Sunday, August 25, 2019

گيلرِيءَ ۾ - فرانز ڪافڪا - ياسر قاضِي


(جرمن ڪهاڻي)
مصنف: فرانز ڪافڪا | مترجم: ياسر قاضِي
جيڪڏهن ڪا ڏُٻرِي، ٿَڪلَ پر سُهڻِي گهوڙي سوار عورت سرڪس ۾ ڪنهن ٽپا ڏيندڙ گهوڙي تي ويهي، اهڙِيءَ طرح پنهنجي فن جو مُظاهرو ڪري رهِي هُجي، جو تماشبينن جي ڏسڻ جِي طلب پُورَي ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندي هُجي ۽ پنهنجي چهبُڪ کي گهمائيندڙ بي رحم رِنگ ماسٽر، بنا ڪنهن ساهِيءَ جي کيس ڪيترن مهينن تائين دائري ۾ ئي ڦرندَي رهڻ تي مجبُور ڪندو رهي... گهوڙَي تي ويٺي ويٺي پر تيز رفتاريءَ سان حرڪت ڪندڙ هيءَ فنڪاره تماشائين تي پنهنجيُون چُميُون نڇاور ڪندِي، ۽ پنهنجي بدن جي چيلهه کان مٿي واري حصي کي ڪڏهن اڳيان، ڪڏهن پويان لهرائيندِي رهي، جڏهن آرڪيسٽرا جي موسيقيءَ ۽ پکن جي گوڙ ۾ جاري هي ختم نه ٿيڻ وارو شو لاڳيتو اهڙيءَ طرح جاري رهي، جو سندس تاريڪ مُستقبل به حال ئي جو حصو بڻبو رهي... گڏوگڏ جيڪڏهن حاضرِين جي تاڙين جو گوڙُ، گهٽجڻ پُڄاڻان وري وري وڌندو به رهي ۽ تاڙيُون به اهڙن هٿن سان وڄايُون وڃن، جيڪي ٻاڦ سان هلندڙ مشيني هٿوڙن وانگر پنهنجي حدف تي ڀرپُور ڌڪُ هڻندا هُجن، ته اهڙيءَ صُورتحال ۾ مهمانن جي گيلريءَ ۾ ويٺل نوجوان مهمان، شايد وڏي تيزيءَ سان دائرن ۾ ٺهيل تمام ڊگهيُون ڏاڪڻيُون اورانگهيندي، هڪدم سرڪس جي بلڪل وچ واري دائري (سَرڪل) ۾ اچي، پنهنجي زور شور سان وڄندڙ آرڪيسٽرا جي موسيقيءَ ۾ رڙيُون ڪندي اهو آواز لڳائي ته: ”بند ڪريو!“


