ميلوها
(مختصر ڪهاڻي)
عزيز ڪنگراڻي
وشال
سنڌُو درياھ جي مست الست لهرن ۾ سِڙھ وارو وڏو ٻيڙو ڇولين کي چيريندو، لهرن ۽ ڪُنن
کي لتاڙيندو ٻِي ڀَر وڌي رهيو هو. ملاح وڏي اعتماد سان ٻيڙو هلائي رهيو هو. جنهن
مهل واءُ سڻائو گهٽ ٿئي پيو ته ٻيڙي کي ونجھ سان هلائڻ ٿي لڳو. ٻيڙي ۾ ڪافي سوار
هئا. هڪ اڌ کانسواءِ باقي سانورا ۽ ڪڻڪائين رنگ جا هئا. هرهڪ کي چاپئين ڏاڙهي هئي.
سڀني ماڻهن کي پيرن ۾ گيتلو پاتل هو. مٿي سان کين ڇِيٽ جهڙي ڪپڙي جو ننڍو انگڇو
ٻَڌل هئو. سندن بدن تي ململ جي ڪپڙي جي کسِي ڳلي واري گِڊِي پهريل، ڪلهن تي اجرڪ
جهڙو ڪپڙو اوڍيل ۽ لاک ٻَڌل هئي. ڪن وٽ ڳوٿرين ۾ ٺڪرِي ۽ ٽامي جون ٽِڪِيون هيون.
ڪنهن مهل ڳوٿري کولي آهي ٽِڪيون ڏسِي سنڀالي وري ڳوٿري ۾ رکيائون پئي. ٽِڪين تي
اکر اُڪريل هئا جيڪي سمجھ ۾ نه پئي آيا. وٽن ڪو به هٿيار نه هو توڻي جو ٻيڙي ۾ طرح
طرح جي ڪپڙي جا ٿان، ڪچو سون، ماکي، بانس جا لڪڙا، سُڪل مڇي ۽ ٻيو قيمتي سامان پيل
هو.
پاڻ ۾
ڳالهائڻ وقت الائي ڪهڙي ٻولي ڳالهائن پيا. اها ٻولي منهنجي سمجھ کان ٻاهر هئي.
ٻيڙو هلائيندڙ ٻين سان ”مهاڻ” چئي مخاطب ٿئي پيو ۽ ٻيا ٻيڙو هلائيندڙ کي ”ملح” چئي
مخاطب ٿيا پئي. ڇولين ۾ ٻيڙو لُڏيو پئي ته سڀني کان ڇرڪ نڪري پئي ويو. مون ڏي ڏسي
پاڻ ۾ سُس پُس ڪن پيا ته مان گهٻرائجي پئي ويس. منهنجي چهري جا خوف وارا تاثر ڏسي
اشارن ۾ ڪجھ چيائون پئي. ڄڻ چوندا هجن، ”گهٻراءِ نه، اسان ويڙهاڪ نہ، پُر امن
آهيون.“ جڏهن 'چانهيون'، 'ڪوٽيجي'، 'رهڙي'، 'ڍلوِير'، 'هيڙپ' 'پير لکو' يا
'مهاڻئين' چون پيا ته سمجهي ٿي ويس ته ڪِن وسندين جا نالا وٺن پيا.
ٻيڙو
سِير مان نڪري ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳو. سامهون ڪناري سان سوين ٻيڙا لنگر انداز هئا.
ٻيڙو ڪناري سان لڳو. سڀ سامان سنڀالي لهڻ لڳا ته مان به لهڻ لڳس. منهنجي نظر
مٿانهين تي اڏيل هڪ تمام وڏي شهر تي پئي. پڪسرن ٻِماڙ گهرن وارو حَسِينَ شهر جيڪو
ٻن حصن ۾ ورهايل هئو. شهر ۾ داخل ٿيس ته حيران رهجي ويس. ڏندين آڱريون اچي ويون.
ويڪريون ۽ صاف پڪيون گهٽيون ۽ پاڻي جي نيڪال جو شاندار نظام هئو. گهر گهر وٽ پڪا
کوھ هئا. مختلف شين جا ڪيترائي دڪان هئا. ڪي جواهرات جا، ڪي سونن زيورن ٺاهڻ جا،
ڪپڙي جا، ٺڪر جي ٿانون تي چٽ ڪڍڻ جا، ٽِڪيون ٺاهن ۽ انهن تي اکر اُڪرڻ جا دڪان به
هئا ته اَنُ جا گدام به هئا. شهر ۾ مرڪزي تلاءُ هئو جنهن ۾ ماڻهو وهجندا هئا. مون
اشارن ۾ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته تلاءُ ۾ مرد ۽ عورتون گڏ وهجندا هئا يا الڳ الڳ؟
عبادت لاءِ وهجندا هئا يا ايئن؟ اشارن ۾ ٻڌايائون پر مان سمجهي نه سگهيس يا وري
هُو منهنجو سوال سمجهي نه سگهيا هئا. سندن اشارن منجهان اهو محسوس ڪيم ته گڏ
وهجندا هئا. مٿاهين کان هيٺ نهاريم ته چؤطرف فصل ئي فصل، ساوڪ ئي ساوڪ ڦهليل هئي.
