Thursday, August 1, 2019

ڪھاڻيون جن کي پڙھي مٿو ناھي ڦرندو - علي رضا قاضي


ڪھاڻيون جن کي پڙھي مٿو ناھي ڦرندو
علي رضا قاضي
مارڪ ٽوائن کان هڪ ڀيري جڏهن ڪهاڻين بابت پڇيو ويو ته هن چيو: “هيءَ ڪائنات، ائٽمن جي نه پر ڪهاڻين جي ٺهيل آهي!” ساڳي ريت دوستووسڪي چيو ته “توهان وٽ ٻڌائڻ لاءِ ڪهاڻيون نه هجن ته هن دنيا ۾ ڪيئن رهي سگهندؤ!” ان ڪري ئي ته چوندا آهن ته “هر سج اڀرڻ سان گڏ پاڻ ساڻ لاتعداد ڪهاڻيون کنيون ايندو آهي.” اهڙي طرح رات جون الڳ ڪهاڻيون آهيون. پاڻ جنهن سماج ۾ رهون ٿا، ان ۾ سچ ته ڏينهن کان ڪاري انڌاري رات جون ڪهاڻيون وڌيڪ آهن. اماس جهڙين ڪهاڻين جا راڪاسَ ڪردار “آدم بُو... آدم بُو...” ڪندا، ڪيترائي گهر اجاڙي ڇڏين ٿا.


