Sunday, September 23, 2018

شام جي اُس ۾ - جيا جادواڻي


شام جي اُس ۾
ڪهاڻي
ليکڪا: جيا جادواڻي
مترجم: ڍولڻ راهي
اَسُر جا چار وڄندي ئي هڪڙو الارم وڄي ٿو سندس اندر،”هي رام“ چوندي هو ڌيري، ڌيري اُٿي ٿو.
”ديا ڪرو ميري سانئيان، ڏيو پريم ڪي ڏات،
سک دک اور ڪجهه وياپي نهين، ڇٽي سڀ اُتپات.“
راڌا سواميءَ جي تصوير تي سندس نظر پوي ٿي.
راڌا سواميءَ جي تصوير تي سندس نظر پوي ٿي ۽ ڀيڻ جون چيل مٿيون سٽون سندس ڪنن ۾ گونجن ٿيون، اُنهن سٽن سان هو آتمڪ طور جڙي نٿو. سٽون هن کان ايترو ئي پري آهن جيترو راڌا سوامي بلب جي ڦڪي روشنيءَ ۾. هو ٻنهي کي ڪجهه ويرم ڏسندو رهي ٿو.


اڱڻ ۾ نڪري هو آسمان ڏي نهاري ٿو. اڃا وڏي رات پيئي آهي. هو واپس هنڌ ڀيڙو ٿي ڪمبل ۾ ويڙهجي ڌيان جي مُدرا ۾ ويهي رهي ٿو. هتان هُتان ٿڏي هوا ڪمبل ۾گهڙي ٿي اچي. ڪمبل ٺيڪ طرح اوڍڻ ۾ ئي ڪافي دير ٿي وڃي ٿي. جهٽڪي سان ڪمبل لاهي هو پلنگ تي ويٺو ٿو رهي.
جوڻس جاڳي آهي. اڱڻ ۾ سندس هلچل جي آهٽ ٻڌندو ٿو رهي. سڀني کان پهرين هوءَ پاڻيءَ جي موٽر هلائيندي. موٽر ايترو زور سان آواز ڪندي آهي جو ٻيا سڀ آواز اُن ۾ ٻڏي ويندا آهن. موٽر هلندي ئي هن کي لڳندو آهي ته هاڻي وقت ٿي ويو آهي. هو ٻاهرنڪري اچي ٿو. هوءَ باٿ روم ڏي وڃي رهي آهي. هن سندس ڌيري ڌيري وڃڻ محسوس ڪيو ۽ اڱڻ جي نيم اونداهه ۾ چپ چاپ بيٺو رهيو.
برامدو هميشه کيس هڪ پل وانگر ڀاسندو آهي جيڪو جوڻس ۽ سندس ڪمري درميان آهي. ٻئي سدائين لنگهندي پائيندي هڪ ٻئي کي ڏسندا آهن. الڳ الڳ ڪپڙن ۾ الڳ الڳ رڪيبن سان.
هوءَ واپس موٽي پئي. هو ڏندڻ پيو ڪري. هو زور زور سان کنگهي پنهنجو گلو صاف پيو ڪري. سندس ائين کنگهڻ هُن کي نٿو آئڙي سڀني جي ننڊ ٿي ڦٽي. بسترن مان بيچئن آواز ٿا ٻڌجن.
اُف، صبح ساڻ..“
”ڇا هي.. ڀائي...!!“
”اڙي يار... مصيبت آهي... “
هوءَ کيس چوڻ چاهي ٿي، بس به ڪريو هاڻي..“ فقط ايترو ئي نه ، کيس چوڻ لاءِ ته لفظن جا پهاڙ آهن سندس ڇاتيءَ ۾، جن جي هيٺان هوءَ ڄڻ صدين کان دٻيل آهي، ڍيرن جا ڍير سخت بيجان لفظن جا اهي پهاڙ. جن کي لاهي ڦٽي ڪرڻ جي نه وٽس سگهه آهي نه اڇا شڪتي بلڪه ڪڏهن ڪڏهن انهن جي سائي هيٺ هو پاڻ کي محفوظ ڀائيندي آهي.
هوءَ اندر هلي ويئي، هاڻي تڏهن ئي ٻاهر ايندي جڏهن هو وڃي چڪو هوندو.
