Thursday, July 11, 2019

ايڪسيڊنٽ مختصر مختصر ڪهاڻي عنايت ميمڻ


ايڪسيڊنٽ
مختصر مختصر ڪهاڻي
عنايت ميمڻ 
هر پاسي خاموشي ڇائنجي وئي، ماحول سوڳوار ٿي ويو.
سڀني جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. ماڻھو ڪڇي، ڄڻ ڀت ڪڇي.
امتياز جي اوچتي ايڪسيڊنٽ جي خبر ٻڌي، سڀني تي سڪتو تاري ٿي ويو. ڪنهن کي اعتبار ئي نه پئي آيو ته ڪو امتياز هيئن به جدا ٿي سگهي ٿو. امتياز، پاڙي وارن سان پيار ڪندڙ، کل مک، محبتي ماڻھو هيو. ڏک سک ۾ ساٿ ڏيندڙ، سچو ۽ کرو ماڻھو هيو. امتياز جي روز جو معمول هيو، لاڙڪاڻي کان سکر وڃڻ. هو تازو ئي ڪراچي کان اسٽيٽ بينڪ سکر لاءِ بدلي ڪرائي آيو هيو. هو چوندو هيو ته؛ ”ڪراچي صحيح آھي پر گهر جا مسئلا، بابي جي بيماري، ننڍن ڀائرن تي نظرداري جي ڪري، بدلي ڪرائڻ تي مجبور ٿيو آھيان.“


تن ڏينهن ۾ اسٽيٽ بينڪ جي برانچ، سکر ۾ کلي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾، ھڪڙي وين جو نئين ديري وٽان ايڪسيڊنٽ ٿيو هيو. ان ايڪسيڊنٽ ۾ امتياز سان گڏ ٻه ٽي ٻيا دوست به گذاري ويا هيا.
مڪمل سوڳ وارو عالم هيو. هڪڙو پوڙھو سودي جي ڇلي کڻي گذري رهيو هيو. پاڙي وارن جو هجوم ڏسي بيھي رهيو. پڇيائين؛ ”ڇا ٿيو آ ابا! خير ت آھي؟“
مون ٻڌايس؛ ”چاچا! ڊاڪٽر امداد جو نوجوان پٽ امتياز، ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو آھي.“
ٻڌڻ شرط، هن جي هٿ مان ڇلي ڪري پئي. هو پاڻ سنڀالي نه سگهيو ۽ وڃي فرش تي ڪريو.  
مان هن کي سهارو ڏئي اٿاريندي پڇيو؛ ”اوهان جو واقف هيو ڇا؟“
” نه ڙي ابا!“ روئندي ٻڌايائين؛ ”منهنجو جوان پٽ به ائين ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو هيو.“

No comments:

Post a Comment