Monday, September 24, 2018

بي ڊولو پٿر - سرور غزالي


بي ڊولو پٿر
ڪهاڻي
سرور غزالي
سنگتراشَ هڪڙي بي ڊولي پٿر کي صاف سٿرو ڪري، گهر جي ويران ڪنڊ ۾ رکي ڇڏيو هو. پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن پڄاڻان ان پٿر کي کڻي ان ميز تي اچي رکيائين، جنهن ميز وٽ بيهي، هُو پنهنجي هٿن جي ڪلا سان، پٿرن کي خوبصورت مورتين ۾ بدلائي ڇڏيندو هو.
سنگتراش، هر روز ان پٿر جي سامهون اچي بيهندو هو ۽ پٿر تي پنهنجي ڪلا جا جوهر ڏيکارڻ جي بجاءِ، صرف ساڻس ڳالهيون ڪندو رهندو هو.
پٿر هر روز کانئس هڪڙو ئي سوال پڇندو هو ته؛ ”اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جو مان هڪ بي ڊولو پٿر، ڪنهن لازوال مورتيءَ ۾ بدلجي ويندس؟“


سنگتراش کيس ڪو به جواب نه ڏيندو هو. بس کيس اداس اکين سان ڏسندو رهندو هو.
نيٺ هڪ شام جو سنگتراش، ان پٿر تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. بيحد محبت، گهڻي لڳاءَ سان، مورتي ٺاهڻ لڳو. پٿر جي تراش ٿيندي رهي ۽ بدصورت پٿر، هڪ خوبصورت مورتيءَ ۾ بدلجڻ لڳو.
هن وڏي عقيدت سان، ان پٿر کي، هڪ خوبصورت ناريءَ جو روپ ڏيڻ شروع ڪيو. مرمرين جسم ۽ گهريون اداس اکيون .. .
سنگتراش، ان مورتي ءَکي اڃا مڪمل تراشيو ئي نه هو.
هڪ شام جو سنگتراش، پنهنجي گهر نه هو ته انهيءَ شام جو، سندس هڪ مصور دوست، ساڻس ملڻ آيو.
هُو، کيس گهر ۾ موجود نه ڏسي، هيڪر اداس ٿي ويو ۽ واپس موٽي وڃڻ جو سوچيائين پئي، پر ٻئي لمحي گهر ۾ سنگتراش کي ڳولڻ لڳو ۽ ڳوليندي ڳوليندي ان مورتيءَ وٽ اچي پهتو جيڪا اڻپوري ٺهيل هئي.
مورتيءَ کي غور سان ڏٺائين ته سندس دل ۾ دوست جي ڪلا جي تعريف جي لهر اٿي. .  ۽ هن مسڪرائي ڏنو. پر ٻئي پل سندس نيت خراب ٿي وئي.
هن مورتيءَ جي اکين ۾ گهوري نهاريو ته مورتي، شرم ٻوٽيءَ جيان ٽڙي پئي. ٻنهي جي جذبن جو درياءُ ڇوليون هڻڻ لڳو. اهڙي عجيب حادثي کان پوءِ، مورتي مصور سان وڃڻ جي لاءِ راضي ٿي وئي. ۽ هوُ ٻئي اتان هٿُ هٿَ ۾ ڏيئي هليا ويا.
سنگتراش، جڏهن موٽيو ته سندس هٿن ۾ هڪ ٻيو بي ڊولو پٿر هو ۽ خالي ميز تي اهو پٿر رکي، ان کي تراشڻ ۾ مصروف ٿي ويو هو.

No comments:

Post a Comment