Tuesday, January 31, 2023

صاحب جو خاص ماڻهو - جبار آزاد منگي

صاحب جو خاص ماڻهو

(فلئش فڪشن)

جبار آزاد منگي



“ولي! ڪر خبر ڇا وهيو ڇا واپريو؟  صاحب وڏو ننڊ مان اٿندي ۽ اوٻاسي ڏيندي پنھنجي خاص ماڻهوءَ کان پڇيو.

ولي: ”بابا سائين! ٻيو سڀ خير لڳو پيو آهي، بس وڏي سرڪار 35 روپيا تيل وڌائي ڇڏيو آهي!”

“هائو ولي! اهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون هيون، اڳين حڪومت ڌوڙ پائي وئي آهي ۽ قوم ان جو ڪِيتو پئي لوڙي! پر تنھنجو ڪهڙو خيال آهي؟”


ولي: ”بابا سائين! اسان جو خيال ڪھڙي ڪم جو؟ اوهان اسان جا “مائي باپ” آهيو، اسان اوهان جا ٻچا آهيون، سو ڪيئن اوهان اسان کي ڏکيو ڏسڻ پسند ڪندؤ!؟ هي قيمتون وڌائڻ برابر ملڪ جي، مطلب اسان جي فائدي ۾ هونديون.“

“ولي! هي جو ماڻهو مھانگائيءَ جون دانھون ڪري رهيا آهن، سي ڀلا ڇو؟”

ولي: ”بابا سائين! ماڻهو جَکَ ٿا هڻن، جي مهانگائي هجي تہ اٿي ڪو رڙ واڪو ڪن، روڊن تي نڪري اچن، جيئن اسان پاڻ اڳ روڊن تي نڪتا هئاسين، ها بابا سائين! چار سال اڳ جڏهن پاڻ مخالف ڌر ۾ هئاسين، تڏهن واقعي مهانگائي هئي ۽ هاڻ بابا... دشمن جي پروپيگنڊا آهي تہ مھانگائي ٿي وئي آهي.“

هائو ولي؟“

ها بابا سائين! اوهان آرام سان سمھي، آرام ڪريو ۽ پڪ سمجهو تہ “پينو ماڻھو” ڪڏهن بہ حق ڇني ناهي وٺندو!“

خاص ماڻهوءَ جي خاص جملي کان پوءِ قوم جو خاص محبوب ماڻهو، صاحب وڏو ٽنگ ٽنگ مٿان رکي پلنگ تي وري ليٽي پيو.

 

(جبار آزاد منگيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۱ جنوري ۲۰۲۳ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment