بگھڙ
(جرمن مختصر ڪھاڻي)
ھرمن ھيس
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ان کان
اڳ، ڪڏھن فرانسيسي پھاڙن تي ايڏي سخت سردي نه پئي ھئي ۽ نه ئي وري سياري ايڏي
تانگھ ڏني ھئي. ھفتن تائين ھوا صاف، تکي ۽ يخ ٿڌي گھُلي ھئي. ڏينھن جي وقت وسيع
ھيٺانھان برفاني پڊ، ميٽوڙا اڇا ۽ ديد جي حد تائين ڦھليل، نظر ايندا ھيا. رات جو
مٿانئُن ننڍڙو، شفاف، رٺل ۽ بي رحم چنڊ لنگھي ويندو ھيو. مگر ان جي چانڊوڪي ٿڌي نيرڙي ٿي چمڪندي ھئي، جيڪا بذات خود پاڻ ۾ ٿڌاڻ
جو جوھر کنيو ھلندي ھئي. خاص طور تي پھاڙن تي ويندڙ اُڀَ-ڪَپرا رستا ۽ پير-چارا
سنسان ٿي ويا ھيا. ماڻھو، وسندين اندر پنھنجن پنھنجن گھرن ۾، نڪمائپ کان سُتي سُتي،
پيا بَيبِيندا ھيا. رات جو دريون، دونھين نما ڳاڙھسريون ٿي چمڪنديون ھيون ۽ ستت
گگھ اوندھ منجھ ٽُٻي ھڻي وينديون ھيون.
