آئيءَ کان دائي تڪڙي
مختصر ڪھاڻي
ذوالفقار ناصر ساريو
ايڊووڪيٽ
علي خان رات کان جڏهن فيس بوڪ تي سنڌ جي نقشي تي چار رنگ ڏٺا هئا ته سمهي نه سگهيو
هو. بس، صبح جو انتظار هيس. هونئن به هر آچر تي ڳوٺ واري بنگلي تي ويندو آهي ۽
ڪمدار ڪمال کان حال احوال وٺي ڳوٺ وارن سان ملي واپس ورندو آهي. پر ايڏو جلدي نه جيئن
اڄ اتاولو لڳو پيو هو. گهر وارا به پريشان ته ڪو ڳوٺ ۾ يا وري زمينن تي ڪو ڦڏو
فساد ٿي پيو آهي جو ايترو جلدي تيار ٿي وڃي رهيو آهي.
”سائين ڪهڙو
مامرو ٿيو آهي جو ايئن پريشان آهيو،“ سندس گهرواري نصرت جهان سندس پريشاني ڏسي آخر
پڇي ورتو.
”ڪجھ ناهي،
سڀ خيريت آهي. جلدي واپس ورڻو هو تنهن ڪري جلدي پيو وڃان. اوطاق تي ماڻهو انتظار
ڪندا هوندا انهيءَ ڪري وڃان پيو. ٻيو سڀ خير آهي، اوهان پريشان نه ٿيو. راهول خان هلڻ
جو چيو هو. چئجانس ته مٿين آچر تي هلنداسين ۽ شڪار به ڪنداسين. ٺيڪ. مان هاڻي هلان
ٿو.“ ايڊووڪيٽ علي خان ٻاھر اچي گاڏي ۾ ويٺو. ٻه گارڊ پويان ڊالي ۾ ويھي رھيا. ڊرائيور
گاڏي ڪڍي، موهن جي دڙي واري ڪچي ڏانهن ويندڙ پڪي روڊ جي طرف رخ رکيو.
ڀوتار
علي خان ڪچي جي ڪيٽيءَ جو مالڪ آهي. چڱي خاصي زمين سندس پنهنجي آهي ۽ سندس قبضي
هيٺ آيل سرڪاري کاتن واري زمين تي به ڀوتار علي خان جو راڄ آهي. هن ڪنڌيءَ سان
سامهون ٻي ڪنڌيءَ لڳ به ويٺل ۽ ترسايل هاري سندس ٻنيءَ مان پنهنجي مٽيءَ جي ٺهيل
گندين ۾ سڄي سال جو اَنُ رکندا آهن ۽ انگ ڍڪيندا آهن. پرين ڪنڌيءَ جون زمينون ڪنھن
ٻئي زميندار وٽ هيون پر جڏهن کان ٻيلن ۾ جنريٽر کڻي ۽ ڳاڙهين سائين گولين وارا ٻورا
ٻڌي، سنگت رھڻ لڳي هئي تڏهن هن انهي زميندار کان سندس مجبوري ڏسي هي زمين ورتي
هئي. پاڻ ته اڃان انهي پار ويو به ناهي. ڪمدار ڪمال پتڻ ٽپي وڃي سار سنڀال لھندو
آهي. سانوڻي ۾ جڏهن شينهن درياھ وهندو آهي ته پوءِ اهو پتڻ وارو سولو دڳ به اوکو
ٿي پوندو آهي. ڪافي دفعا ڀوتار کي چيائين ته ڀوتار سائين ويجھي پل ٽپي هلي چڪر ڏئي
اچون. پر ڀوتار سائين جي رُڳو ها.. هلنداسين، زمان ڀاڙي جي وصف ٻڌائيندي هئي.
