Thursday, January 4, 2024

فقيري نسخا - حسين ڪپري

فقيري نسخا!

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



گهر جي لوهي گيٽ جي چاٻي وڃائجي وئي. بائيڪ، موبائل ۽ ٻيو سامان اندر رهجي ويو، اسين ٻاهر بيٺا هئاسين. گهڻا ئي زور لاتاسين، نه تالو ٽٽي نه در ڀڄي. اهڙي موقعن تي چوڪيدار ڪم ڏيئي ويندو آهي پر هينئر اهو به نظر ڪو نه ٿي آيو. تنهنڪري شهر مان مستري آڻڻ لاءِ پاڻ رڪشو ڪرائي تي ڪيوسين. رڪشي جي پويان لڳل ڪپڙي جي بينر تي لکيل هو؛ ”فقيري نسخو: دل جا بند وال کوليو، بلڪل مفت!“


هاڻي مفت جي شئي هجي ۽ قوم نظر انداز ڪري ڇڏي، ان کان ته ڦٿڪي مري. سو انهيءَ معاملي جو جائزو وٺڻ لازمي هو.

رڪشي وارو سڌو سادو، گهڻ ڳالهائو ۽ اتاولو ماڻهو هو. اڃا مون ڪجهه پڇيو ئي ڪو نه جو شروع ٿي ويو؛ ”سائين، پاڻ کي ڪا ذاتي لالچ ڪانهي، هي فارمولو ڪاغذ تي لکي کڻي وڃو. پَساريءَ کان پنج جڙي ٻوٽيون وٺو، ڪاٺ جي ڪونڊي ۾ گهوٽو لڳائي، ٺڪر جي ٿانو ۾ پسائي، سنهي ڪپڙي سان ڇاڻي وڏي بوتل ۾ رکي ڇڏيو. صبح جو نيراني اٿي ٻه ڍڪ ڀريو، پوءِ گرڙي ڪري، چانهه سان ماني کائي ڪم تي نڪري وڃو. سڄو ڏينهن اهڙو آرام سان گذري ويندو جهڙو مامي جي گهر مزمان (مهمان) ٿيا رهيا پيا هجو.“

دل ۾ آيو ته چوانس؛ ’اهي دور هليا ويا، جڏهن اوطاقن تي ڇٽڪارون ڪري، کٽون رکي ميزبان انتظار ڪندا هئا. اڄڪلهه مهمان جي جيڪا عزت آهي سا سڀني کي ساري پئي آهي‘. پر اها ڳالهه ان ڪري چئي نه سگهيس ته متان بدمزگي پيدا ٿئي ۽ هو ڪاوڙجي پوي.

صبح جو وقت هو، رستي تي ڪافي ٽريفڪ هئي. هو رڪشو هلائيندو رهيو ۽ ذري ذري پويان مڙي اسان سان ڳالهائيندو به هليو.

”توهان اڳتي نهاريو. ڌيان سان رڪشو هلايو!“ مون کٽڪي ۾ چيو.

”نهارڻ سان ڪجهه نٿو ٿئي صاحب! جيڪو تقدير ۾ لکيل هوندو اهو ئي ٿيندو!“ هن ڪار کي اوور ٽيڪ ڪندي جواب ڏنو.

تقدير به عجيب شئي آهي، جي ماڻهو همت هاري ته پنهنجي ناڪامين جو ان کان وڌيڪ ٻيو مناسب بهانو ٿي نٿو سگهي.

ٿورو اڳيان هلي هن اسپيڊ بريڪر تي رفتار گهٽ ڪئي ۽ وري ڳالهه کي اتان کنيو جتي ڇڏيو هو.

”هن نسخي مان ٺاهيل دوا پاڻ کائو، گهر وارن کي استعمال ڪرايو، يارن دوستن ۾ ورهايو. اڳتي کٽي سندن ڀاڳ. شفا ڏيڻ واري ذات، مالڪ جي آهي. باقي حيلو هلائڻ، بندي جو ڪم آهي.“

بندي، يعني هن طبي قسم جي رڪشي واري ٻڌايو ته ڊرائيور پاڻ آهي ۽ سيٺ به پاڻ آهي. اهو سڀ ڪجهه هڪدم ڪو نه ٿيو هو. ايستائين پهچڻ ۾ سال لڳي ويا هئا.