ڏندڻ پاڻي ڪري هن بت تان ڪپڙا لاٿا ۽ تيل مالش ۾ جنبي ويو. وچ وچ ۾ هو آڱرين سان جسم جا گهنج محسوس ڪندي بڙبڙائيندو ٿي ويو. صبح جو کيس تيار ٿيڻ جو تڪڙ هوندي آهي. پوري طرح سان تيار ٿيڻ تائين هڪ عجيب هڙٻڙاهٽ ۾ هوندو آهي. گهر پوئيان ٺهيل ريلوي ڦاٽڪ جي هن ڀر کان جڏهن پهرين ياتري بس جو هارن وڄڻدو، هو سليپر پائڻ ۾ مشغول هوندو. پوءِ هو سگهو گهران نڪري پوندو ۽ جڏهن بس جي لنگهي وڃڻ لاءِ ريلوي ڦاٽڪ کلندو هو به هن ڀر ڏانهن ويندو ڏسبو هو.
مٿان چاڙهيءَ تان جڏهن هو هيٺ پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن لهندو هو ته ساوڪ سان سرابور ٿي ويندو هو. هاڻ هو پنهنجي اندر لهي سگهي ٿو. اندر جي اُن گهماودار رستن تي جتي نه ڄاڻ ڪيترا ڦلن سان ڀريل وڻ جهومي رهيا آهن؛ جن کي ڪوبه چکي نه سگهيو. هو پاڻ به نه . آس پاس جا سڀ آواز مٿانئس ائين ڪرن ٿا ڄڻ هوا ۾ سُڪل پن اڏندا رهن ۽ هو انهن سڀني کان بيخبر پنهنجو پاڻ ۾ لهندو ٻڏندو ويندو.
هتي اچي کيس سٺو لڳندو هو. گانين مينهن کي دلار ڪندو. سندن پٺي ٺپوريندو. هو رام کيلاون کي کڙڪُتر تيار ڪندي ڏسي ناراض ٿيندي چويس ٿو ته هو چؤپائي مال کي سولو نٿو کارائي. اُهي ڏينهون پوءِ ڳرندا ٿا وڃن. رام کيلاون مالڪ کي ڪو جواب نٿو ڏئي ڇاڪاڻ ته روز اهو ئي ٻڌڻ تي هري ويو آهي. هو پاڻ ۾ ٻڏل بڙبڙائندو وڃي ٿو. اچانڪ هو رام کيلاون کان پڇي ٿو، ”روز گهڻو کير ويندو آهي گهر؟“
”صبح جو پنج ڪلو ۽ شام جو چار ڪلو کن.“
”پيئڻ لاءِ ته ڪڏهن ملي ڪونه.“ هن من ۾ چيو ۽ مشڪندي رام کيلاون کي چيائين، “ تو ۽ مون جهڙا ماڻهو گڏهن وانگر بي گيري ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيندا آهن، کير، ڏڌ، گيهه اسان جهڙن جي نصيب ۾ ڪٿي بابا!“ رام کيلاون به مُرڪي ٿو. هو کيس اُتي ڇڏي هاڻي پوري ٻنيءَ جو چڪر هڻڻ لاءِ نڪري ٿو پوي.
هن دفعي فصل ڀلو ٿيو آهي. هيل هو نوڪرن کي ٻه ٽي ڳوڻيون وڌيڪ اناج ڏيندو. پروڪي سال به هن گهر وارن کي چيو هو، ”اڙي، ايتري ڪڻڪ ڇا ڪندؤ؟ ڪجهه هنن غريبن جو خيال ڪريو.“
پر گهر ۾ سندس ٻڌي ڪير ٿو. هيل ڄمون به جام ٿيندا پر هاڻي اُهي ڏند ڪٿي؟ پپئيا پچڻ به نٿا ڏين ڪچا ئي ٽوڙيو وڃن.
هو اچانڪ ڪيلي جي وڻ اڳيان رُڪجي ٿو وڃي،“ رام کيلاون ! هيڏانهن ته اچ“ هو زور سان سڏيس ٿو. رام کيلاون جهنجهلائيندو ڊوڙي ٿو پهچي. “ هيل ڪيلا به کوڙ ٿيندا. اسان هي وڻ پهريون دفعو لڳايو آهي. تون به خوب کائجان. کوڙ آهن. خبر ناهي گهڻا درجن ٿيندا؟“
هو چپ بيٺو ٻڌندو رهيو.
”هي وڻ سال ۾ گهڻا دفعا ڦل جهلي؟“
”هڪ ئي دفعو، پوءِ ڪٽي ڦٽي ڪبو آهي.“
”ڦٽي ڪبو آهي؟ ڇو؟
”ڪنهن به ڪم جو ڪونه رهندو. جڳهه ولاريو بيٺو هوندو.“
”جڳهه ولاريو؟“ هو سن ٿيو بيٺو رهيو. ها هوُ جڳهه ولاريو ويٺو آهي گهر ۾، ٻيو ڇا؟ ڪم جو ته ڪڏهن کان ئي ڪونه رهيو آهي.
هوُ اداس ٿي وڃي ٿو. سندس اکين آڏو ڦهليل سڀ رنگ جهيڻا پئجي ويا. ڀينڊين، ٽماٽن، مٽرن جا ننڍڙا ننڍڙا ٻوٽا، ننڍڙا ننڍڙا ساوا مرچ ۽ واڱڻ ۽ اُنهن وچ ۾ هلندڙ رام کيلاون...  ڄڻ ٻيءَ ڪنهن دنيا جو منظر آهي. اهڙي دنيا جيڪا هن اڄ سوڌو ڪڏهن نه ڏٺي هجي ڄڻ. هو اُتي ئي نالي تي ٺهيل سيمينٽ جي ٿلهي تي ويهي ٿو رهي. سندس سامهون ٿورو ئي پري هڪ وڏي کڏ آهي، جنهن ۾ هر روز ڇيڻو گڏ ڪيو ويندو آهي. ڀاڻ ٺاهڻ لاءِ، هو چپ چاپ اُن طرف ڏسندو رهيو. گهري ٿڪاوٽ سندس ٻڍڙي جسم ۾ ڀرجڻ لڳي. ڪيتريون يادگيريون ڀريل آهي. سندس اندر ۾ ستر سالن جون سمرتيون ڀاڻ بڻجي گڏ ٿينديون رهيون. ڪنهن به اُهو ڀاڻ ورتو ڪونه ڪنهن کي ضرورت ئي ڪانه پيئي.
”مونکي خالي ڪري ڇڏيو هاڻ. مان ٿڪجي پيو آهيان. مان ڀريو پيو آهيان سڄو. مون مان هاڻي ڌپ نڪرڻ لڳي آهي. مان ڌيري ڌيري پنهنجو وئرٿ ٿيندو وڃڻ ڏسي رهيو آهي. پچڻ کانپوءِ سڙڻ جو سلسلو.
کيس لڳو هو کڏ اندران پاڻ رڙيون ڪري رهيو آهي. هو چپ چاپ سُڪل پنن وچ مان هلندو رهيو.
ننڍڙا ٻوٽا صبح جو تازي هوا ۾ ڪنڌ ڌوڻي رهيا آهن. پريان مينهن جي ڏهائيءَ جو آواز اچي رهيو آهي. هن گلابن جي ٻوٽي مان هڪ گل پٽيو ۽ کيسي ۾ رکي ڇڏيو. کيس خوشبوءِ سان پيار آهي. جوانيءَ ۾ عطر جا ڦوها ٻنهي ڪنن ۾ مٿئين حصي ۾ ٽنبي ڇڏيندو هو. بس پوءِ سمورو ڏينهن خوشبوءِ ئي خوشبوءِ. صبح جو اُٿي جڏهن ٻاهر ايندو هو ٻئي پٽ سندس وهاڻي کي سونگهي اندازو لڳائيندا ته اڄ ڪهڙو عطر  آهي؟ سندس چهري جي چمڙيءَ مان سمرتيون ڇلڪڻ لڳيون ۽ هو ڌيري ڌيري هلندو کوهه جي ڀرسان وڃي پهتو. هو اُتي ئي ٿڪجي ويهي ويو. کوهه اندر ليئو پائي ڏٺائين، هوا هتي به لهرون پيدا ڪري رهي هئي. کيس اساٽ جو احساس ٿيو. سندس سمورو ڌيان کوهه ۾ خبر ناهي هو کوهه ۾ هو يا کوهه هن ۾ کيس لڳو ته هو صدين کان هڪ گهري کوهه ۾ آهي، ڪاري پاڻي ۾ هو ڪنهن کي سڏڻ ٿو چاهي.
