Thursday, January 4, 2024

الستي درگاھ - حسين ڪپري

الستي درگاھ

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



نئين درگاھ جي باري ۾ ايترا قصا ٻڌا هئا جو انهيءَ کي ڏسڻ جو شوق پيدا ٿي پيو. هونئن ته اهڙن معاملن سان قصا وابسته هوندا ئي آهن پر هن درگاهه جي ڳالهه ئي ٻي آهي. جيڪا چون ٿا ته هڪ ڏينهن اوچتو ڀڙڀانگ برپٽ ۾ زمين جو سينو چيري نڪري نروار ٿي هئي! ويراني ۾ اهڙي نموني ڪنهن قبر جي ظاهر ٿيڻ تي آسي پاسي جا ماڻهو حيران ٿي ويا هئا ۽ جنهن معجزاتي نموني ان جو ظهور ٿيو هو تنهن سبب، کيس الستي درگاھ سڏڻ لڳا هئا.


عام خلق جي خيال ۾ اها هڪ آسماني ڪرامت هئي. مذهبي لاڙو رکندڙ ماڻهن چيو؛ هيءُ بي بها تحفو عرشن تان لٿو آهي ۽ پڙهيل لکيل دانشورن دعويٰ ڪئي ته هن درگاهه جي روپ ۾ ڌرتيءَ پنهجو سڀ کان قيمتي خزانو ظاهر ڪيو آهي. معاملو جيترا هئا وات اوتريون ڳالهيون ٿي ويو هو! ڪجهه به هجي ٿوري وقت ۾ ان جيتري گهڻي ترقي ڪئي هئي تنهن تي سڀني کي ڏندين آڱـرين اچي ويون هيون. ڪالهه ڪالهوڪو ڏينهن جتي سڃ پئي واڪا ڪندي هئي، اڄ اتي منڊل مچي ويا هئا، اهو معجزو نه هو ته ٻيو ڇا هو!

جيڪي زيارتون ڪري موٽيا ٿي تن نه صرف الستي درگاهه جي بلي بلي ڪئي پئي پر ان جي سجادهه نشين لاءِ چيو ٿي؛ ”سجاول شاهه ستو جتو جهڙو ٻڌوسين تهڙو ڏٺوسين. سائينءَ جي دعا هجي يا پِٽ جهڙي منڊي تي ٽڪ!“

هونئن ته درگاهه اسان جي يار سائين عيدڻ شاهه وارن جي به آهي جا هن کان وڌيڪ پراڻي آهي. ان سان ڪيترا ئي معجزا ۽ ڪرامتون وابستا آهن. سائينءَ جو سڄو شجرو به سانڍي محفوظ رکيل آهي، جنهن موجب سندن بزرگن جو سلسلو ايران عراق کان ٿيندو عربستان مان وڃيو نڪري. ڏاڏاڻن ناناڻن ٻنهي پاسي کان تاڃي پيٽي پٽ آهي، يعني هر لحاظ کان اصلي پير آهي، ڪٿي ڪا ڪمي ڪونهي. بس ڀاڳ ڀاڙي آهي.

آس پاس جي مريدن ٻارهين مهيني ان پهچائڻ وارو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو آهي، ٿر واري معتقدن چٺي لکڻ جي باوجود ووٽ ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ چندي واري پيتي به تقريبن خالي رهي ٿي. ائين سمجهو ته وڏي سائين جي وفات کان پوءِ گدائي شفائي وارو سلسلو به ذري گهٽ ختم ٿيڻ لڳو آهي.

سو خيرخواهه دوست جي حيثيت سان سائينءَ کي صلاح ڏنيسين، ”الستي درگاهه واري سائينءَ کان روزي رزق ۾ برڪت جي دعا ڪرائي اچجي ۽ انهيءَ بهاني ميلو به گهمي اينداسين.“

ميلي ۾ ماڻهن جي تمام گهڻي پيهه لڳي پئي هئي. تنهنڪري گاڏي هڪ پاسي بيهاري، اڳتي پيادل وڃڻ جو فيصلو ڪيوسين. هيل سال سڄو سنڌ، پنجاب اٿلي پيو هو. پهرين ڌمال تي پشاور مان اسپيشل ريل گاڏيون هلايون ويون. سائينءَ جا پانڌيڙا الائي ڪٿان ڪٿان گڏهن، گهوڙن، اٺن، گاڏين، سوزڪين، بسن، ٽرڪن جنهن کي جيڪا سواري ملي تنهن ۾ چڙهي پهچي ويا. جنهن کي سواري نه ملي سي پيرين پنڌ جهر جهنگ جهاڳيندا اچي مرشد جي حضور ۾ حاضر ٿيا.

