Showing posts with label ڊپ موت جو وکر آهي، مختصر ڪهاڻي، امر لغاري،. Show all posts
Showing posts with label ڊپ موت جو وکر آهي، مختصر ڪهاڻي، امر لغاري،. Show all posts

Friday, August 2, 2019

ڊپ موت جو وکر آهي - امر لغاري


ڊپ موت جو وکر آهي
مختصر ڪهاڻي
امر لغاري
مون جڏهن پهريون ڀيرو هڪ سرڪاري پرائمري اسڪول مان پنھنجو ٻار ڪڍائي، پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ته هو ڏاڍو خوش ٿيو. اسڪول جي استادن جي چوڻ تي کيس ڪاپيون ڪتاب به وٺي ڏنم. اسڪول اچڻ وڃڻ لاءِ رڪشا به رکي ڏنم. ڪجھه ڏينهن ته هُن جا ڏاڍا سٺا گذريا. پر پوء، مهيني ڏيڊ بعد هڪ ڏينهن هو جڏهن اسڪول کان موٽيو ته دروازي تان ئي روئڻ شروع ڪيائين. ڏاڪڻ چڙهي مٿي جڏهن گھر جي ڪمري تائين پهتو ته ٿيلهي مان ڪتاب ڪڍي هڪ هڪ ڪندو اڇلائيندو ويو. اسان جيڪي به گھر ڀاتي ويٺا هئاسين، ڊوڙي وٽس پهتاسين. پڇيوسينس، ”بابا، ڇا ٿيو؟ ڇو پيو ڪتاب اڇلائين؟ ماستر مار ڏني اٿئي يا ڪنھن ...؟“