Thursday, August 15, 2019

دعوت جي ماني ۽ فقير - سھڻو لاشاري


دعوت جي ماني ۽ فقير
(مختصر ڪھاڻي)
سھڻو لاشاري
شاديءَ جي تقريب ۾، لڳ ڀڳ سمورا ساڏي ماني کائي چڪا هئا. آخر ۾ منتظمين ورائي اعلان ڪيو؛ ”اگر ڪنهن ساڏيءَ ماني نه کاڌي هجي ته ماني هال ۾ لڳل آهي. مهرباني ڪري اچي ماني کائي!“
هن جيئن ئي در ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي ته اعلان ڪندڙ منتظمين، کيس ٻانھن کان جھلي روڪي ورتو ۽ چيائونس؛ ”فقير تو کي اڳھارو به جھليو هو ته اندر نه اچ!“

No comments:

Post a Comment