Monday, August 19, 2019

اهم ڳالھ!


اهم ڳالھ!
مختصر ڪھاڻي
ايس فضيلت/ ھمير گاد
هڪ تمام وڏو مصنف هو ۽ ھڪ وڏو ليڊر هو.
مصنف ان لاءِ وڏو هو جو هُن ڪافي ڪتاب لکيا ها ۽ زندگيءَ جي گهڻين حقيقتن کي هُن بي نقاب ڪيو هو.
ليڊر ان لاءِ وڏو هو جو هن پنهنجي ليڊري چمڪائڻ جي لاءِ وڏيون وڏيون تقريرون ڪيون هيون.
جڏھن ليڊر ترقي ڪري وڏو ماڻھو ٿي ويو ۽ ھُن جي بڪواس به سٺي گفتگو ۾ شمار ٿيڻ لڳي تڏھن هن مصنف کي پنهنجي سوانح عمري لکڻ جي لاءِ گُھرايو.


مصنف غريب هو لکڻ مان ئي هن کي ٻه پئسا ملندا هئا. هو هڪ سُٺي معاوضي تي راضي ٿي ويو.
گهڻا ڏينهن گذري ويا مصنف واپس نه آيو.
ليڊر کي پريشانيءَ ورايو. هُن مصنف کي گهُرايو ۽ چيائين: ”ليکڪ! تو منهنجي سوانح عمري اڃا تائين لکي پوري ناهي ڪئي!؟“
ليکڪ چيس؛ ”جناب! ان کي مڪمل ئي سمجهو! بس ان ۾ ھڪ اهم ڳالھ لکڻ رهجي وئي آ.“
”ڪهڙي اهم ڳالھ آھي، جيڪا اڃا رھجي وئي آھي؟!“ ليڊر، حيرت واري انداز ۾، پڇيو.
مصنف خاموش بيٺو رهيو.
ليڊر وري ڳالهايو: ”ڇا تو کي منهنجي تقريرن جو تعداد معلوم ناهي.؟“
”معلوم آ!“
”پوءِ باقي، اسان ڪيتريون ھڙتالون ڪرايون، اهو لکڻ وسري ويئي ڇا.؟“
”اهو به لکي ڇڏيو آهي، جناب!“
”اسان ڪيترا ڀيرا پوليس وارن کي گاريون ڏنيون.“
ها اهو به لکيو آھي، حضور!“
ته پوءِ سوانح عمريءَ ۾ ڪهڙي اھم ڳالھ رهجي وئي آھي.“ ليڊر پريشان ٿي اُٿي بيٺو.
مصنف نهايت اطمينان سان جواب ڏنو؛ ”اوهان جي تاريخ وفات!“

(روزاني پنهنجي اخبار، سومر ۱۹ آگسٽ  ۲۰۱۹ع ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment