Showing posts with label صاحب جو خاص ماڻهو، ننڍي ڪھاڻي، فلئش فڪشن، جبار آزاد منگي،. Show all posts
Showing posts with label صاحب جو خاص ماڻهو، ننڍي ڪھاڻي، فلئش فڪشن، جبار آزاد منگي،. Show all posts

Tuesday, January 31, 2023

صاحب جو خاص ماڻهو - جبار آزاد منگي

صاحب جو خاص ماڻهو

(فلئش فڪشن)

جبار آزاد منگي

“ولي! ڪر خبر ڇا وهيو ڇا واپريو؟  صاحب وڏو ننڊ مان اٿندي ۽ اوٻاسي ڏيندي پنھنجي خاص ماڻهوءَ کان پڇيو.

ولي: ”بابا سائين! ٻيو سڀ خير لڳو پيو آهي، بس وڏي سرڪار 35 روپيا تيل وڌائي ڇڏيو آهي!”

“هائو ولي! اهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون هيون، اڳين حڪومت ڌوڙ پائي وئي آهي ۽ قوم ان جو ڪِيتو پئي لوڙي! پر تنھنجو ڪهڙو خيال آهي؟”