جنهن کان کڻي پڇ ته چوي؛ ”سائينءَ گهرايو آهي!“

درگاهه جي آس پاس وڻن هيٺان فقير فقرا، ديرو دمايو ويٺا هئا. اورئين طرف واري ٻاري ۾ مارشلا ڀنگ پي گهوٽاڻي. فقيرن پيالا پي ”مست مست“ جا نعرا پي هنيا.

 ڀرسان ٻي ٻاري ۾ چرس جا شوقين لٿل هئا، جن ”هڪڙي پوک ٻي پچي، سر سيد جو بچي!“ جون صدائون لڳائي، چلمون پي سر ڪيون.

عجيب روح پرور منظر هو. نشن پتن، خمارن سان گڏ صوفيانا درس به جاري هئا. معرفت جا سنها نڪتا، طريقت جون روحاني رمزون اهڙي نموني ئي سمجهه ۾ اينديون آهن.

اتي بيٺل هڪ خليفي کان مون سجادهه نشين جي باري ۾ خبرون چارون پڇيون ته هٿ جوڙي چوڻ لڳو؛ ”آئون ٻانهيءَ جو ٻار، مون گناهه گار کي ڪهڙي طاقت جو ويهي سجاول شاهه ستي جتي جون صفتون بيان ڪريان!“

ائين سمجهو ته سائينءَ جي ڪرامتن جون وڻن ۾ وايون آهن. ايتري رش ٿيندي آهي جو مرادون ماڻڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن لاءِ جدا جدا ڏينهن مخصوص ڪرڻا پئجي ويا آهن.

پٽ جي تمنا کڻي ايندڙ جوڙن لاءِ جمعي جو ڏينهن مقرر آهي. ڪيسن مان جان ڇڏائڻ لاءِ سومر ۽ چوري چڪاري ورائڻ لاءِ اڱاري جو ڏينهن ٻڌل آهي. بيمارن کي شفا، بي روزگارن کي نوڪري اربع ۽ خميس واري ڏينهن تي ملي ٿي. ڪيترائي وڏا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ڪمن ڪارن جي گهڻائيءَ سبب هتي اچي نٿا سگهن مگر سچي دل سان ياد ڪن ٿا، تن کي وري خواب ۾ بشارت ملي ٿي ته هيلوڪي اليڪشن ۾ صوبائيءَ جي سيٽ توهان جي آهي!“

اولاد، ڪيس، بيماريون ۽ روزگار، هن جيڪي احوال ڪيا پئي تن ۾ ڪافي ڳالهيون اهڙيون هيون جن سان پاڻ واري درگاهه ۾ سڌارو اچي سگهي ٿو. اهو سوچي عيدڻ شاهه پڇيو؛

”هتي جيڪي ماڻهو اچن ٿا، سي سڀ کان وڌيڪ ڪهڙيون مرادون گهرندا آهن؟“

”سائين، هتي جيڪو زيارتي اچي ٿو اهو سڀ کان پهرين ته پنهنجي اکين سان ڪرامت ڏسڻ چاهي ٿو. ڪرامت هڪڙي هجي ته ڏيکارجي! معجزن جو دنگ نٿو اچي.

جنات جو شهنشاهه رمضان جو سڄو مهينو سائين جي قدمن ۾ گذاري ٿو! سڏ پنڌ تي ٻٻرن واري هڙهي ۾ نانگن جي بادشاهه جو آستانو آهي. ان کان علاوهه ڏائڻيون، پريون، ديو سڀ سندس مريد آهن ۽ هر سال ٻارهين مهيني ميلي تي سلامي ڀرڻ ايندا آهن. پريان پراڻي گدامري جي وڻن ۾ بد روحن جو آستانو آهي، انهن جي هيٺان ڦٽل قبرن ۾ غيبات ديرو ڄمايو آهي. اوريان پنهنجو علائقو شروع ٿئي ٿو. وچان سائين دنگ جو ليڪو ڪڍي ڇڏيو آهي. نه هو انسانن جي حد ۾ اچن ٿا، نڪو ماڻهو اوڏانهن وڃي سگهي ٿو.“

