Showing posts with label بگھڙ، مختصر ڪھاڻي، ھرمن ھيس، جرمن، انجنيئر عبدالوھاب سھتو،. Show all posts
Showing posts with label بگھڙ، مختصر ڪھاڻي، ھرمن ھيس، جرمن، انجنيئر عبدالوھاب سھتو،. Show all posts

Tuesday, January 31, 2023

بگھڙ - ھرمن ھيس - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

بگھڙ

(جرمن مختصر ڪھاڻي)

ھرمن ھيس

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ان کان اڳ، ڪڏھن فرانسيسي پھاڙن تي ايڏي سخت سردي نه پئي ھئي ۽ نه ئي وري سياري ايڏي تانگھ ڏني ھئي. ھفتن تائين ھوا صاف، تکي ۽ يخ ٿڌي گھُلي ھئي. ڏينھن جي وقت وسيع ھيٺانھان برفاني پڊ، ميٽوڙا اڇا ۽ ديد جي حد تائين ڦھليل، نظر ايندا ھيا. رات جو مٿانئُن ننڍڙو، شفاف، رٺل ۽ بي رحم چنڊ لنگھي ويندو ھيو. مگر ان جي چانڊوڪي ٿڌي نيرڙي ٿي چمڪندي ھئي، جيڪا بذات خود پاڻ ۾ ٿڌاڻ جو جوھر کنيو ھلندي ھئي. خاص طور تي پھاڙن تي ويندڙ اُڀَ-ڪَپرا رستا ۽ پير-چارا سنسان ٿي ويا ھيا. ماڻھو، وسندين اندر پنھنجن پنھنجن گھرن ۾، نڪمائپ کان سُتي سُتي، پيا بَيبِيندا ھيا. رات جو دريون، دونھين نما ڳاڙھسريون ٿي چمڪنديون ھيون ۽ ستت گگھ اوندھ منجھ ٽُٻي ھڻي وينديون ھيون.