Tuesday, July 16, 2019

اچ ته وڇڙي وڃون - مظھر الاسلام - همير گاد


اچ ته وڇڙي وڃون
مظھر الاسلام/ همير گاد
Couple reading
هو جدا ٿيڻ کان پهريان، پنهنجي زندگيءَ جو جمع ٿيل سامان ورهائي رهيا هئا.
سڀ کان پهريان، هن مسڪراهٽ اڌ اڌ ورهائي ته هن چيو: “تون پنهنجي حصي جي مسڪراهٽ جو ڇا ڪندين؟“
“يتيم خاني جي ننڍن ننڍن ٻارن کي ڏيندس.“ هن جواب ڏنو.
هوءَ ڏاڍي وسيع دل واري نڪتي ۽ جڏھن اداسي ورهائڻ جو وقت آيو ته چوڻ لڳي؛ “مان ان مان ڪجھ نه کڻندس، سموري اداسي تون رکي ڇڏ.“


اهڙيءَ طرح هن سڄو سفر، سڄو انتظار، خزان جا سمورا موسم، سردين جون تنها شامون هن کي ڏنيون ۽ چوڻ لڳي؛ “اڄ تو کي اندازو ٿي ويو هوندو ته مان ڪنجوس نه آھيان.“
هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين؛ “اها منجهند به مون کي ڏي، جڏھن اسين پهريون ڀيرو مليا هياسين.“
هوءَ راضي ٿي وئي. هن منجهند به، اداسي، خزان جون موسمون، تنهائي، سفر سڀ هن کي ڏئي ڇڏيو.
ايتري ۾ ھن وڏي حوصلي واري لهجي ۾ پڇيو؛ “انهن سڀني جو ڇا ڪندين؟“
ھن مطمئن لهجي ۾ چيو؛ “پنهنجي اداسيءَ جو جيڪو حصو تو مون کي ڏنو آهي ان کي زندگي ڀر پاڻ سان گڏ رکندس. شامون پوڙھي لائبريرين جي نالي ڪري ڇڏيندس. انتظار، ڀِت تي رکيل ان ڏيئي ۾ وجهي ڇڏيندم، جنهن کي شام جو ٻاري ڪا ڇوڪري ڪنهن جي آھٽ جي منتظر هوندي. سڄو سفر، خط ۾ وجهي پوسٽ ڪري ڇڏيندس. جنهن جو محبوب پري هوندو ۽ ان جي ملڻ جي لاءِ بي چين هوندو.“
مٽيءَ تي آڱر سان هڪ ڊگهي ليڪ ڪڍي هن چيو؛ “سمورو ماضي به تون رکي ڇڏ.“
يڪدم خوشيءَ جي هڪ لهر هن جي چهري تي آئي ۽ اکين ۾ اچي رڪجي وئي. هن سگريٽ دکائي چيو؛ “تو پنهنجو سمورو ماضي به مون کي ڏئي ڏاڍو سٺو ڪيو.“
ان جو ڇا ڪندين؟“؛ هُن پڇيو.
“ان کي پاڻ سان ڍڪيندم! اچڻ وارين گرم تنها منجهند ۽ سرديءَ وارين شامن ۾.“ هُن مسڪرايو؛ “سمورا لفظ به تون وٺ.“
هن شڪر گذار ٿي چيو؛ “مان سمورا لفظ به پوسٽ مين کي ورهائي ڏيندس، مگر اسان جي وچ ۾ ڪجھ گيتن جي شام به آ.“
“ها اُهي به تون رکي ڇڏ.“
“ٺيڪ آ“ هو مطمئن ٿي ويو.
“هن جو ڇا ڪندين.“
“ملاحن، اُٺ چارڻ وارن ۽ ٻڪريون چارڻ وارن ۾ ورهائي ڇڏيندس. ڪنهن کي شدت سان چاھڻ واري ڇوڪري کي ڏئي ڇڏيندس.“
ائين هو ٻئي ڪيتري دير تائين پنهنجي زندگيءَ جو جمع ٿيل سامان ورهائي رهيا هئا.

(روزاني پنهنجي اخبار ۾ شايع ٿيل)

No comments:

Post a Comment