احمد حسين رڪشا وارو
مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
لڳ ڀڳ ۴۰ سالن جي عمر جو احمد حسين، ان ئي عمارت جي
پهرين ماڙ تي ڪرائي جي هڪ گهر ۾ رهندو آهي، جنهن عمارت جي گرائونڊ فلور تي اسان
رهندا آهيون. احمد حسين کي ٽن ٻارن جو اولاد آهي، جن ۾ ٻه ڌيئر ۽ هڪ پٽ اٿس. سڀئي
ننڍا ٻار اٿس، جن کي به هو پڙهائي رهيو آهي. سندس ٽيئي ٻارَ، ڏاڍا سلڇڻا، فضيلت ۽
اخلاق وارا آهن. سندس گهر واري، اڪثر بيمار رهندي آهي. منهنجي گهرواري روشني، سندس
گهرواريءَ کي ”ادي مٿين“ چوندي آهي.