ايڊووڪيٽ
علي خان جي ڀوتار علي خان نالي سان سندس سڄي تر ۾ ناماچاري آهي. گذريل چونڊن ۾
انهيءَ ناماچاري کي ڪيش ڪرائڻ لاء فارم ڀرائي خرچ به جام ڪيائين پر هتي ته اڳئي
ڀوتارن، اهي به گڙنگ ڀوتارن جي قطار لڳي پئي هئي. ٻيو ته ڀوتارن خلاف واويلا به کيس
دل برداشتو ڪري ڇڏيو هو. انهي ڪري شهر وڃي ڪنهن دوست هٿان داخلا وٺي سَندَ هٿ ڪري
ڪارو ڪوٽ وٺي پاڻ کي ايڊووڪيٽ سڏائڻ لڳو هو. گهر تي به ماربل جي سر تي ايڊووڪيٽ
علي خان ته گاڏي تي به ايڊووڪيٽ ۽ هر وقت ڪارو ڪوٽ سندس گاڏي جي در اندر ٽنگيل
هوندو ھو، جيئن پري کان ڏسندڙ به سمجھي وڃي ته هي گاڏي صاحب جي آهي.
هڪ ته گذريل
اليڪشن ۾ جڏهن اليڪشن ۾ بيهڻ لاء گريجوئيٽ جو هجڻ لازمي ڪيو ويو هو تڏهن کان ته کوڙ
سارا ڀوتار پرائيويٽ ڪاليجن جا گهوسٽ شاگرد بڻجي ويا هئا. ڀوتار علي خان مان
ايڊووڪيٽ علي خان بڻيو ته ڪا وڏي ڳالھ ڪانه هئي. سياسي پارٽين به وري بجاء ڪنھن پروفيسر،
ڪنهن انجنيئر، ڪنهن ڊاڪٽر کي سيٽ ڏيڻ جي، وڪيلن ڏانهن واجھائڻ شروع ڪيو هو. اها سياسي
رهبرن جي روش ڏسي، هاڻي ته هرڪو ٻانهن تي ڪارو ڪوٽ رکي اچي ڪورٽ پهتو آهي.هاڻي ته سنڌ
جي ڪورٽن ۾ ايترا ڪيس ڪونهن جيترا ڪارا ڪوٽ.
ايڊووڪيٽ
علي خان جي گاڏي اچي بنگلي تي پهتي. روڊن ۽ وڏين گاڏين ته هاڻ ڪلاڪن جا پنڌ منٽن ۾
ڪري ڇڏيا آهن. ڪمدار ڪمال ۽ ٻيا اخبارون هٿ ۾ جهليل ويٺل، ڀوتار کي سويري سويري
ايندو ڏسي پريشان ٿي ويا. ڪمدار ڪمال ڊوڙندي وڃي گاڏي جو دروازو کوليو. ڀوتار کي
سلام ڪيو. علي خان گاڏي مان لهندي، سلام ڪندڙن کي هٿ سان وراڻي ڏئي سڌو پنهنجي
بيٺڪ ڏانهن ويو. ڪمدار ڪمال اڳ ۾ ئي ڪمال ڪري ڇڏيو هو. هر شئي صاف سٿري هئي. کيس
خبر هئي ته اڄ ڀوتار ايندو انهي ڪري سويري ئي همراھ وٺي پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو
هئائين. ورانڊي ۾ ڪالهوڪيون اخبارون ويٺي پڙهيائين ته ڀوتار اچي ويو هو. ڪمال به پريشان
ته اڄ ڪا ڳالھ آھي جو سوير ئي گهران نڪتو آهي نه ته مانجهاندي کان ڪجھ گهڙيون اڳ
ايندو آهي.
هي آهي
ته ڳوٺ پر ڳوٺن کان چڱيرڙو آهي. اسڪول ۽ ڊسپينسري به آهي. موبائيل جي اچڻ کانپوءِ
اخبارون به غائب ٿي ويون آهن پر هتان جو ھاڪر نمائندو پوءِ به پنج کن ڪاپيون
گهرائيندو آهي. ڊسپينسري، اسڪول، روڊ واري چوڪي ۽ ڀوتار واري بيٺڪ سندس ٻڌا گراهڪ
آهن. مھيني کان اڳ ئي بل ڏيندا اٿس، ڪجھ سرسي، جيئن ساهوارو آهي ۽ سندس جياپو
ضروري آهي.
”ڀوتار سائين
خير ... “ ڪمدار ڪمال صوفي تي ويٺل ڀوتار کي نيازمندي سان پاڻي جو گلاس ڏيندي پڇي
ورتو. بيٺڪ هن ٻنهي کان سواء خالي هئي. ڪمري منجھ صبح کان ڪنڍيءَ تي هلندڙ ايئر
ڪنڊيشن ٿڌاڻ ڪري ڇڏي هئي.
