Saturday, August 29, 2026

ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ - ڪتاب ڪهاڻي - ڪھاڻين جي ڪتاب جو اڀياس

ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ

(ڪتاب ڪهاڻي - ڪھاڻين جي ڪتاب جو اڀياس)

ذوالفقار ناصر ساريو



هوش محمد ڀٽي پنهنجي هن ڪتاب ۾ پنهنجي پاران لکي ٿو ته؛ ”اسان جي گهر کان وٺي حيدر چوڪ تائين.. ورهاڱي کان اڳ جون عمارتون ۽ انهن ۾ بعد آيل انسان ۽ ان کان اڳ رھندڙ انسان، ٻنهي جون ريت پريت، ڏيک ويک، ان دور جون سرون، ڪاٺ جون ڇتيون، اهي ڪوٺا.. انهن کي ڏسي هڪ پراسراريت ۽ زندھ ناسٽلجيا جو منظر مون اڳيان ٺهي پوندو آهي ۽ آئون اها پوري گهٽي، هڪ گهري سوچ جي محور ۾ ڀٽڪندو رھيو آهيان. ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي چهرا ۽ احساس جنم وٺندا آهن ۽ ڪيفيتن جو جهان طور ِسينا ٿي ويندو آهي.” هُن انهن پيچرن، انهن دڳن کان ٿيندو، ماڻهن جا چهرا ڏسندو، اندر جاچيندو، ڌرتيءَ جا سڀ دڳ ڏسي ۽ لکي پهريون ڪهاڻي ڪتاب ”انگن جي راند“ (۲۰۱۰ع) اسان کي ڏنو هو، پوءِ وري انهن ماڻهن جي روين منجھ رهي، سندن محبتن کي پرکي هڪ ٻيو ڪهاڻين جو ڪتاب “ڪوءِ ڳنڍيندڙ ھوءِ“ (۲۰۱۸ع) ۾ ڳنڍ ٻڌي، ٻين کوڙ پنهنجن لکيل ڪتابن سان گڏ گودڙيءَ ۾ رکيو اٿائين. هن ڪتاب ۾ ۱۷ ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب مُرڪَ پبليڪيشن جي مرتضي لغاريءَ ڇپايو آهي. مدد علي سنڌي، پروفيسر ڊاڪٽر تهمينا مفتي، منظور ڪوهيار ۽ پير عبيد راشديءَ ڪهاڻين سان گڏ ڪهاڻيڪار هوش محمد ڀٽيءَ جي هوش، جوش ۽ سندس تخليقي اڏام کي پروڙيو ۽ پرکيو آهي.



اسان جي پبلشر/ ليکڪ جو وڏو الميو اهو آهي ته سندس محنت تڙ تڪڙ جي ور چڙهي ٿي وڃي جنهن ڪري “پروف” جي چُڪن جهڙو مرض هر ڪتاب کي لڳي ٿو وڃي. هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻيءَ منجھ لطيف سائينءَ وارو بيت پڻ متاثر ٿئي ٿو. هي ڪتاب به انهن تڪڙن پروف ريڊر مريضن جي ور چڙهيل آهي.

لَڪِ چَڙِھِيو رڻِ روءِ، ڪَري سَٻاجها سَڏَڙا،

ھِيئَڙو ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن، ڇِڄِئو ڇَپر پوءِ،

ڪو ڳَنڍيندَڙُ ھوءِ، تَه پَرِتِ پُراڻِي نَه ٿِئي.

نوجوان ليکڪ هوش محمد ڀٽي هوش ۽ جوش جو سنگم آهي. هُو پنهنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ سان اٿاھ پيار ڪري ٿو. امن، ترقي، روزگار ۽ پنهنجي ڌرتي تي پنهنجن جو راڄ سندس خواب آھي. هو معاشري جي بي حسي وارن روين کي نفرت سان ڏسي ٿو. هُو پريمي آهي جيڪو پنهنجي پريميڪا کي هر روپ رنگ ۾ قبولي ٿو. هو وڇوڙي کي به موڙو ڏئي قبول ڪري وٺي ٿو. هو شخصي آزادي جو قائل آهي.

هڪ ڪهاڻيڪار، پنهنجي قلم سان ڪهاڻيون ناهي لکندو پر پنهنجي اکين سان پنهنجي ۽ سندس آسپاس ٿيندڙ وارتائن کي ڏسندڙ ۽ ڀوڳنائن کي ڀوڳيندڙ انهيءَ شخص کي اسان جي سامهون آڻي بيهاريندو آهي.

