Friday, April 19, 2019

ڪنن وارا ڊاڪٽر ۽ تڪڙي موٽ - مٺل جسڪاڻي


ڪنن وارا ڊاڪٽر ۽ تڪڙي موٽ
مٺل جسڪاڻي
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي. مون عرض ڪيو ته؛ ”ڪنن واري ڪنھن سُٺي ڊاڪٽر جو ڏس ڏيو“. اھو عرض گھٽ، ”اشتھار“ ۽ ”ھوڪو“ وڌيڪ ثابت ٿيو! ان ڪري اھڙي ته تڪڙي موٽ ملي، جنھن جو مون کي ته نه، ڪنھن کي به نه ڪو اندازو ھو، نه ئي ڪنھن جي تصور ۾ به ھو، ته ڪو اھڙي جاندار ۽ شاندار تڪڙي موٽ ملندي!


ٿيو ائين ته ”ڪنن وارا“، ننڍن توڙي وڏن ڪنن وارا، ڪچن توڙي پڪن ڪنن وارا، جديد تعليمي سرشتي مان سندون حاصل ڪرڻ ۾ محُو، توڙي اڳي پوءِ فارغ ٿيل سند يافته ڊاڪٽر، خانداني حڪيم طور مشھور حڪيم، معروف ٿيل پراڻا توڙي نوان عطائي، جَتائي، سڀ جا سڀ، ڪو اوڀر کان ته ڪو اولھه کان، ڪو اتر کان ته ڪو ڏکڻ کان، ھر طرف ۽ ھر ٻن طرفن جي گڏيل ھر ھڪ ڪنڊ کان، ھڪ ٻئي پٺيان، ”ڪنن وارا ڊاڪٽر“ ايندا ويا، وڌندا ويا، گس پنڌ وارن اکين سان ڏٺو ته پھرين وھندڙ ڪسيءَ، پوءِ واٽر ڪورس، تنھن کان پوءِ شاخ، واھه، بئراج، درياءَ جو ڏيک ڏيندا، سمنڊ جو ڏيک ڏيڻ لڳا.
آئون ڄڻو ھڪ، مت ۾ ھجڻ توڙي مت مان نڪرڻ جي خوف ۾، ماٺ کي ڏاھپ جي نشاني سمجھي، بھترين ھٿيار طور استعمال ڪري، چُپ جو روزو رکي، خاموش تماشائيءَ وانگر ماٺ رھيس.
”ڪنن وارا ڊاڪٽر“ جو مِڙيا، ھڪ ٻئي سان ملندا، ڳالھائيندا، پاڻ ۾ ئي نبريا ۽ ان فيصلي تي راضي ٿيا ته ”ڪنن وارن ڊاڪٽرن، ھوميوپيٿي ماھرن، خانداني حڪيمن، سکيا مان گذرندڙن، عطائين ۽ جتائين جي سڀني ڪاميٽين، ايسوسيئيشنس، تنظيمن، يونين، پارٽين جي اڳواڻن يا انھن جي مرضيءَ وارن، ھر ھڪ جي نمائندگي ڪندڙ ٽن ميمبرن تي مشتمل، نامزد ڪري موڪليل سڀ وفد، پاڻ ۾ گڏ ويھي، گول ميز ڪانفرنس ڪن.
ڪانفرنس سڏائڻ جو مقصد ”ڪنن واري ڪنھن سُٺي ڊاڪٽر جو ڏس ڏيو“ واري عرض جو گھڻ پاسائون جائزو وٺي، لائحه عمل طئه ڪرڻ مقرر ٿيو.
آخرڪار گول ميز ڪانفرنس شروع ٿي، ھلندي ڪانفرنس دوران، ڪنھن مھل ٽڪنڊي، ڪنھن وقت چورس، ڪنھن ويل مستطيل، ذيلي ڪاميٽيون به تشڪيل ڏنيون پئي ويون، جن پاڻ ۾ ڳالھائي، فيصلا ڪري، گول ميز ڪانفرنس کي راين، صلاحن کان واقف به پئي ڪيو، ته سوشل ميڊيا، انٽرنيٽ، موبائيل، ٽيليفون سميت ڪانگ، ڪبوتر کي قاصد ڪري، دنيا جھان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سُجھندڙ ٻين ”ڪنن وارن ڊاڪٽرن“ سان رابطا به جاري رکيا.
ڊگھي بحث مباحثي ۽ ھڻ وٺ کان پوءِ ”ڪنن وارن ڊاڪٽرن“ ھڪ راءِ تي سھمت ٿي، ھڪ نقاطي فيصلو صادر ڪيو ته:
”قوةِ سماعت کان وڌيڪ قوةِ سمجھه اھم آھي، ان ڪري ”ڪنن وارن ڊاڪٽرن“ سان گڏوگڏ ”قوتِ سمجھه جي ماھرن“ کي به مدعو ڪيو وڃي، انھن کي به متحرڪ ٿيڻ گھرجي، ڪٿي ائين نه ٿئي، ھر ڪنھن جي ڪل ٿڙي وئي، ته پوءِ ڪنھن به ”ڪَن“ جي ڪا اھميت باقي نه رھندي.

(مڊ ويڪ اسپيشل، روزاني عبرت حيدرآباد، اربح ۱۷ اپريل ۲۰۱۹ع)

No comments:

Post a Comment