هو ساهه کڻڻ لاءِ ترسيو ته عيدڻ شاهه سُر ملائيندي چيو؛ ”انسانن ۽ غيبات جي وچ ۾ ائين حدبندي ڪرڻ ڪا معمولي شئي ناهي، بيشڪ، اهو ڪم ڪا وڏي هستي ئي ڪري سگهي ٿي.“

اها ڳالهه ٻڌي سندس حوصلو وڌي ويو. چوڻ لڳو؛ ”اسان جو سائين ايڏي وڏي پهتل هستي آهي جو نه صرف امتي اچي سيس نوائين ٿا پر ڪيترائي مرشد به حاضري ڀرين ٿا. هوءَ فلاڻي درگاهه، جنهن جي قبر تي اڳي ڪير پڙ به نه وجهندو هو، تنهن جا متولي سائينءَ کان تعويذ وٺي ويا. هاڻي اهي پنهنجي پيرن تي بيهي رهيا آهن. سنگ مرمر جو مقبرو ٺهرايو اٿن ۽ باقاعدگي سان عرس ملهائين ٿا. اهڙين برڪتن جي ڪري جيئن پوءِ تيئن سندن عقديتمندن جو حلقو وسيع کان وسيع تر ٿيندو وڃي.“

هو سچو هو. انهيءَ حقيقت کي سرڪار به تاڙي ورتو هو ۽ مريدن جي ايڏي وڏي تعداد کي ووٽن جي طاقت ۾ بدلائڻ لاءِ مٿن شفقت جو هٿ رکڻ به شروع ڪري ڇڏيو هو. پوئين سال درگاهه تي زائرين جي سهولتن لاءِ ترقياتي فنڊ جاري ڪيا ويا. هن سال ميلي جو افتتاح ثقافت ۽ اوقاف کاتي جي وزير پاڻ پنهنجي مبارڪ هٿن سان چادر چاڙهي ڪيو.

ان موقعي تي تقرير ڪندي هن چيو؛ ”الستي درگاهه بنا ڪنهن رنگ نسل، مذهب ۽ طبقاتي فرق جي سڀني ماڻهن کي ڀائيچاري ۽ محبت جو درس ڏئي ٿي. اسان کي گهرجي ته امن جو اهو پيغام سڄي دنيا تائين پهچايون...“

بعد ۾ هن ”الستي ثقافتي مرڪز“ جو افتتاح ڪيو. انهيءَ مرڪز قائم ڪرڻ جو مقصد ڪلچر جي نوادرات کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ميوزم قائم ڪرڻ، موجودهه شاندار روايتن کي زور وٺرائڻ ۽ وساريل شين کي وري نئين سر جيارڻ آهي. اتي ئي هن اخباري نمائندن جي سامهون واعدو ڪيو ته ايندڙ سال اليڪشن کان پهرين، درگاهه تي سونو دروازو لڳايو ويندو!

ان کان پوءِ علمي ادبي نشست جو اهتمام ڪيل هو، جنهن ۾اديبن، عالمن ۽ محققن پنهنجا مضمون، مقالا ۽ پيپر پڙهيا. ريسرچ اسڪالر عرق ريزيون ڪري پنهنجي تهذيبي برتري جا اهڙا عجيب غريب پاسا ڪڍي آيا جو ٻڌندڙن جا سر فخر سان بلند ٿي ٿيا ۽ سندن واتان بي اختيار واهه واهه نڪري ٿي وئي.

شام جو بين الصوبائي مشاعري جو انتظام ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ملڪ جي چئني صوبن جي شاعرن پنهنجي ڪلام ذريعي سائينءَ کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

ان تقريب جو خاص مهمان سيڪريٽري صاحب هو، جيئن ته هو خود شاعر هو تنهنڪري سڀني کان پهرين هن کي وارو ڏنو ويو. عجيب ڳالهه اها ڏسڻ ۾ آئي ته داد هن پي وصول ڪيو ته گد گد چمچا پئي ٿيا! سڄي ڪاروائي، براهه راست سرڪاري ٽي ويءَ تي ڏيکاري وئي.