”ٻڌو.. اڙي ٻڌو... اڙي ڪو آهي... “
سندس رڙ ٻڌي رام کيلاون ڊوڙندو اچي ٿو.
”ڪجهه کپيو، ڪاڪا؟“
هو موٽي وڃي ٿو. پاڻ به موٽڻ لڳي ٿو. رستي ۾ رام کيلاون کيس پاڻي ڏئي ٿو...
”اُڃ ئي جيون جو اصلي سچ آهي...  باقي سڀ ڪوڙ..“
گهر پهچي برامدي ۾ پنهنجي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو. رنڌڻي ڏانهن ڪن  ڏنائين...  ڪو آواز نه...
”اڙي بابا چانهن ٻانهن ملندي؟ ڪو آهي... ؟“
”ها، ها. مليو ٿي... “ نُنهڻس جو جهنجهلاهٽ ۽ چڙ ڀريو آواز...  ”اچي ويو خان صاحب...“
هن ڌيان نه ڏنو. هوءَ پليٽ ۾ ڪجهه بسڪوٽ ۽ پاڻي سان ڀريل گلاس رکي ويئي. هو ڪا ويرم بسڪوٽن ڏي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ پاڻي ۾ ٻوڙي کائڻ لڳو.
بسڪوٽ ختم ٿي ويا. چانهن آئي ڇڊي.. چپڙي ڪري پي ويو. پوءِ اُتي ئي ليٽي پيو ۽ پنهنجي ڪمري ڏانهن يڪٽڪ نهارڻ لڳو. برامدي ۾ اُس لهي آئي آهي. چائنٺ تائين. سموري فرش تي پکڙجي ويئي اُس. پر اندر اوندهه...  اگر هو ان طرح نه جيئي ها، جيئن جيئندو آيو آهي ته اڄ سندس ٻڍاپو ائين نه ڪٽجي ها جيئن ڪٽجي پيو.
هوءَ سندس ڀر ۾ ويهي مٽر ڦريون ڇليندي هجي ها، يا پشم جي تندن کي پنهنجن ڏٻرن گوڏن ۾ ڦاسائي هورا ٺاهيندي هجي ها...  تڏهن هو کيس ڪجهه چئي سگهي ها. .. ٻيو ته ڪو سندس ٻڌي ڪونه ٿو.، هي جو ڪنهن کي ٻه لفظ چوڻ ٻڌڻ لاءِ هو سڄو ڏينهن پيو ڀٽڪندو ۽ سڪندو آهي، اُهي سڀ کيس چئي ٻڌي سگهي ها. ڪيترا سال گذري ويا. هن کانئس ڪڏهن نه پڇيو. جڏهن هوءَ ڪافي بيمار هئي يا جڏهن کيس زناني خرابي ٿي پيئي ۽ سندس ٻچي داني ڪڍي ويئي تڏهن به نه. جڏهن سندس اکين جو آپريشن ڪيو ويو ۽ پوءِ روشني کانئس هميشه لاءِ رسي ويئي، تڏهن به نه، خبرناهي ڪڏهن ڪيئن اتفاق سان سندن سامنو ٿيندو هو ته ٻن چئن گهڙين ۾ ئي پنهنجي محفوظ جاءِ تي وڃِي پهچندو هو ۽ کيس ڪڏهن ڪونه لڳو ته ٻئي پاسي به هڪ دنيا آهي جنهن کي ڄاڻڻ جي کيس ضرورت هئڻ کپي. کيس فقط پنهنجي دنيا ئي اهم ڀاسندي هئي جنهن ۾ هو پنهنجي مرضيءَ جو بادشاهه هو. اوهه! ...  ڪنهن ٿي ڄاتو ته ههڙا ڏينهن ڏسڻا پوندا جو کيس به ٻين سڀني جي ايتري ضرورت محسوس ٿيندي.