جان برگر چيو: “اسان جڏهن ڪهاڻيون پڙهون ٿا ته ڄڻ انهن ۾ رهڻ لڳون ٿا. ڪتاب جا پنا ڇت، فرش ۽ ڀتين جو ڪم ڏين ٿا.” بلڪل، اهي ڪهاڻيون ئي آهن، جيڪي اسان جي آس پاس ۾ موجود آهن. هو ساهه به کڻن ٿيون ته ٽهڪ به ڏين ٿيون ته ماتام جي شرنائي جي ڪنهن ڌن جيان ڍنڍرڪون ڏئي پار ڪڍي روئن به ٿيون. انهن ڪهاڻين ۾ جيون جا هزار رنگ به موجود آهن ته موت جي مام به لڪل آهي. جهڙي طرح منهنجي بابا جي ڪهاڻي. جنهن زندگيءَ جا پورا چاليھ سال درس ۽ تدريس ۾ گذاري جڏهن سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿي باقي حياتي گذارڻ لاءِ پينشن جي ڪوشش ڪئي ته لاڳاپيل آفيس مان جواب مليس: “توهان جي سروس جو رڪارڊ ئي موجود ناهي. هتي اسان جي ڪاغذن ۾ توهان مري ويا آهيو!” اهڙي قسم جي خطرناڪ ڳالهه ٻڌي، بابا ڪجهه گهڙين لاءِ خاموش ٿي ويو. هن جو جسم سڪتي ۾ اچي ويو. ٿوري دير کان پوءِ ڏڪندڙ چپن سان ايترو چيائين: “مان ته زنده آهيان...!” اهو ڏينهن اڄ به چڱي طرح ياد آهي، جڏهن ڪرسيءَ تي ٽنگون ٽيڙي ويٺل ڪلارڪ بابا جي حالت زار تي کلندو رهيو هو! ڪلارڪ جي جملي: “تون رڪارڊ ۾ مئل آهين...” منهنجي بابا کي جيئري ئي ماري ڇڏيو. زندگيءَ جو پويون وقت شگر، دل جي تڪليف، ڊپريشن ۾ گهاري مولا عليءَ جي ان قول مصداق ٿي ويو: “موت به خدا جي نعمتن منجهان هڪ نعمت آهي!” موت جي “نعمت” سان بابا جي حياتي پڄاڻيءَ تي پهتي. جڏهن ته اهو ڪلارڪ زنده آهي. تر جي وڏي پير جو وڏو خليفو...
جڏهن ڪهاڻين جي ڳالهه نِڪتي آهي ته هن ليک ۾ ان عورت جي ڪهاڻي به شامل ڪجي ٿي، جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ مان سوشل سائنس جي ڪنهن مضمون ۾ ماسٽرز ته ڪئي، پر ڳوٺ ۾ هڪ ڪڌي رسم جي ور چڙهي وئي. قتل هن جي ڀاءُ ڪيو، ڏنڊ ۾ هن جو جسم مقتول ڌر جي حوالي ڪيو ويو.ساڳي طرح ان عمل کي عين شريعت جي مطابق قرار ڏئي حق جو نالو شادي ڏنو ويو. شادي ته ٿي وئي پر ڪو ڏينهن خالي نه هو، جنهن ڏينهن ان پڙهيل ڇوڪريءَ کي ڀاءُ جو پلاند نه ڏيڻو پوندو هو. پوءِ هڪ صبح تي پنهنجي رئي کي نجات جو هٿيار سمجهي، پکي ۾ لڏندي رهي، اهڙي طرح پلاند پورو ٿيو!
اسان جي سماج ۾ عورتن سان زيادتين جو سلسلو ايڏو ته طويل آهي، جنهن کي اڄ تائين “فل اسٽاپ” ناهي اچي سگهيو آهي. ها باقي “ڪامائن” جي وچ تي ان نينگريءَ جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو، جنهن جو مڙس مزدوريءَ سانگي ڪراچي ويل هو. پويان هن جي بيماريءَ کي پهريائين بهانو، پوءِ بت جو هجڻ ۽ تعويذن سان تعبير ڪيو ويو. ڏينهن به ڏينهن طبيعت خراب ٿيندي وئي. آخر ۾ هن جي مڙس کي اطلاع ڏنو ويو، پر گهڻي دير ٿي وئي. مهينن تائين بيمار رهندڙ عورت کي پيراسيٽامول جي گوري به نه ڏني وئي... ۽ اها مظلوم عورت مڙس جي اچڻ کان اڳ گذاري وئي. اهو سو ٿيو جو هن جي ٽيجهي ۾ پنج ديڳيون لاٿيون ويون!
سنڌي سماج ۾ بي حسي جي اها هڪ ڪهاڻي نه آهي، هر طرف هاڻي اهڙن قصن داستانن جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي. ايئن پيو محسوس ٿئي سڄو جيون درد جو داستان هجي، “الف ليلى” جهڙو ڊگهو قصو، جيڪو کٽڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي، پر ڪجهه ڪهاڻيون دردن جي شڪل ۾ يادن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ٿي وينديون آهن، جيئن هڪ ڪهاڻي، ان ٻڍڙيءَ عورت جي به آهي، جيڪا ڪنڊياري کان ٻاهران تيز رفتار ڪوچ جي ٽڪر ۾ فوت ٿي وئي. ٻڍڙي مائيءَ جو لاش ڪيتري وقت تائين روڊ تي پيل رهيو. جنهن جاءِ تي لاش پيو رهيو، ان کان ڪجهه ميٽرن جي مفاصلي تي عوام کي انصاف پهچائيندڙ عدالتون هيون. ڪجهه مفاصلي تي شهر جي وڏي اسپتال، پوليس اسٽيشن، وڏو ڪاليج، هاءِ اسڪول، لاتعداد مسجدون، مدرسا، دوڪان، بازارون، گهر، انهن ۾ موجود سٺ هزارن کان مٿي انساني آبادي... ڀرپاسي جي انسانن جي ڳڻپ ڪجي ته لکن ۾ هوندي، پر ٿيو ڇا؟ پيرسن عورت جو لاش ڪيترا ئي ڪلاڪ روڊ تي پيل رهيو. قومي شاهراهه تي ان دؤران سوين گاڏيون لاش ڀرسان تماشاين جيان گذرنديون رهيون! تان جو ڪافي ڪلاڪن کانپوءِ پوڙهي عورت جي لاش کي چنگچي رڪشا ۾ ڪٻڙو سمهاري اسپتال پهچايو ويو. اهڙي حالت ۾ مري ويل جانور ۽ ماڻهو ۾ ڪهڙو فرق! مطلب ته اسان اجتماعي بي حسي جي ور چڙهي ويا آهيون، جنهن جو علاج نظر نه ٿو اچي!
سماج ۾ اهڙي بي حسيءَ جون ڪهاڻيون هر جاءِ تي ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ نظر اينديون. معاشري ۾ ناانصافين ۽ اڻ برابريءَ جا سلسلا اهڙا ته طويل آهن، جو اڪثر تامل ناول نگار پيرو مل موروگن، ڏاڍو ياد ايندو آهي. هندستان جي تامل ناڊو رياست جو اهو گهڻ پڙهيو ناول نگار سوشلسٽ پيرو مل موروگن جنهن جي ناول “ماڌورو ڀاجن” تي اهڙا ته بي تڪا ۽ اجايا الزام هڻي ان تي پابندي هڻائي وئي جو موروگن، پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ تي پوسٽ ڪيو: “ليکڪ پيرو مل موروگن مري چڪو آهي. جيئن ته هو خدا نه هو، تنهن ڪري ٻيهر زندهه نه ٿيندو، هو ٻيهر جيئرو ٿيڻ تي يقين نٿو رکي. هو فقط هڪ عام استاد هو ۽ پيرومل موروگن ان حيثيت ۾ زندهه رهندو.” ان سان گڏ هن ٻي پوسٽ به ڪئي ته هو هاڻي هميشه لاءِ لکڻ ڇڏي رهيو آهي. جنهن جو مکيه سبب انهن ناسمجهه ماڻهن جو هن جي ناول خلاف نفرت جهڙو احتجاج هو. ڏک اهو آهي ته جيڪي ماڻهو احتجاج جي اڳواڻي ڪن پيا، انهن ناول کي سمجهيو ته ڇا پر پڙهيو به ناهي!
پيرومل موروگن ناشرن کي درخواست ڪئي ته هن جا ڪتاب نه ڪي ڇاپيا وڃن نه ئي وڪرو ڪيا وڃن. جيڪي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، انهن کي ضائع ڪيو وڃي. انهن جو معاوضو هو ڀري ڏيندو. پبلشرن سان گڏ هن پنهنجي مداحن ۽ پڙهندڙن کي پڻ گذارش ڪئي ته هن جا ڪتاب سرِ عام ساڙيا وڃن. هو هاڻي هن زنگ لڳل سماج جو اديب ناهي رهيو! پيرو مل موروگن جو ناول “ماڌورو ڀاجن” سال ۲۰۱۰ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته تڪرار ۲۰۱۴ع ۾ شروع ڪيو ويو. ناول ۾ ڇا لکيل آهي؟ اها ڊگهي ڪهاڻي آهي، جيڪا ٻئي ڪنهن مضمون ۾ تفصيل سان لکندم. مختصر طور هي ته ناول “ماڌورو ڀاجن” جهڙيون ڪهاڻيون سنڌ ۾ عام جام آهن، جن کي ڏسي هاڻي اسان جو مٿو ناهي ڦرندو.

No comments:

Post a Comment