رات جو محفل موسيقيءَ جو پروگرام شروع ٿيو، جنهن ۾ نالي وارا موسيقار ۽ ڳائڻا آيل هئا. ڳائڻا ٻن قسمن جا هئا. هڪڙا فقير جن چپڙي يڪتاري تي صوفيانا رنگ ۾ ڪلام ڳائي ماڻهن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو. ٻيا وري ماڊرن سنگر، جن جديد سازن ۽ آرڪسٽرا تي لڏي لمي ڊانس ڪري رنگ لائي ڇڏيا.

ان محفل کان پوءِ ڊي سي صاحب مقامي ڪاليج جي ليڪچرارن جي نگراني ۾ تيار ڪرايل ميلي جي ميگزين سيڪريٽري صاحب کي پيش ڪئي!

هيڏانهن هڪڙي پاسي سرڪاري پروگرام پي هليا ته هوڏانهن ٻئي پاسي عوامي سطح تي ان کان به وڌيڪ رونقون لڳيون پيون هيون. عام خلق کان علاوهه وڏا ماڻهو به آيل هئا. تازو ڪَتيءَ جو فصل لٿو هو، پيسو جام هو، شين جي خريد فروخت زور شور سان جاري هئي.

مال پڙيءَ تي هر قسم جا جانور موجود هئا. پر سڀني کان وڌيڪ جتن جا اٺ، ڪڇين جا گڏهه ۽ گُجرن جون مينهون پئي وڪاڻيون. وڏيري ڌڱاڻي جي گهوڙي ”ابلق“ تي ويهه لک لڳا پر هن انڪار ڪري ڇڏيو.

مال پڙيءَ جي ڀرسان کليل ميدان تي لڪي ايراني سرڪس، ٻن منهن واري آدمخور بلا ۽ موت جي کوهه تي ماڻهن جي ڳاهٽ لڳي پئي هئي. کدڙن جي ناچ واري تنبوءَ ۾ به تر ڇٽڻ جي جاءِ ڪا نه بچي هئي. سندن گرو شمع فقير کدڙو چيچه وطني وارو بنفس نفيس خود آيل هو. لاهور مان آيل طوائفن جي ٽولن جا ايجنٽ، دلال ۽ ڪڃر گراهڪ ڦاسائڻ لاءِ اجرڪ، ٽوپي ۽ وڏين مڇن واري ماڻهن تي خاص اک رکيو پئي وتيا، جيڪي وري ڳاڙهي شربت، ڏونگهي واري مٺائي ۽ دوڌ پتي چانهه تي ڪريا پيا هئا!

هن سال رڇ ڪتن جي ويڙهه، گهوڙن جي ڊوڙ ۽ ملهه راند تي به ٽڪيٽون لڳل هيون. سڀئي ايترو ڪمائيندا جو ٻارهن مهينا ويهي گهر کائين تڏهن به نه کٽندو!

ميلي جو ڇيهه ته اچڻو ڪونه هو پر اسين هلي هلي ٿڪي پيا هئاسين. سو آخر ۾ سائينءَ کان دعا وٺڻ وياسين. اڌ رات لنگهي وئي هئي. نوڪرن ٻڌايو؛ معجزن وارو مرشد هن وقت پنهنجي هجري ۾ اڪيلي ويٺو تسبيح پڙهي.

چون ٿا، ان تسبيح ۾ هزار داڻا آهن، هر داڻو رنگ روپ، سائيز ۽ ڊول ۾ ٻئي کان مختلف آهي. ايندڙ وقت جون آفتون، تباهيون ۽ حادثا انهن ۾ پوشيدهه ۽ بند آهن!

هجري ۾ وڃڻ جي اجازت ملي ته جتيون لاهي، ٽوپي پائي اندر داخل ٿياسين. سجادهه نشين تي نظر پئي ته عيدڻ شاهه کان ڇرڪ نڪري ويو. کيس پنهنجي اکين تي اعتبار نه اچي، حيرتن جي جهان ۾ ٻڏي ويو.