کيس زبردست اڇا جاڳي ته هو جوڻس کي سندس اونداهي چر مان ڇڪي برامدي جي اُس ۾ وٺي اچي. کيس اهڙو ڪجهه چوي جيڪو هن ڪڏهن ڪو نه چيو. پر هو اُٿي نه سگهيو، ويٺو رهيو. کيس ڀئو ٿيڻ لڳو. لفظ جيڪي اندر ڄمي پٿر بڻجي ويا آهن. هاڻي چئي نٿا سگهجن. هاڻي ته اُهي پٿر به هڪ ٻئي ڏانهن اُڇلجي کيس ئي زخمي ڪرڻ ٿا لڳن. هو اخبار کڻي اُٿلائڻ ٿو لڳي.
ٿوري دير بعد پُٽس جاڳيو
فريش ٿي ويٺو مس ته ننهڻس ڍير ساريون (يڪيون) شيون آڻي مڙس آڏو رکيون...  ڪيڪ، بسڪوٽ، کير ۾ ڀڳل باداميون، ڪاري ڊاک، اکروٽ ڇليل... ايتريون شيون چانهن کان اڳ ڏسي مڙسس چڙي پيو... ”صبح ساڻ چانهن کان اڳ هي سڀ اٽرم شٽرم ڪنهن کي ڳسندو؟ روز اهو کٽراڳ....؟“
هوءَ مرڪندي مرڪندي، ڊاڪ، اکروٽ داڻو داڻو ڪري سندس وات ۾ وجهندي وڃي ۽ ٻار وانگر ريهي ريبي لاڏ سان کارائيندي وڃي. هو جهنجهلاهٽ جو ڏيکاءُ ڪندو ڏوگهيندو وڃِي. اخبار جي اندران پيءُ جو اکيون سڀ پيون ڏسن.
مکيون هن جي چانهن جي جوٺي ڪوپ ۽ سندس ٻانهن تي پيون جهڪن. پر هو کين اُڏائي نٿو. ڪجهه پائڻ جي اميد اُنهن کي به ته هوندي.
”اميد“ اهو لفظ ڪنهن خالي ٿانون وانگر ڄڻ ڪنهن کوهه ۾ ڪريو ۽ دير تائين اُن جو بُڙبڙ ڪندڙ آواز، هو اندر ئي اندر، محسوس ڪندو رهيو.
اڄ ڇا ڇا ڪرڻو آهي؟ هو پنهنجي شروع ٿيندڙ ڏينهن جي باري ۾ سوچڻ لڳو... ‘اڃا تائين ٽرڪ نه آئي آهي. ڪو نوڪر اچي ته پڇيس ته ڇا ڳالهه آهي؟ پُٽ کي ته ڪو فڪر ڪونهي. هو ئي وڃي مل کي کوليندو. صفائي وغيره ڪرائي وهندو مس تڏهن هي لاٽ صاحب ايندو. خبر ناهي ڇو پٽ جي ايندي ئي هو بيچئن ۽ اسهج محسوس ڪرڻ لڳندو آهي. پاڻکي فالتو محسوس ڪرڻ لڳندو آهي. نوڪرن سان ڳالهائڻ لڳندو ته پٽس چوندس، ”چپ ڪري نٿا ويهي سگهو؟“
چپ چاپ؟ چپ چاپ هئڻ کيس خطرناڪ لڳندو آهي. هو هميشه ڪجهه ڳالهائيندو رهڻ چاهيندو آهي. ڳالهائڻ يعني ڪنهن سان جڙجڻ، چپ هوندي پنهنجي ئي لفظن جو ڪنهن خالي برتڻ وانگر پنهنجي اندر ۾ وڄڻ کيس ڊيڄاري ڇڏيندو آهي ۽ هو اُن جڳهه تان اُٿي لفظن جي دنيا ۾ اچڻ چاهيندو آهي.
”مونکي گهر ئي ڇڏي اچي ڪو.“ نوڪر مالڪ ڏانهن نهاريندو. اسڪوٽر ڪڍندو ۽ پوڙهي کي چاڙهي گهر پهچائي ايندو.

No comments:

Post a Comment