”ڪمدار. مون
کي ڀوتار نه سڏيندو ڪر ۽ ماڻهن جي منهن تي ته بلڪل نه. صاحب سڏيندو ڪر.“ ايڊووڪيٽ
علي خان کي ڀوتار لفظ کان سماجي روين جي نفرت جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئي. وري چونڊ مهم ۾
به ميڊيا سان گڏ سماجي سنگتن جي نشاني تي، انهيءَ ڪري ته ڪارو ڪوٽ ورتو هئائين
جيئن ڪنهن جي نظر نه لڳي.
”جي صاحب.
اڳتي ايئن ئي ٿيندو.“ ڪمدار ڪمال هٿ ٻڌي سامهون بيهي رهيو.
”ويھ. توسان
ڪجھ ڳالهائڻو آهي ۽ ها ٻاھر وارن کي جهلي ڇڏ ته في الحال ڪو ماڻهو اندر نه اچي.“ ڪمدار
ڪمال دروازي کان بيهي ڪنهن کي اشارو ڪري دروازو ٻيڪڙائي سامھون واري ڪرسي تي ويهي
رهيو.
”ڪمدار پار
وارين زمينن جو حال احوال ڏي. ڪيئن آهن. هاري ناري پنهنجا آھن يا..“ ڪمدار اوچتو
اهڙو سوال ٻڌي وائڙو ٿي ويو. ڀوتار ته ڪڏهن فصل تي به ڪونه پڇيو ھو ته گهڻو ٿيو.
”صاحب سڀ ٺيڪ
آهي. هيل پاڻيءَ جي ڪري فصل به سٺا ٿيا آهن ۽ هاري ناري به خوش آهن.“
”هاري پنهنجا
آھن يا صرف هاري آهن.” علي خان پنهنجا تي زور ڏئي ڳالهايو.
”صاحب پنهنجا
آهن. اوهان حڪم ڪيو.” ڪمدار سندس ڳالھ سمجھي ويو ته ضرور ڪا خاص ڳالھ يا ڪو خاص ڪم
آهي.
”... ۽ اوسي
پاسي وارا ڳوٺ، اتي به ڪو واسطو وڙو، ڪا ڀت برادري؟“
”جي صاحب گهڻو
ڪري سڀ پنهنجا مٽ مائٽ وارا آهن. نه به هوندا ته پاڻ کان ڀلا ڪاڏي ويندا. سڀني جا
لنگھ دڳ ته ساڳيا آهن. منهن ٻڌي ته ڪونه گهمندا. اوهان حڪم ڪيو صاحب. ڇا ڪم آهي؟ “
”هاڻي هيئن
ڪر، اڄ ئي تيار ٿي پار وڃ. وڃي حال احوال به وٺ ۽ ڪم به وڃي ڪر. ٻه ٽي همراھ به ساڻ
وٺي وڃ. هي ڪجھ پئسا به وٺ. باقي ڪاٿو لڳائي، ٻڌائجان ته مان موڪلي ڇڏيندس. ٿي
سگهي ٿو مان به ڪجھ ڏينھن ۾ چڪر لڳايان.” علي خان پئسن وارو لفافو ڪمدار کي ڏنو.
ڪمدار لفافو ته ورتو پر ڇو ۽ ڇا لاءِ اها اڃان مام پروڙي ڪونه سگهيو هو.
”ڪمدار هيئن
ڪر، پنهنجي ٻني جيڪا دڳ لڳ هجي، گاڏي اچي وڃي سگهي اتي ڪجھ حصي تي وڃي اوطاق
ٺهرائي اچ. چوڌاري ڀت ۽ ضرورت آهر ڪمرا. ۽ ها ڪو ڪاريگر ڏس. وچ تي هڪ ٿري چوئنرو به
ٺهرائي ڇڏجان، ايئر ڪنڊيشن ۽ سولر پليٽن جي ڇت سان. تون في الحال اتي هججان. هتي پٽ
کي چئجان ته اوطاق سنڀالي. تون به چڪر پيو هڻجان. ڪهڙو پري آهين، سامهون ته آهي
پار، بس پتڻ، پتڻ جي راند آهي.“ علي خان جي ڳالهين سندس منجھيل سٽ کي کوليو پر
اڃان ڳالھ ڳجھ ۾ هئي. اوطاق ڇو؟
ايڊووڪيٽ
علي خان نيٺ ايڊووڪيٽ هو. ڀلي ڪورٽ ڪچهري گهٽ وڃي پر هو سامهون واري کي پرکي وٺندو
هو ته هو ڇا ٿو چاهي.
