Sunday, July 7, 2019

ڌپ - عنايت ميمڻ


ڌپ
مختصر ڪهاڻي
عنايت ميمڻ
هڪڙو دور هيو، جڏهن اسٽيج ڊرامن لاءِ، کدڙا هيروئن جو ڪردار ادا ڪندا هيا. شوقين ڏسندڙ جڏهن يڪسانيت مان بيزار ٿيا ته وري پوءِ چڪلي مان چونڊ ڪري، ڊرامن لاء هيروئن آڻي ڊرامن ۾ ساه وڌو ويو. تنهن وقت مان اسٽيج لاءِ ڊراما لکندو هيس. انهيءَ دور ۾، اسٽيج ڊرامن ۾، هڪ هيروئن مشھور ٿي. ماٺيڻي طبعيت، پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ، سڀني روايتي رنڊين کان جدارو انداز، سڀن جي اکين جو مرڪز هئي. مجال آ جو اسٽيج تي هن جي چھري تي ڪا چڪلي جي چال نظر ايندي هجي۔


هڪ دفعي مون هن کان پڇيو؛ ”تون ته شريف ٿي لڳين! تون هتي ڪيئن؟“
چيائين؛ ”شريف مان ناهيان! شريف اهو آھي، جنهن جي مان زال آهيان. هو صبح جو ساري سنڀاري، مون کان رات جو حساب وٺندو آھي. شريف اهو سپاهي ۽ صوبيدار آھي، جيڪو لکين روپيا منٿلي ڀري، اسان وٽ ڊيوٽي لڳرائيندو آھي. شريف اهي دوڪاندار، هوٽلن ۽ مانڊين وارا به آھن، جيڪي منهنجي پگهر تي پلبا آھن؟“
مان هن کي غور ڏسندو رهيس.
ان وقت، مون کي پنهنجي پگهر مان، ڌپ اچڻ لڳي!؟      


No comments:

Post a Comment