Saturday, August 24, 2019

ناول نگار


ناول نگار
مختصر ڪھاڻي
حيدر دريا
هڪ ادبي محفل ۾ ڪنهن تعارف ڪرائيندي چيو؛ ”هيءُ ڀلوڙ ناولسٽ آهي. هن پنج شاهڪار ناول لکيا آهن. هر ناول جي ڪهاڻي ۽ اسلوب بلڪل الڳ ٿلڳ آهن. جيڪو به هن جا ناول پڙهي ٿو ته ان کي حيرت لڳي ٿي ته يڪا پنج ناول هن جا ئي لکيل آهن! ناول لکڻ جي مهارت، بس هن کان ئي سکجي.“
۽ پوءِ جنهن مهل هن پنهنجن ناولن تي ڳالهايو. تڏهن مون کي لڳو، جهڙو هو منهنجو اڳ ۾ ئي ڏٺل وائٺل هجي.
ٿوري دير کان پوِ مون کي ياد آيو؛ جنهن دڪاندار کان مهيني تي سامان کڻندو آھيان، سو سامان جي هر پُڙي، ھن جي ڪنهن نه ڪنهن ناول جي پني سان ٻڌي ڏيندو آھي.

No comments:

Post a Comment