هيءُ ته اهو ساڳيو بکيو مريد سجلو فقير هو جنهن ڏهاڪو سال اڳ اچي صدا هنئي هئي، ”مرشد ڏيار ڪا ڳاڙهي ڪار!“ مرشد ڪو شو روم کوليو نه ويٺو هو، سمجهي ويو ته بک سبب دماغ ڦري ويو اٿس. کيس ڪو جواب ڏيڻ بدران خليفي کي چيائين، هن کي ننگر ڪرايو، جنهن وٺي وڃي ديڳ تي ڇڏيس. هي به بک ۾ پاهه ٿي آيو هو، ساهيون پٽي، ڀت کاڌائين. جڏهن سامت ۾ آيو ته اچي سائين جي قدمن ۾ ويهي رهيو. الائي ڪيترا مهينا گذري ويا، هي پيرن جي خاڪ ٿيو ويٺو رهيو.

سائين ڪڪ ٿي پيو هو پر هيءُ پچر ئي نه ڇڏي. ڪيترا دفعا ڇڙٻون کاڌائين مگر انهي کي سائينءَ جي جلالي ڪيفيت سمجهي وڌيڪ فرمان برداري ۽ اطاعت گذاري ڏيکارڻ لڳو.

هڪ ڏينهن سائين، اوطاق واري بنگلي تي، پنهنجي پريشانين ۾ مبتلا ويٺو هو. شهر ۾ جنهن منڊم سان ٻي شادي ڪئي هئائين تنهن خرچ نه ملڻ سبب وڪيل معرفت طلاق جو نوٽيس موڪلي ڏنو هو، گروي رکيل زمينن تي سيٺين وڌيڪ قرض ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ چندي واري پيتي اوقاف کاتي وارا کڻيو ٿي ويا.

سجلي فقير سائينءَ کي اڪيلو ڏٺو ته موقعو مناسب سمجهي وري ڳاڙهي ڪار جي صدا هنئي.

”هو اٿئي تنهنجي ڳاڙهي ڪار!“ سائين بيزاريءَ ۾ پريان روڊ تي ويندڙ گڏهه ڏي اشارو ڪري چيو. هي به اٿي ان جي پويان هليو ويو. اهڙي طرح جان ڇڏائي، سائين وري پنهنجن خفن ۾ غلطان ٿي ويو.

ان ڏينهن بعد اهو مريد وري ڪڏهن نطر نه آيو، اڄ وڃي ملاقات ٿي ته سجادهه نشين ٿيو ويٺو هو! هن اوچتي ملاقات تي هو به هڪ ٻڪو ٿي ويو هو. آهستي آهستي هن پنهنجي اچرج تي قابو پاتو ۽ ڏاڍي قرب سان نوڙي اچي سائين عيدڻ شاهه سان مليو.

”هي سڄو مانڊاڻ ڪيئن مچايو تو؟“ خوش خير عافيتون ٿيڻ کان پوءِ سائين تجسس سان پڇيو.

هن چيو، ”جڏهن توهان مون کي ان رول گڏهه جي پٺيان روانو ڪيو ته دل ۾ چيم، ان ۾ به سائينءَ جي ڪا حڪمت هوندي. ڪي ڪيترا ڏينهن گڏهه هلندي رهي، نيٺ هڪ ڏينهن بک ۾ پاهه ٿي ڪري پئي ۽ مري وئي.

مون سوچيو سائينءَ جي نشاني آهي لاوارث ڇڏي ويس ته ڪتا کائي ويندس سو کڏ کوٽي پوري ڇڏيومانس. ٿڪاوٽ ايتري ٿي جو اتي ئي اهلي پيس.

ٻئي ڏينهن ننڊ مان اٿيس ته ماڻهو بيٺا هئا جن اوچتو ويراني ۾ هن قبر نڪري اچڻ واري معجزي تي پئي ڳالهايو. پوءِ ميلا ته بس تنهنجي دعا سان پاڻ لڳندا ويا ۽ مچندا ويا.“

”ڳاڙهي ڪار به وٺي ڇڏي اٿئي؟“ سائين اک ڀڃندي پڇيو.

”سائين ڀرم رکجان، مرشد تون لڄ پال آهين!“ اهي لفظ چوندي، سندس لهجي ۾ عاجزي اچي وئي.

”بس اها گڏهه اتي ئي نپي رکجان. هن جي ماءُ مون وٽ پوريل آهي!“ مرشد سندس پٺي ٺپيندي سرگوشي ۾ چيو.

(حسين ڪپريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۰۴ فيبروري ۲۰۲۳ع تي رکيل)

No comments:

Post a Comment