڃاڻان. هوءَ جيئن پاڻ نيت جي صاف ۽ چڱي آ، ائين چڱائيءَ جو وتندي آ هو ڪو ڏيندي. اجايو. پڇيس ته تنهنجو ڇا، جو آڌي مانجهيءَ برقعو مٿي ۾ وجهي، وڃي ٿي پرائو مٿي جو سور، پنهنجي مٿي ۾ وجهين.“
”اڙي، اهي امان وڏيءَ جون چڱايون ئي ته آهن، هن جي صلح پسنديءَ جا سبق ئي ته آهن، جو ڳوٺ ۾ هيل تائين ڪنهن به ماڻهوءَ، ماڻهوءَ کي ناهي ماريو، سواءِ تنهنجي.“
”مان به ڪو وحشي جانور ناهيان. پر ٻين وانگر نڪ هيٺان اهو ڪجهه گذاري نه سگهيس.“
”يعني ته ٻين ۾ غيرت گهٽ ۽ تو ۾ ڪجهه سبيل آهي؟“
”ائين ئي سمجهه“
”هڪڙي ٻي ڳالهه ٻڌائيندين؟“
”ڪهڙي؟“
”ٻه سال اڳ علوءَ وارن جي گهر تون گهريو هئين ڇا؟“
”اهو به توکي امان ٻڌايو آ ڇا؟“
”نه، امان نه _ ٻين ماڻهن جي واتئون ٻڌو ٿم.“
”ها، گهريو هوس.“
”ڇو؟“
”انهن ڏينهن ۾ چورن سان چَسَ هئي، سو انهن جي چوڻ ۾ اچي، چوريءَ جي خيال سان گهريو هوس.“
”پر ماڻهو ته ڪجهه ٻيو ٿا ٻڌائن.“
”ڇا ٿا ٻڌائن؟“
”چون ٿا ته تون هن جي ڌيءَ زيبيءَ تي هِرک هاري ويٺو هئين.“
”ماڻهن جي مُنهن ۾ پئي آ ڌوڙ.“
”ڪاوڙجين ڇو ٿو؟“
”ڪاوڙجان نه ته ٻيو ڇا ڪريان، تون به ڳالهيون ئي اهڙيون ٿي ڪرين نه.“
”ڪهڙيون ٿي ڳالهيون ڪيانءِ. ائين پُڇان ٿي. نٿو ٻڌائين ته ٺيڪ آ، مان ڳالهائڻ پچر ئي ڇڏي.“
”نه نه، ائين ڪو نه ٿو چوانءِ ته نه ڳالهاءِ، پر ڍنگ جي ڳالهه ڪر نه.“
”نه ڪو. مان بس ڪئي.“
”چڱو، مان هاڻي صفا نٿو ڪاوڙجان، پُڇُ، ڀلي جيڪو وڻئي سو پڇُ“
”ته ٻڌاءِ، ته علوءَ وارن توکي پڪڙي ورتو ها ڇا؟“
”ها.“
”ڪيئن؟“
”ڪِليِ مان ڍڳي ڇوڙي اڃا ٻاهرين دَرَ تي مَسَ پهتو هوس ته پويان علوءَ جو وڏو پٽ نورو جاڳي پيو هو.“
”پوءِ!؟“
”ٻڌي پوليس ۾ پيا ڏين، پر امان کي الائي ڪنهن ٻڌايو. جنهن اچي اوڏيءَ مهل ڇڏايو.“
”۽ امان وڏيءَ قرآن ڏئي، هنن کان توکي نه مارڻ جو وچن ڀي ورتو هوچا؟“
”ها.“
”اهو ڇا جي ڪري؟“
”انڪري جو مون هنن جو لوڙهو لتاڙيو هو ۽ ٿورو شڪ به ٿي پيو هونِ مون ۾.“
”شَڪُ هاڻي دور ٿيو اٿن؟“
”ها، هاڻي کلندا ڳالهائيندا آهن.“
”اکيون ڇوٿيون ٻوٽبيون وڃنئي؟“
”اکين ۾ ننڊ ڀري بيٺي آ.“
”هونئن ته دير تائين جاڳندو آن.“
”اڄ مڙئي ڪجهه ٿڪ ٿي پيو آ. ٻنيءَ جي ڪم مان واندو ٿي، ٽي ڪلاڪ هوٽل تي ويهي وي سي آر تي فلم به ڏٺي ٿم.“
”هوٽل تي ايترو وقت ڇو ويهندو آن؟“
”سنگت جي رَهَلي جي ڪري.“
”اتي مان ياد نه ايندي آهيانءِ نه؟“
”ايندي آن، پر ڇا ڪجي، سنگت سان به ته مُنهن ڏيڻو آ.“
”اڳي جو واعدو ڪيو هُيئي ته سج لٿي کان پوءِ سڄو وقت تنهنجو آ، ڪاڏي ويو اهو واعدو؟“
”ياد آ، چڱيءَ طرح ياد آ. پر هاڻي اڄ جون ڳالهيون اتي ختم، ننڊ کنيون ٿي وڃي.“
”پر مونکي ته ننڊ نه ٿي اچي.“
”اکيون ٻوٽيندينءَ ته اچي ويندئي.“
”نه، اڄ ننڊ نه، ڳالهيون ڪبيون. امان وڏي به ساجهر سُمهي پئي آ. انڪري مان اڄ توسان ڍير ساريون ڳالهيون ڪنديس.“
”چڱو ٺيڪ آ. جنهن ۾ تون راضي.“
”ڀلا، صغريٰ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندين؟“
”ڇا ٻڌايانءِ؟“
”اهو ته، هوءَ توکي وڻندي هئي؟“
”وڻي نه ها، ته شادي ڇو ڪيانس ها.“
”امان وڏي ته چوي ٿي ته شاديءَ کان پوءِ جيئن ئي ويچاريءَ کي اچي ٽي بيءَ جي مرض ورايو، ته تو به هن کي پنهنجي دل جي ڦرهيءَ تان لاهي ڇڏيو.“
”جي ائين هجي ها ته علاج ڇوڪرايانس ها.“
”علاج به امان وڏي چوي ٿي ته ڀاڻس ئي ڪرايو. تو ته چئين آني جي ٽڪي به نه وٺي ڏني هيس.“
”مان نه وٺي ڏيندو هومانس، باقي پڻس ڏاڏهنس پهچائيندو هو. امان جون اِهي ئي ڳالهيون مونکي نه وڻنديون آهن. نه پنهنجو ڏسندي آ، نه پرائو. دفتر کولي ويهندي آ. تون هن جي ڳالهين تي نه لڳندي ڪر ۽ مون کان ورجائي اُهي پڇندي به نه ڪر.“
”تون هر ڳالهه تي ايترو ڇو تپي ويندو آن. ڪڏهن سڌي مُنهن سان به جواب ڏيندو ڪر.“
”غلظ ڳالهه جو ڪهڙي سڌي منهن سان جواب ڏيان.“
”سچ سچ ٻڌاءِ، گهر ۾ اهڙو هوندو آن يا ٻاهر به اهڙو ئي هوندو آن؟“
”گهر ۽ ٻاهر ۾ ڪو سنڌو آ ڇا؟ ٻاهر به جيڪڏهن ڪو ڳالهه کي وڪڙ ڏئي ڳالهائيندو آ ته نڙيءَ تي ننهن ڏئي چڙهي ويندو آهيانس. پر امان کي ڇا چوان؟ ٿي پئي آ ماءُ ماتا، نه ته ...“
”امان وڏيءَ تي ايڏو غصو نه ڪندو ڪر. هوءَ ڪا تنهنجي دشمن آ ڇا؟ تنهنجي ڦڏن فسادن سان هن کانسواءِ ٻيو ڪير آ، جيڪو مُنهن ڏيندو آ. جنهن سان به تکو مٺو ٿي ڳالهائي ايندو آن يا ڪنهن کي ڌڪ چنبو هڻي ايندو آن، ته اها ويچاري امان وڏي ئي ته هوندي آ، جيڪا وتندي آ توتان شامتون ٽاريندي.“
”امان جون اهي ڳالهيون ته چڱيون. پر نه جڏهن پنهنجي پرائي سان اهڙا هنيانءَ ساڙيندڙ گفتا ڪڍي ويهندي آ، ته تِرَ جيتري به نه وڻندي آ.“
”شڪر ڪر، جو امان وڏي حال حيات ٿئي. جي اها نه هجئي ۽ جهڙي نه تنهنجي طبيعت آ، ته ماڻهو اصلي بج به سلامت نه ڇڏنئي.“
”تون وري مونکي چيڙائڻ واريون ڳالهيون ٿي ڪرين نه. هاڻي ڇڏ، ته سڪون جي ننڊ ڪجي. صبح سان ساجهري ٻنيءَ تي هَرَ لاءِ ٽريڪٽر به ايندو.“
”گهر ۾ ڏاند جو آهن، ته ٽريڪٽر جو هَرُ ڇو ٿو ڏيارين؟“
”ڏاند هَرَ جا نه، گوءَ جا هَنِ.“
”ته ڇا گوءِ جي ڏاندن کان هَرُ نه ڏياربو آ؟“
”نه.“
”اڃا تائين ڪا گوءِ به ته ڪو نه کٽي ٿئون.“
”ها، ٻه دفعا ڀاڳ نه ڀلايو. هاڻي ٽين ڀيري انشاء الله ضرور کٽندا.“
”منهنجي مڃين ته گوءِ واري شؤق کي ڇڏي، هَرَ ۾ وهائين. گهٽ ۾ گهٽ ٽريڪٽر جا پئسا ته بچي پوندا.“
”پئسن ڏي ڪير ٿو ڏسي. ٻيو ڏاندن جي هَرَ جو رواج هاڻي رهيو ئي ڪاٿي آ. ٽريڪٽر جي سهوليت سڀني جا پَلُوَ آجا ڪري ڇڏيا هن ان خفي کان.“
”مڙئي ماڻهن جي هڏن ۾ ويو آ حرام ويهي، نه ته اڳي ته اهي جفا خفا هو پاڻ ئي ڪندا هئا.“
”ها، اَڄُ ملڪ جو ڦرڪو ڦري ويو آ. گهڻي محنت ڪنهن کان هاڻي پڄي ئي نه ٿي.“
”ٻين تي ڏوهه ٿو ڏئين. تون پاڻ به ته پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي ڇڏيل انهن ٽن جريبن کي پئسا ڏئي ٿو آباد ڪرائين. جي سڄي ساري محنت تون پاڻ ڪرين، ته فصل لهڻ کان اڳ اسانجو ان گندين مان ڇو کٽي؟“
”چڱو، هاڻي پنهنجون اهي نصيحتون بند ڪر، ته مان ننڊ ڪيان.“
”بس هيءَ آخري ڳالهه. الله جي واسطي ڪاوڙ سان نه، قرب ۾ جواب ڏجانءِ.“
”منهنجو ته ننڊ آرام ئي تو چَٽُ ڪري ڇڏيو آ. تنهنجون ڳالهيون ته کٽن ئي نه ٿيون.“
”هيءَ آخري آ، چوين ته پڇانءِ، چوين ته نه ...“
”چڱو پڇ ڀلا، پڇ“
”شاديءَ کان پوءِ سڄا سارا ٻارنهن سال تو صغريٰ سان گڏ گذاريا. انهن ٻارنهن سالن ۾ هن توکي ڪڏهن پنهنجي ماروٽن ڏي وٺي هلڻ جو چيو هو؟“
”نه،“
”جي نه چيو هئائين ۽ هن جو ماروٽ فيضو ڀاءُ جي شاديءَ ۾هن کي نياڻيءَ طور وٺڻ آيو هو ته تو ڪيئن سمجهيو ته صغريٰ سان هو پنهنجي پراڻي نينهن جو ناتو ڳنڍڻ آيو هو.“
”اهو مون تڏهن سمجهيو، جڏهن مون کان ۽ امان کان اک بچائي هن صغريٰ کي اشارو ڪيو هو.“
”امان وڏي ته چوي ٿي ته اهو تون هن تي بهتان ٿو هڻين. هو ته صغريٰ کي ادي ڀيڻ کانسواءِ ڪوٺي ئي نه پيو.“