اوچتو بارش شروع ٿي وئي هئي. گهٽين ۾ ايندڙ ويندڙ اَڙِ وٺي بيهي رهيا ته مان به هڪ
دڪان جي اَڙِ ۾ بيهي رهيس. جيئن مينهن وسڻ بند ٿيو ته پاڻي بنان دير نيڪال ٿي ويو.
ڄڻ برسات ئي ڪانه پئي هئي.
اچانڪ
ڏٺم ته دڪان بند ٿيڻ لڳا هئا. عورتون ۽ مرد پاڻ سنواري ڪنهن طرف وڌڻ لڳا هئا.
عورتن کي ڪَرائِي کان ڏورن تائين عاج جون چوڙيون پاتل هيون. مان به اوڏانهن وڃڻ
لڳس. اُتي وڃي ڏٺم ته هزارن جي تعداد ۾ هيٺاهين ميدان تي مرد ۽ عورتون گڏ ٿيا هئا.
مٿانهين تي ٻه ماڻهو هئا. هڪ مرد جنھن جي چاپئين ڏاڙهي، کيس ڪلهي ۽ سيني وٽان اجرڪ
نما ڪپڙو اوڍيل هئو. عورت اهڙي انداز ۾ هئي جو سندس هڪ پير هيٺ ۽ ٻيو پير ڪنهن
سِرُن جي ٺهيل دِڪي تي لڳو پئي. سندس هڪ هٿ چيلھ تي ۽ ٻيو هٿ سٿرن وٽان اڳتي وڌايل
لڳو. سندس انهيءَ هٿ ۾ ٿانءُ هئو، جنهن ۾ ڪا شئي هئي ۽ هيٺ ناچ ڪندڙن تي ان جي
ورکا پئي ڪيائين. هيٺ مرد، عورتون، نوجوان ڇوڪرا، ڇوڪريون ۽ ٻار نچي به رهيا هئا
ته ڳائي به رهيا هئا. نهايت خوبصورت آواز ۽ ناچ! ڪائنات جهومڻ لڳي هئي. ٻولي ڪهڙي
۾ پئي ڳاتائون مان نه سمجهي سگهيس. پر سحر انگيز آواز ۽ من موهيندڙ ناچ ڏسي جهڙوڪر
مان به جهومڻ لڳس. شايد سندن ڪو ڏڻ يا تهوار هئو جنهن ۾ شايد هن شهر کانسواءِ ٻين
شهرن کان آيل ماڻهو به شريڪ هئا. مان اڳتي وڌي مٿي ويٺل اجرڪ جهڙي چادر اوڍيل شخص
کان اشارن ۾ پڇيو:
”تون بادشاھ
آهين ۽ هيءُ ناچڻي آهي؟”
هن جي
اشارن مان سمجهيم. ڄڻ چوندو هجي ته، ”نه ھت ڪو به بادشاھ ناهي، سڀ برابر آهيون.
هيءُ ناچڻي ناهي مقدس عورت آ.”
”۽ هن شهر جو
نالو ڇاهي؟” مون اشارن ۾ پڇيو هئو. ڄڻ سمجهِي وراڻيو هئائين، ”ميلوهائين.”
”ميلوحائين
يا مهاڻائين؟” مون اشارن ۾ پڇيو. پر هُو خاموش رهيو. شايد منهنجي ٻولي يا سوال نه
سمجهيو هئائين. مون هيٺ ناچ ڪندڙن ڏانهن نهاريو مس ته ڪلهي تي هٿ رکندي هالار چيو:
”ڪٿي گُم
آهيو سائين؟”
مان
سوچ سمنڊ ۾ ٻڏل هوس ۽ تاريخ جي ساگر مان غوطا کائيندي ٻاهر ايندي وراڻيو: ”هون، ڇا
چيوئي؟”
هالار
وراڻيو:
”مان سڄو
مهين جو دڙو گهمي آيو آهيان ۽ توهان يڪو ڪنگ پريئيسٽ جي مجسمي وٽ بيٺا آهيو!”
مون
مجسمي ڏانهن نهاري وراڻيو:
”مان ميلوها
جي ماڻهن سان ملي آيو آهيان. هيءُ بادشاھ ناهي ۽ نه وري هوءَ ناچڻي آهي. نه وري
ميلوها مهين جي دڙي کان الڳ هئو. ميلوها يا مهاڻائين مهين جو دڙو ئي سمجهان ٿو.”
مون چوندي، مهين جي دڙي واري ٺُلھ ڏانهن لوڻو ڦيري ڇڏيو.
(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ميگزين ۾ ۲۴ آگسٽ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل(
No comments:
Post a Comment