Wednesday, July 10, 2019

تنھنجا-منھنجا ٻار


تنھنجا-منھنجا ٻار

مختصر مختصر ڪھاڻي

وھاب سھتو
Image result for differently married espouses having lot children
ھڪڙي ھمراھ جي گھرواري گذاري وئي ھئي، جنھن مان ٽي چار ٻار ھيس. کيس اھڙي عورت ٻي شاديءَ لاءِ ملي، جنھن جو مڙس ته مري ويو ھيو پر ان ٻچڙوال کي به ٻه ٽي ٻار ھيا.
شاديءَ کان پوءِ کين، ٻه چار ٻار ٻيا به ڄاوا.
ھڪ ڏينھن، مڙس آفيس ۾ ھيو جو زال فون تي ٻڌايس؛ ”جلدي گھر پھچ، ٻار پاڻ ۾ وڙھي پيا آھن.“
”ڪھڙا ٻار پاڻ ۾ وڙھيا آھن.“ مڙس کانئس ڌرين بابت پڇيو.


زال ٻڌايس؛ ”پھرين تنھنجي ٻارن منھنجي ٻارن کي ڪٽيو. پوءِ منھنجن ٻارن، تنھنجن ٻارن کي ڪٽيو. آخر ۾ تنھنجا-منھنجا ٻار ڇڏائڻ لاءِ وچ ۾ پيا ته تنھنجن ٻارن ۽ منھنجن ٻارن گڏجي، تنھنجي-منھنجي ٻارن کي ڪٽڻ شروع ڪيو آھي. منھنجي ڇڏائڻ کان زور آھن. جلدي پھچ ۽ اچي جھيڙو ٽار.“

No comments:

Post a Comment