Tuesday, January 31, 2023

مڪمل ھارڊ ايريا جو ڪئنڊيڊيٽ - منظور ڪوھيار

مڪمل ھارڊ ايريا جو ڪئنڊيڊيٽ

(ننڍڙي ڪھاڻي)

منظور ڪوھيار



لاڳاپيل کاتي جي وزير، قسم کڻي پريس ڪانفرنس ڪئي، ته هاڻي ميرٽ ٿيندي. ان حوالي سان لاڳاپيل آفيسرن کي سختيءَ سان هدايت ڪيائين، ته ڪنهن به نااهل کي نوڪري نه ملڻ گھرجي.

اپائنمينٽ ڪميٽي جي ميمبرن ۽ چئرمئن هر اميدوار کان آڏا سوال پئي ڪيا۔ جوابن ٻڌڻ کان پوء کين لڳو پئي، ته هڪڙو به اهڙو اميدوار ڪونهي، جو جنهن کي آفر آرڊر ڏجي.


آخرڪار هڪڙو پر اعتماد اميدوار اهڙو به آيو، جنهن کي ڪنهن به قسم جي ڌڙڪ نه هئي. واري واري سان هر ميمبر پڇڻ شروع ڪيس.

هڪڙو ميمبر: ”انگريزيءَ ۾ اي بي سي ٻڌاءِ؟“

اميدوار: ”جيئي ڀٽو!“

ٻيو ميمبر: ”سنڌي الف ب ترتيب سان ٻڌاءِ؟

اميدوار: ”جيئي ڀٽو!“

ٽيون ميمبر: ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، 

دوست مٺا دلدار  عالم سڀ آباد ڪرين!...

ڪنهن جو شعر آهي؟“

اميدوار: ”جيئي ڀٽو!“

چوٿون ميمبر: ”ٻه واڌو ٻه گھڻا ٿيا ؟“

”جيئي ڀٽو!“

چئرمئن: ”ڀلا، ڀٽي صاحب جي ڪنهن لکيل ڪتاب جو نالو کڻ؟“

زور سان وراڻيائين؛ ”جيئي ڀٽو!!!!“

اهو ٻڌي سڀئي لاجواب ٿي ويا، ۽ کيس مڪمل هارڊ ايريا جو ڪئنڊيڊيٽ ڄاڻائي سليڪٽ ڪري ڇڏيائون......

 

(منظور ڪوھيار جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۱ جنوري ۲۰۲۳ع تان کنيل)

No comments:

Post a Comment