مظلوميت جو نقاب
مختصر ڪھاڻي
نسيم بخاري
صبح
سوير منهنجي گھر جو درکڙڪيو.
در
کوليم ته سامهون عمران بيٺو هو. مان کيس سالن کان سڃاڻندو هئس، پر اڄ سندس مُھانڊو
ڄڻ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو ٿي لڳو. اک جي ڪُنڊ مان رت وهي رهيو هئس، مُنھن تي تشدد جا
تازا نشان ۽ ڪپڙن تي مٽي ڄميل هئس.
مان کن
پل کيس ڏسندو رهيس.
”تو کي ڇا ٿيو آھي؟“ مون بي اختيار پڇيو.