Showing posts with label زوجياتي ادب (سيزن-2)، ڪهاڻي نمبر 3، طارق قريشي،. Show all posts
Showing posts with label زوجياتي ادب (سيزن-2)، ڪهاڻي نمبر 3، طارق قريشي،. Show all posts

Thursday, October 18, 2018

زوجياتي ادب (سيزن-2) - طارق قريشي


زوجياتي ادب (سيزن-2)
ڪهاڻي نمبر 3
طارق قريشي
ميان بدرالدين جو دنيا ۾ ڪو بهترين دوست آهي ته اهو آهي جديد دور جو ٻهڳڻو ڪهاڻيڪار ضراب حيدر!
ضراب حيدر، پلنگ جي هيٺان، سوفا جي پويان، بازار جي ڪنڊ ۾، درگاھ جي ڏيڍيءَ وٽ، مسجد جي حجري ۾، گھٽيءَ جي ڇيڙي تي، ڪينٽين جي ڪچن اندر، گائني وارڊ جي ٻاهران، چوڪن ۽ چوراهن تي، گرلس هاسٽل جي ڀر ۾، هوائي اڏن، لاري اسٽانن، ريلوي جي ويٽنگ رومز، مڙهين، مقامن، اوتارن - مڪانن تي، ريسٽورينٽ ۽ هوٽلن، ڪافين ۽ آستانن جون مطلب ته ڌوٻيءَ گھاٽ کان سري گھاٽ تائين يا ته ڪهاڻيون پيو ڳولهيندو آهي يا وري ميان بدرالدين کي دل ۾ پيو ياد ڪندو آهي.