Showing posts with label بي ڊولو پٿر، ڪهاڻي، سرور غزالي،. Show all posts
Showing posts with label بي ڊولو پٿر، ڪهاڻي، سرور غزالي،. Show all posts

Monday, September 24, 2018

بي ڊولو پٿر - سرور غزالي


بي ڊولو پٿر
ڪهاڻي
سرور غزالي
سنگتراشَ هڪڙي بي ڊولي پٿر کي صاف سٿرو ڪري، گهر جي ويران ڪنڊ ۾ رکي ڇڏيو هو. پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن پڄاڻان ان پٿر کي کڻي ان ميز تي اچي رکيائين، جنهن ميز وٽ بيهي، هُو پنهنجي هٿن جي ڪلا سان، پٿرن کي خوبصورت مورتين ۾ بدلائي ڇڏيندو هو.
سنگتراش، هر روز ان پٿر جي سامهون اچي بيهندو هو ۽ پٿر تي پنهنجي ڪلا جا جوهر ڏيکارڻ جي بجاءِ، صرف ساڻس ڳالهيون ڪندو رهندو هو.
پٿر هر روز کانئس هڪڙو ئي سوال پڇندو هو ته؛ ”اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جو مان هڪ بي ڊولو پٿر، ڪنهن لازوال مورتيءَ ۾ بدلجي ويندس؟“