پر ايئن ته آهي ئي ڪونه...
هڪ سُهڻي وينگس آهي، جيڪا اڇو ۽ ڳاڙهو لباس پائي، ڪيترن ئي پردن وچ ۾ ڄڻ ته اُڏامندي پئي وڃي ۽ پيادا مددگار وڏي فخر سان ان لاءِ اهي پردا کوليندا پيا وڃن. ”رِنگ ماسٽر“، جنهن تي ان مائِيءَ جي نظر پوي ٿي، ته سندس اکين ۾ احترام جا جذبا واضح طور تي محسُوس ڪري سگهجن ٿا ۽ جڏهن هُو ڪنهن وفادار جانور وانگر ساهه کڻندَي، سندس ويجهو اچي ٿو ته کيس وڏي نزاڪت سان کڻِي، ڪارن داغن واري اڇي گهوڙي تي اهڙِيءَ طرح ويهاري ڇڏي ٿو، ڄڻ ته هُوءَ ان جي سڀ کان محبُوب وٿ هُجي، جيڪا ڪنهن خطرن واري سفر تي رواني ٿِي رهي آهي.
ان وچ ۾ ”رِنگ ماسٽر“ کي اهو به ياد ڪونه ٿو رهَي ته کيس گهوڙَي کي چهبُڪ سان اشارو ڏيڻو آهي. پوءِ آخرڪار هُو اوچتو ياد اچڻ تَي گهوڙَي کي چهبُڪ سان هڪ زوردار اشارو ڏئي ٿو ۽ گڏوگڏ پنهنجي حيرتَ مان پَٽيل واتَ سان گهوڙي جي پٺيان پُٺيان به ڊوڙندو رهي ٿو ۽ ان تي ويٺلَ، هوا ۾ بار بار مٿي اُٿندڙ سوار حسين وِينگس تي لاڳيتُون پنهنجيُون شوق واريُون نظرُون به ڄمائي ٿو رکي.
”رِنگ ماسٽر“ لاءِ اها ڳالهه لڳ ڀڳ سمجهه کان ٻاهر هئي ته گهوڙي سوار عورت ڪيڏيءَ فنڪاراڻي مهارت جو مظاهرو ڪري رهي آهي. هُو انگريزيءَ ۾ مختصر حڪمَ ڏيندي، کيس خطرن کان آگاهه ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري پيو. هُو شديد ڪاوڙ ۾ انهن ڇوڪرن کي دڙڪا ڏِيندي، کين انتهائي محتاط رهڻ جي هدايت به ڪري ٿو، جن کي وڏا وڏا ڌاتُوءَ جا اُهي ڇَلا پَڪڙيل آهن، جن منجهان گهوڙَي ۽ سوار کي ٽپو ڏيندَي گذرڻو آهي.
هاڻي اُن نارِيءَ کي گهوڙي جي چيلهه تي بيهي هوا ۾ ڪلٽِي کائڻي آهي، جيڪو ايڏو خطرناڪ ڪرتب آهي، جو، اُن کي عرفِ عام ۾ ”خطرناڪ ٽپو“ چيو وڃي ٿو. اُن ڪرتب کان اڳ ”رِنگ ماسٽر“ هٿ پنهنجو مٿي ڪري، آرڪيسٽرا کي خاموش ٿيڻ جو اشارو ڪري ٿو. ڪاميابيءَ سان هنَ ڪرتب جي پرفارمنس کان پوءِ هُو اُنَ نحيف ۽ ننڍڙي نارِيءَ کي سهڪندي، گهوڙي تان کڻي هيٺ لاهي ٿو ۽ سندس ٻنهي ڳلن تي چُمي ڏي ٿو.
ان موقعي تي رِنگ ماسٽر کي لڳي ٿو ته ان گهوڙي سوار عورت کي ڏسندڙَ جيترو به داد ڏين، اهو سندس فن جي مڃتا لاءِ گهٽ آهي، ۽ اُها فنڪاره... اها ته اُن ئي رِنگ ماسٽر جي مدد سان پنهنجن پيرن جي صرف پَٻن تي اُڀي بيٺي آهي. مٽيءَ جي ڪڪرَ ۾ ويڙهيلَ... پنهنجيُون ٻئي ٻانهُون پُوريُون ٻاهر پکيڙي... پنهنجو مَٿو هوا ۾ پويان جُهڪائي... ۽ سرڪس ۾ موجُود هر رُوحَ واري کي پنهنجي خوشيءَ ۾ شامل ڪندَي...
جيئن ته آهي ته ايئن ئي، ته گيلريءَ جي نوجوان مهمان پنهنجو چهرو پنهنجي سامهُون گيلريءَ جي ريلنگ تي رکِي ڇڏيو ۽ پوءِ هُو، تماشي کان پوءِ اختتامي مارچ ۾ ايئن رَلجِي ويو، جيئن هُو ڪنهن انتهائي ڳرَي سپني ۾ ٻُڏندو ويندو هُجي.
هُو روئي پيو...
ان ڳالهه کان بي خبر، ته هُو روئي رهيو آهي...

No comments:

Post a Comment