”تو ڀلا اهي ڳالهيون مونکي جائي پائي چيڙائڻ لاءِ کوليون آهن ڇا؟“
”جي توکي منهنجون ڳالهيون چيڙائن ٿيون، ته مان بس ٿي ڪيان. پر هڪ ڳالهه منهنجي به ٻڌي ڇڏ، جي تون منهنجي انهي سوال جو جواب نه ڏيندين، ته مان يا عمر نه ڳالهائيندي سانءِ، پوءِ ڀلي ويٺو منٿون ڪجانءِ. منهنجي ضد جي خبر ٿئي.“
”چڱو، نٿو چڙان، پر ڪي ٻيون ڳالهيون ڪر نه. اهي ڳالهيون ڪري منهنجا ڦٽَ ڇو ٿي اکيلين؟“
”جي انهي ڦٽَ اکيلڻ ٿو چوين، ته مان نه ٿي ڳالهايان. بس نه؟“
”عجيب عورت آهين ڳالهه کي سمجهين ئي نه ٿي. چڱو ڀلا، جيڪو وڻئي ڳالهاءِ.“
”تو صغريٰ کي جڏهن ڪهاڙي کڻي هڪل ڪئي هئي، تڏهن هن جو ماروٽ اتي موجود هو؟“
”نه، هوُ هڪ ڏينهن اڳ ۾ اچي، صغريٰ کي وٺي وڃڻ جو چئي هليو ويو هو.“
”صغريٰ ان مهل ڇا پئي ڪيو، جڏهن تو هن تي ڪهاڙيءَ جو پهريون وار ڪيو هو ۽ جڏهن تنهنجي ڪهاڙيءَ جو ڳن به ڀڄي پيو هو شايد“
”مونکي ياد ناهي.“
”الين ڇو ٿو؟ امان وڏي ته چوي ٿي ته اوڏيءَ مهل هوءَ رڌڻي ۾ ماني پچائي رهي هئي ۽ تو هن جو ساهه به رڳو مانيءَ ۾ دير ٿي وڃڻ ڪري ورتو هو. پوءِ جڏهن هن کي ماري ويٺو هئين، ته پنهنجي سر بچاءَ لاءِ ئي تو هن تي ڪارنهن جو چٽو لاتو هو ۽ سردار شهمير خان جي فيصلي ۾ هن جي ماروٽ فيضوءَ کي ڇڪي ڇهه لک چٽي ڀرائي هئي. انهن مان اڌ سردار شهمير خان کنيو هو ۽ باقي اڌ مان تو منهنجو سڱ به ورتو هو ....“
”بس ڪر ڪميني، بيهودي رن، لخ لعنت ٿئي. مونکي ٿي ڪوڙو ڪرين، هان؟“
”اڙي، هي ڇا؟ مان توکي چيو ڇا، جو ائين ...“
”ڇا چيئي؟ بيهه، ته مان توکي ٻڌايان ٿو.“
”الاڙي، اباڙي، مري ويس امان، او امان مونکي بچاءِ. هو ڏس سامهون ڪليءَ مان ڪهاڙي لاهيون مون تي سڌي ڪيون ٿو اچي. بچايو، بچايو ...“
”بس ڪر بد بڻيادين جي اولاد، ته زبان نه ڪاڪڙي کان ڇڪي ڪڍانءِ.“
”گهل ڙي، بچايو ... امان ...“
”امان، تون وچ ۾ نه اچ، پري ٿي وڃ ...“
”اڙي، هي تون ڇا ٿو ڪرين؟ او شل، هچا پوئي، ڪميڻا، پرائي ڄائيءَ کي ڇو ٿو مارين؟ جي مارڻو اٿئي ته مونکي مار. وهاءِ منهنجي سِسيءَ تي ڪهاڙي. آءُ، هڻ ڌڪ، ڪر پورو ۽ پوءِ سرخرو ٿي هڻ وڃي ڪنهن پئسي واري تي الزام، ته مون پنهنجي ماءُ سان اُنَ کي ڪارو ڪيو آهي!! ...“

No comments:

Post a Comment