”ڏس ڪمدار،
تون اسان جو پراڻو خدمت گار آھين. توسان ڀلا ڪهڙا ڳجھ. هتان جي سياست جا حال تون
ڏسين پيو. وڏا به پريشان ته ڪنهن کي ويهاريون ڪنهن کي اٿاريون. گاڏي ۾ چڙهڻ جي جڳھ
ئي ڪونھي ته پوءِ سيٽ جو سوال ڪٿان ؟ بس هاڻي فيصلو ڪيو آهي ته هن بيٺڪ سان گڏ هلي
هن پار کي به وسائجي. هونئن به اسان لاء جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.“ علي
خان اٿي هلڻ لڳو.
”صاحب. ڳوٺ
وارا اچڻا آهن. اڄ هڪ برادري وارن جو فيصلو به رکيل آهي. اوهان وڃو پيا؟“ ڪمدار
ڪمال، صاحب کي ايئن تڪڙو ويندو ڏسي، چئي ويٺو.
”بس اڄ سڀ
گڏجاڻيون روڪي ڇڏ ۽ تون وڃڻ جي تياري ڪر. پاتڻي ته هوندا آهن نہ؟“ ايڊووڪيٽ علي
خان ٻاهر نڪري آيو. بيٺڪ ٻاهر ويٺل سڀ اٿي بيٺا. علي خان سڀني سان پري کان موڪلاڻي
ڪري وڃي گاڏي ۾ ويٺو. گارڊن به وڃي پنهنجي جڳھ سنڀالي. ڊرائيور گاڏي شهر طرف
ڊوڙائڻ شروع ڪئي.
”ادا ڀوتار
کي هڪ خاص گڏجاڻي ۾ اچڻ لاء فون آئي. انهي ڪري ستت ھليو ويو. انشاء الله ايندڙ آچر
تي وري گڏ آهيون.” ڪمدار ڪمال معذرت واري انداز ۾ سڀني کان موڪلائي، کٽ تان اخبار
کڻي بيٺڪ اندر آيو. اخبار جون سرخيون سندس اکين جي اڳيان اينديون ويون.
”اٺاويهين
ترميم جي ترار سنڌ مٿان لٽڪيل. سنڌ کي انتظامي لحاظ کان نئون صوبن ۾ ورهائڻ جي
تجويز ... نوان ضلعا، نوان تعلقا.“ ڪمدار
ڪجھ گهڙيون بيهي رهيو. سنڌ جو نقشو ۽ چئن رنگن سان چٽيل، جتي ڪمدار رهي پيو، انهي
جو رنگ ٻيو ته وري جتي وڃي پيو انهي پار جو رنگ ٻيو. ڀوتار علي خان جون ڳالهيون
هاڻي سندس سمجھ ۾ اچڻ لڳيون هيون. هُو ٻين ڳوٺن جو ڇو پيو پڇي. هُو هاڻي کان ئي
اتي پنهنجي سيڙپ ڪري پنهنجي لاء نئين اسيمبليءَ ۾ بيٺڪ پيوڳولي. ڪمدار ڪمال جي
مُنھن تي به هڪ عجيب خوشي مهڪڻ لڳي. هو بوڇڻ رکي، موٽر سائيڪل تي ٻن همراهن سان
چڙهي محبڻ شاھ جي پتڻ ڏانهن روانو ٿيو ايئن جيئن هي به ڪنھن نئين صوبي جي ڪنهن
ٽائون جو چيئرمين ٿيڻ وارو هجي.
(ڏھاڙي دي ايشيان ڪراچيءَ ۾ ۱۴ آگسٽ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment