Showing posts with label گيلرِيءَ ۾، فرانز ڪافڪا، ياسر قاضِي،. Show all posts
Showing posts with label گيلرِيءَ ۾، فرانز ڪافڪا، ياسر قاضِي،. Show all posts

Sunday, August 25, 2019

گيلرِيءَ ۾ - فرانز ڪافڪا - ياسر قاضِي


(جرمن ڪهاڻي)
مصنف: فرانز ڪافڪا | مترجم: ياسر قاضِي
جيڪڏهن ڪا ڏُٻرِي، ٿَڪلَ پر سُهڻِي گهوڙي سوار عورت سرڪس ۾ ڪنهن ٽپا ڏيندڙ گهوڙي تي ويهي، اهڙِيءَ طرح پنهنجي فن جو مُظاهرو ڪري رهِي هُجي، جو تماشبينن جي ڏسڻ جِي طلب پُورَي ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندي هُجي ۽ پنهنجي چهبُڪ کي گهمائيندڙ بي رحم رِنگ ماسٽر، بنا ڪنهن ساهِيءَ جي کيس ڪيترن مهينن تائين دائري ۾ ئي ڦرندَي رهڻ تي مجبُور ڪندو رهي... گهوڙَي تي ويٺي ويٺي پر تيز رفتاريءَ سان حرڪت ڪندڙ هيءَ فنڪاره تماشائين تي پنهنجيُون چُميُون نڇاور ڪندِي، ۽ پنهنجي بدن جي چيلهه کان مٿي واري حصي کي ڪڏهن اڳيان، ڪڏهن پويان لهرائيندِي رهي، جڏهن آرڪيسٽرا جي موسيقيءَ ۽ پکن جي گوڙ ۾ جاري هي ختم نه ٿيڻ وارو شو لاڳيتو اهڙيءَ طرح جاري رهي، جو سندس تاريڪ مُستقبل به حال ئي جو حصو بڻبو رهي... گڏوگڏ جيڪڏهن حاضرِين جي تاڙين جو گوڙُ، گهٽجڻ پُڄاڻان وري وري وڌندو به رهي ۽ تاڙيُون به اهڙن هٿن سان وڄايُون وڃن، جيڪي ٻاڦ سان هلندڙ مشيني هٿوڙن وانگر پنهنجي حدف تي ڀرپُور ڌڪُ هڻندا هُجن، ته اهڙيءَ صُورتحال ۾ مهمانن جي گيلريءَ ۾ ويٺل نوجوان مهمان، شايد وڏي تيزيءَ سان دائرن ۾ ٺهيل تمام ڊگهيُون ڏاڪڻيُون اورانگهيندي، هڪدم سرڪس جي بلڪل وچ واري دائري (سَرڪل) ۾ اچي، پنهنجي زور شور سان وڄندڙ آرڪيسٽرا جي موسيقيءَ ۾ رڙيُون ڪندي اهو آواز لڳائي ته: ”بند ڪريو!“