مان سندس ڪهاڻيون صرف پڙهان نٿو پر ساڻس گڏ گهمڻ چاهيان ٿو، انهن ماڳن تي جتي هن ڀوڳيو آهي، جتي هن ڏٺو آهي. هُو سيوهاڻي سڙڪ واري ڳوٺ باڊھ جا دڳ ڇڏي يونيورسٽي پهچي ٿو. يونيورسٽي جتي پڙهائي سان گڏ پيار به پلجي ٿو، اکين منجھ اوسيئڙو اسري ٿو. پيار جتي وقتي وِٿ جيان آهي. چار ڏينهنڙن جي زندگي چئن سالن ۾ گذاري نڪرڻو آهي. بس، اهو ئي ڪلائمڪس آهي انھيءَ پيار جو ... پر جن پريمين دل سان ڪنهن کي چاهيو آهي ته پوء خودڪشي وارو رومانس سندس دڳ جھليو بيٺو هوندو آهي يا وري شاعري، ناول ڪهاڻي ۽ ڪنهن وڇوڙي واري ڪهاڻيءَ جو گمنام ڪردار ٿي اڇن پنن منجھ پيهجي ويندو آهي ... پر هتي ڪهاڻيڪار هڪ نئين روايت جوڙي پريمي پنهنجي پريميڪا جي هٿن ۾ انهن گهاريل گھڙين جو گفٽ “موڙو” (صفحي ۴ تي مورڙو لکيل) جي روپ ۾ ڏئي نڪري ٿو اچي، اکين منجھ ڳوڙھا سجائي. واٽ تي هو پنهنجي رهبر ۽ آدرشي انسان جي ڳوٺ پهچي وڃي ٿو.

ٽائيٽل ڪهاڻي ”ڪوءِ ڳنڍيندڙ ھوءِ” ۾ انهيءَ ڳوٺ جي ڳلين ۾ انهي آدرشي انسان جي آدرشن کي ڳولي ٿو پر هو منجھي ٿو پئي ... ميلو متل آهي پر پوءِ به هو تنها آهي ... سڀ ڪنهن جو مرڪز هڪ پر رستا جدا ڏسي، جهنڊا جدا ڏسي.. مايوس ٿي هو واپس ورڻ چاهي ٿو ..... تکيون وکون کڻندو واپس وري ٿو، پويان کيس رهبر جو سڏ اچي ٿو، “ڪاڏي ٿو وڃين. ...؟ توهان سڀني ڇڙوڇڙ ٿي مونکي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي ...” هو سائينءَ جي سڏ جي لفظن جو ڇهاءُ برداشت نٿو ڪري سگهي. ماڳ پوئتي ڇڏي، اکين ۾ ڳوڙها آڻي، ڏک ۽ پيڙا جهوليءَ ۾ ڀري ڪراچيءَ پهچي ٿو. شهر جو عجيب اوپرو ماحول ۽ اڻ وڻندڙ شور..، جو پنهنجو آواز به کيس چيڙائيندڙ لڳي ٿو. هو پنهنجو پاڻ کي سمجھڻ لاءِ، روح ۽ من کي شانت ڏيڻ لاءِ مائوٿ آرگن (باجو) جو سهارو ٿو وٺي، اهو به مها ساگر ڪنڌيءَ واري دڪي تي ويھي.. جتي جوهي نالي، هڪ ماضي جي مزار جا گم ٿيل پنا ڳوليندڙ وينگس ناري، هن جي بي چين جهان ۾ دڳ جهلي ٿي بيهي رهي. هي وڃائجي ويل محبت جي ڳولا جي ڪهاڻي آهي، هتي پرولتاري، سماجوادي ۽ مارڪسواديءَ جو سواد ٿورو ڪڙو ٿو لڳي. هُو ساگر ۽ صحرا وارا پنڌ اڪري پهاڙن جي پويان ويٺل ليفٽيننٽ پرڀات جي اکين ۾ ” امن جو خواب ” سجائي ٿو. ليڪن ڪير ٿو اهي خواب ساڀيان ڏيڻ ڏي.. !! صرف ۽ صرف هڪ گولي پرڀات جي دعا کي يتيم ٿي ڪري ڇڏي. هُو واپس پنهنجي ديش پهچي وڃي ٿو. امان ابا (ابي امان) جا خواب کڻي، ديش جي مکيه صنعتي ۽ معاشي حب ڪراچي پهچي ٿو. هو هتي پنهنجو ديش اوپرا ماڻهو پسي پريشان ٿي وڃي ٿو ۽ پوء پنهنجي ديش ۾ پراون هٿان بي واهيو ٿي ڪٽجي ٿو ... هو ڊوڙندو اختر جو ويس پھري بگن شاھ جي ميلي ۾ نرتڪائن جي نيڻن جو شڪار ٿي نفسياتي بيماري منجھ منجھي ٿو پئي. هو لذت ۽ گناھ جي گهري کاهيءَ منجھ ڪرڻ لاء ڊوڙندو ٿو وڃي.

”ناچڻي، ڪام ۽ ڪروڌ“ جي ڪهاڻي شروع ٿي ٿئي ليڪن ”ناچڻي سڀني جي آهي ... ناچڻي ڪنهن جي به ناهي...!!” واري ڪلائمڪس ڊائلاگ ۾ ختم ٿي ٿئي. بگن شاھ ميلي جي جهر مر ڪندڙ بتين کان نڪري هو. “دادلو درياھ” واري بند تي چڙهي ڪچي جي ڳوٺ اچي ٿو. پنھنجن ماڻهن جا خالي پيٽ ۽ درياھ بادشاھ جي خالي پيٽ کي ڏسي سندس وهڪري لاء دعائون گهري ٿو.. ۽ پوء انهن دعائن جي پڙاڏي منجھ دادلو درياھ، شينهن درياھ بڻجي سندس اڳيان هڪ ڪرب و بلا جو جهان برپا ڪري ٿو ... ٻنيون ٻارا، ڪچا پڪا گهر، روڊ رستا.. ڇر ئي ڇر ... هو آسمان ڏانهن نهارڻ لڳي ٿو.. مالڪ سائين کي دانهن ڏيڻ لاءِ.. پر هو چپ ڪري ڏينهن قيام جو انتظار ڪري ٿو، هو دادلو درياھ پار ڪري ديش جي ٻئي وڏي شهر ۾ اچي ”ڪامريڊ ۲” ۽ “ڪامريڊ ۳” سان ملي ٿو ... هو انهن جا درد ڏسي نٿو سگهي ۽ نه ئي هن ديش جي اصلي ڪامريڊ سان ملي سگهي ٿو. هو ڳولا ڪندو، فردوس پاڙي واري مسيت جي “ملان شريف” سان ملي سندس ڪيل واردات تان پردو کڻي، تاريخ ۾ آلوپ ٿي وڃي ٿو. تاريخ جي پردي پويان سفر ڪندي؛ ”مهين تي ماڻهو” بڻجي، اڄوڪي ايڪويهين صدي جي ماڻهو جي، پنهنجي تاريخي ورثي سان بي حسي جو روپ جڳ کي ڏيکاري ٿو. هو ڏاڍو ڏکارو آهي.. هو ٻن پيرن جي ڍورن واري ڌڻ کي قوم سڏڻ نٿو چاهي. چو ماسي جي پهرين برسات ۾ هو وينگس غانيا جي “گھايل گهٽائون جيون” واري جيوڻي جون پيڙائون ٿو ٻڌائي. پريت ملي ٿي کيس پر اهڙي موقعي تي جو جدائي واري ٽرين کيس پنهنجو پاڻ سان کڻي ٿي وڃي. هي غريب ۽ گهٽ پڙهيل غانيا جو مسئلو آهي. اتي جڳ مشهور پائيلو ڪوهلو جو ڪهڙو ڪم.

انهي صفحي جي اڳئين ڪهاڻي ”ڇو نه ٿو مونکي سڏين.!” جي مهاڙي تي فيودور دوستووسڪي سان ڳالهيون ڪري ٿو، کيس آخر سڏ جي ورندي ڏيئي ٿو ته ”اسان زندھ نه آهيون پر پوء به جِيُ رهيا آهيون. اسان پنهنجي قبرن ۾ نه آهيون پر مري ويا آهيون.” مئل ماڻهو رومانس ڪيئن ڪندا آهن، اهو هو روماسا جي رومانس/ پريم واري پريم ڪهاڻي جي پنن تي وکري ٿو. ليڪن پريمي ”پريم” جو هن پريمڪا جي من اڱڻ تي اچڻ ڪجھ آئڙجي ٿو اهو به هن ساھ سيباڻي شهر ۾.. هو شهر کان نڪري ڳوٺ وڃڻ ٿو چاهي پر آيل ٻوڏ سندس رستا روڪ ٿي ڪري، هو هوائن جي شهر جو رخ ٿو ڪري. هو ساجد سان گڏ انڊس هوٽل کان رولاڪيون ڪندي، رستا ۽ ماڳ لتاڙي؛ ”افطاري” مهل الله پاڪ جي نالي سان اڏايل مسيت ۾ مالڪ سائين پاران موڪليل رزق لاء واجهائي ٿو.. پر ڪٿي ... ؟ هتي ته جهٽڻ وارا اڳي جهٽي، هن کي جهڻڪيون ڏئي ڪڍي ٿا ڇڏين. ساجد سان سندس ساٿياڻي سائرا جو ڏک به نٿو ونڊي سگهي. گم ٿيل پٽ منصور لاء کيس آٿت به نٿو ڏئي سگهي. هو ته ساجد کان به وڌيڪ بي وس آهي. هو ڪروڌ ۾ ڪنهن جي پيءُ کي ”گاريون” ڏيڻ لڳي ٿو. ياد اچيس ٿو ڪنهن جو ننڍپڻ جنهن کي به پڙهڻ جي ”شوق” منجھ پڻس کان گاريون مليون هيون.

پهرين ملاقات به عجيب هوندي آهي نہ.!!!!؟ ڪنهن به انسان کي ايترو جلدي سمجهي پرکي وٺڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي..” منهنجي به هن ڪهاڻيڪار سان پهرين ملاقات هئي پر هي لفظ سندس اڃايل ۽ اڌوري زندگي جيان ڪهاڻي ”غزل – هڪ اڌوري ڪهاڻي” جا مهاڳ وارا لفظ آهن. هي ڪهاڻي هن جي ڪهاڻين واري ڪتاب جي آخري ڪهاڻي جي ڀرپور ڪلائمڪس واري، حقيقي ۽ هڪ تاثراتي ڪهاڻي آهي. مان ساڻس گڏ گڏ هلان ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته؛ ”وڻن جو وڍڻ به موت جي علامت آهي. ڏينهن جو گذارڻ ۽ شام جو ٿيڻ به موت جي نشاني آھي.” اھا حيدرآباد جي اداس شام هئي. هو اڪيلو هو. مون سان ملڻ آيو هو. چوڻ لڳو؛ ”منهنجي خيال ۾ هر مذهب جي ماڻهو کي جيئڻ، رهڻ، شادي ڪرڻ، عبادت ڪرڻ، سماج ۾ کلي طرح ڪجھ به ڪرڻ جو حق آهي جنهن سان ڪنهن به مذهب جي ماڻهو کي تڪليف نه ٿئي..” ڪجھ گهڙيون خاموش ٿي چوڻ لڳو؛ ”رات جو اگر توهان ڪنهن کي گناھ ڪندي ڏٺو آهي ته صبح جو ڪنهن سان ذڪر نه ڪريو ڇو ته رات متان ان توبھ ڪئي هجي.. ”هو ڳالهائيندو رهي ٿو، “رشتن ڏانهن ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي نه ئي انهن کي مضبوط ڪيو وڃي ٿو ... انسان وٽ مطلب وڌيڪ عزيز ٿي ويا آهن ...” هو ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي ٿو رهي. اداسي لڪائڻ لاءِ هو پنهنجي پريميڪا غزل جا ٽيڪسٽ ميسيج پڙهڻ لڳي ٿو ... اوچتو سندس هٿ ڏڪڻ لڳن ٿا. ”غزل هن دنيا ۾ نه رهي آهي..” هو موبائيل بند ڪري، اٿي ٿو بيهي. ”منهنجي غزل منهنجي زندگي جي هڪ اڌوري ڪهاڻي ٿي وئي هئي. مون کي پوءِ به ايئن لڳندو هو ته ڪا به پريم ڪهاڻي اڌ ۾ ايئن نه ٿي رهي سگھي. غزل اڄ به پوري منهنجي اندر سمايل هئي ... پر منهنجي غزل.. هڪ اڌوري ڪهاڻي هئي ...” هو وڃڻ لڳو. مون کائنس پڇاڻو ڪيو ته ھاڻي ڪيڏانهن ويندين.. ڪجھ گهڙيون رکي، هن ٻاهرين دروازي وٽ وڃي، ڀٽ واري ويندڙ دڳ ۽ قافلن ڏانهن ڏٺو. هو موٽي اندر آيو. منهنجي هٿ مان ڪتاب ”ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ” وٺي پاڻ پڙهڻ لڳو. ”جنهن سان پيار اٿم. جا جيوڻ ساٿياڻي ٿيندي. پنهنجي آخري محبت پاڪ..” هو ڪنهن انيڪ خيال ۾ گم ٿي ويو. پاڪ.. پاڪ.. سندس لبن تي لفظ رقص ڪرڻ لڳا. هٿ ۾ سندس پهريون عشق ؛ ”ڀٽائي جو عشق” هو. هن ڪجھ نه ڳالهايو.. ڪتاب هوا ۾ لهرائيندو ٻاهر نڪري منهنجي اکين کان اوجهل ٿي ويو ... ۽ آئون کيس ڏسندو رھيس.

 

(ڏھاڙي دي اشيان ڪراچيءَ ۾ ۲۹ آگسٽ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment