Saturday, July 13, 2019

حد کان وڌيڪ ڏيکاءُ - تنوير احمد


حد کان وڌيڪ ڏيکاءُ
تنوير احمد
ھڪ ڏينھن ھڪ مڙس پنھنجي گهر ۾ داخل ٿيو ته ڏٺائين، سندس زال ٻوڪڙ ڪري روئي رهي آھي. روئڻ جو ڪارڻ معلوم ڪيائين، ته زال ٻڌايس؛ ”اسان جي گهر جي وڻ تي ويٺل پکي، هر روز مونکي بي حجابي ۽ بغير پردي جي ڏسندا آھن، ته مونکي ڊپ ٿيندو آھي، ته ڪٿي ان ۾ ڪو گناه نه ٿيندو هجي. هڪ ڏينھن ان جو حساب، الله جي سامھون ڏيڻو پيو، ته مان ڪھڙو جواب ڏيندم؟ بس اهو سوچي ۽ انھي خوف ۾ روئي رهي آھيان!“


بظاهر نيڪ ۽ ديني جذبي سان مالامال زال جو اهڙو جواب ٻڌي، مڙس ڏاڍو خوش ٿيو. سندس نيڪ نيتي ۽ پاڪيزگيءَ کي محسوس ڪندي، فخر مان سندس نرڙ کي چميو. انھيءَ مھل ڪھاڙي کڻي، وڻ کي وڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو۔
ان واقعي کان هفتو پوءِ، ھڪ ڏينھن مڙس پنھنجي ڪم ڪار کان جلدي واندو ٿي گهر آيو. ڏسي ته سندس ”پارسا زال“ پنھنجي عاشق جي ڀاڪر ۾ ستي پئي آھي!
اهڙو ناقابل يقين منظر ڏسي، ھي وڌيڪ ڪجهه ڪڇيو ڪو نه ۽ نه وري ڪو رد عمل ڏيکاريائين. بلڪ، چپڙي ڪري پنھنجي ضرورت جو سامان کڻي، گهر ۽ ڳوٺ ڇڏي نڪري پيو.
هلندي هلندي، بادشاه وقت جي شھر ۾ وڃي پھتو. اتي امير شھر جي محل وٽ، کيس ماڻھن جو هجوم نظر آيو. ويجھو وڃي، ھجوم جو سبب پڇيائين. ماڻھن ٻڌايس؛ ”بادشاه سلامت جي خزاني جي چوري ٿي وئي آھي.“
انهيءَ وقت ان ھجوم مان هڪ اهڙي شخص جو گذر ٿيو، جيڪو پنھنجي پيرن جي پٻ بجاءِ پيرن جي آڱرين تي، ڏاڍو احتياط سان هلي رھيو هو. هن ان شخص جي باري ۾ ماڻھن کان پڇيو؛ ”هي صاحب ڪير آھي؟“
ماڻھن ٻڌايس؛ ”ھيءُ شيخ صاحب، هن شھر جا نيڪ ۽ مذھبي انسان آھن، جيڪي پنھنجي پيرن جي آڱرين تي صرف ان ڪري هلندا آھن، ته جيئن سندن پيرن هيٺان ڪا ڪول اچي دٻجي مري نه پوي. مڄاڻ پاڻ ان ناحق قتل نفس جي گناہ جا حقدار نه ٿي پون.“
شيخ صاحب جي متعلق ماڻھن جا جواب ٻڌي، هن شخص بنا سوچ جي جلديءَ ۾ چيو؛ ”اللہ جو قسم! مون کي بادشاه جي خزاني جي چور جو پتو پئجي ويو آھي. مون کي هاڻي ئي بادشاه وٽ وٺي هلو.“
بادشاہ وٽ پھچي حال احوال کانپوءِ هن شخص عرض ڪيو؛ ”بادشاہ سلامت! اوهان جي خزاني جو چور ٻيو نه، پر اوهان جي شھر جو نيڪ ۽ ديني شخص، شيخ صاحب ئي آھي.“
اهو ٻڌي، بادشاہ سلامت کي تمام گھڻي حيرت ۽ عجب لڳو. جنھن تي هيءُ شخص، وڌيڪ يقين ڏياريندي چوڻ لڳو ته جيڪڏھن هن الزام ۾ مان ڪوڙو ٿي پوان، ته منھنجو خون معاف ۽ جيڪڏھن هن الزام جي بدلي مون کي سرعام ڦاسي ڏني وڃي، ته به ان لاء مان مڪمل تيار آھيان۔
آخر ڪار بادشاہ هن جو اهڙو پختو جواب ٻڌي، شيخ صاحب کي جلد ئي درٻار ۾ حاضر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. آڏي پڇا ڳاڇا ۽ تحقيق کانپوءِ آخرڪار شيخ صاحب پنھنجو جرم قبول ڪري، خزاني جي چوريءَ جو اعتراف ڪيو۔
شيخ جي اقرار جرم کانپوءِ بادشاہ، ھن شخص کان پڇيو؛ ”تون اهو ٻڌاءِ ته آخر تو کي ڪيئن پتو پيو، ته چور اهو ئي شيخ صاحب آھي؟ جڏھن ته هو پنھنجي ظاهري شڪل، صورت ۽ عملن مان انتھائي نيڪ، صالح، ۽ پرهيزگار نظر ايندو آھي؟“
بادشاہ جي ان سوال جو قيمتي جواب، هن شخص پنھنجي گذريل تجربي جي روشني ۾ ڏنو؛ ”جڏھن به نيڪيءَ جي بيان ۾ حد کان وڌيڪ ڏيکاءُ نظر اچي، ته اوهان يڪدم سمجهي وٺو، ته اتي ضرور ڪنھن وڏي جرم ۽ گناہ کي لڪائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آھي.“

(تنوير احمد جي فيسبوڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment