Showing posts with label هڪ طوائف جو خط، پنڊت جواهر لال نهرو،علي جناح، ڪرشن چندر، ڊاڪٽر سريش هوتچنداڻي،. Show all posts
Showing posts with label هڪ طوائف جو خط، پنڊت جواهر لال نهرو،علي جناح، ڪرشن چندر، ڊاڪٽر سريش هوتچنداڻي،. Show all posts

Sunday, December 16, 2018

هڪ طوائف جو خط - ڪرشن چندر


هڪ طوائف جو خط
پنڊت جواهر لال نهرو ۽ محمد علي جناح جي نالي
ڪرشن چندر
ڊاڪٽر سريش هوتچنداڻي      
مون کي اميد آهي ته هن کان پهرين توهان کي ڪنهن طوائف جو خط ڪو نه مليو هوندو، ۽ اها به اُميد ڪيان ٿي ته اڄ تائين توهان مُنهنجي ۽ مون جهڙين ٻين طوائفن جي شڪل به نه ڏٺي هوندي. اهو به ڄاڻان ٿي ته منهنجو توهان کي هي خط لکڻ ڪيتري حد تائين ناگوار آهي ۽ اُهو به اهڙو کليل خط.....!!! پر ڇا ڪيان حالتون ڪجهه اهڙيون آهن ۽ اِنهن ٻنهي ڇوڪرين جي ضرورت به ايتري شديد آهي جو آئون هي خط لکڻ کانسواءِ رهي نٿي سگهان. هي خط آئون نه پئي لکان، هي خط مون کان بيلا ۽ بتول لکرائي رهيون آهن. تنهن ڪري معاف ڪندا، هڪ نيچ ۽ ڪريل عورت توهان کي ايتري دليري ۽ بي باڪيءَ سان خط لکي رهي آهي. آئون دل سان معافي چاهيان ٿي. جيڪڏهن خط جي ڪا ڳالهه توهان کي بُري لڳي ته اُن کي منهنجي مجبوري سمجهي درگذر ڪجو.