”محنت ڪري قسطن ۾ پهرين هڪڙو رڪشو ورتو، اهو آجو ڪري وري ٻيو ورتو. هاڻي ماشآءَالله پنج آهن، جن کي پٽ ۽ ڀائر هلائين ٿا. سڀني اهو نسخو لکائي ڇڏيو آهي ته ڀلي ڪو مسلمان ڀاءُ پڙهي ۽ فائدو حاصل ڪري.“

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جتي اڪثر ماڻهو سندس ڪم کي ساراهين ٿا ۽ شاباسيون ڏين ٿا، اتي ڪي شخص مخالفت به ڪن ٿا. سندس پاڙي وارو ماستر چوي ٿو ته توهان جي ثواب ڪمائڻ جو هي جذبو ظاهري طرح ڀلي قابل تعريف هجي پر ڪو به سمجهدار ماڻهو اهڙن نسخن کي آزمائي نٿو سگهي. دعا ڀلي ڪنهن کان به ڪرايو پر علاج لاءِ ڊاڪٽر ڏي وڃو.

”هو کڻي ڇا به چوي پر رڪشا هلن پيا، برڪت پوي پئي، بس رڳو وي سي کلي وڃي ته پلاٽ تي ڪم شروع ڪرائينداسين ۽ هي خير وارا ڪم به جاري رکنداسين.“ هن موڙ ڪاٽيندي چيو.

هو هڪڙو خير خواهه ڪونهي ٻيا به نيڪ نيت ماڻهو جام هلن پيا، جن جي ٻڌايل نسخن کي آزمايو ۽ ڏس راڄن کي ڏيندا وتو. مثال، نم جي پنن سان شگر مان شفا پايو، ڪدو ڪش جي ذريعي مثاني جي پٿري ٽوڙيو، گدامري، ٽُوهه ۽ ٻوراني سان مرگهي جهڙي موذي مرض کي هميشهه لاءِ ڀڄائي ڪڍو. جيڪڏهن ڪنهن لاعلاج مرض ۾ ڦاٿل آهيو تڏهن به نه گهٻرايو، اهڙا پهتل ماڻهو ويٺا آهن جيڪي ڇتڪتائي کان وٺي آخري اسٽيج واري ڪينسر تائين جو علاج روحاني طريقي سان ڪري سگهن ٿا. انهي کان علاوهه دم، ڦوڪ ۽ شوڪاري جا اسپيشلسٽ الڳ ويٺا آهن، جيڪي نظر لاهڻ، ڀاڳ وارڻ، دشمن دفع ڪري سڄڻ سامهون آڻڻ وارا مسئلا به بخوبي حل ڪري سگهن ٿا.

رڪشا واري چيو؛ ”سچ پڇو ته الائي ڪهڙا ڪهڙا حڪمت وارا ماڻهو آهن جيڪي چانهه جي هوٽلن، بس اسٽاپن ۽ رستن تي پيا رلن پر انهن مان ڪير فائدو نٿو وٺي. ٿوري گهڻي بيقدري جتي ڪٿي آهي پر هتي ته صفا حد ٿي ويئي آهي. قدرداني ناهي، مالڪي ناهي انهي ڪري ئي ته ملڪ ترقي نٿو ڪري. انهن سڀني ماڻهن جي نسخن ۽ ڏس پتن ۾ چڱي ڳالهه اها آهي ته نه خرچ ٿئي ٿو ۽ نڪو سائيڊ افيڪٽ آهي! انگريزي دوائن واري علاج ۾ برابر فائدا تڪڙا ٿين ٿا پر نقصان گهڻا آهن. طاقت جي دوا کايو ته گڙدا فيل ٿيو وڃن، ڪيڙو لڳل ڏاٺ ڪڍايو ته نظر ويهو رهي، گوڏن جي سور لاهڻ واريون سيون هڻايو ته دماغ خراب ٿيو وڃي! دماغ ويو ته پويان رهيو ڇا ماڻهو ۾؟ جيڪي ماڻهو شڪايت ڪن ٿا ته شفا حاصل نٿي ٿئي تن ۾ نسخن جو ڏوهه ناهي پر سندن قسمت ئي ڦٽل آهي. انهي ڪري سياڻا چئي ويا ته؛ خانو جن خراب، ريس نه ڪجي تن سان!“

سندس ڳالهين ۾ خبر ئي ڪا نه پئي جو مستريءَ جي دڪان تي پهچي وياسين. دڪان جي اڳيان، وڻ هيٺان، روڊ جي ڪناري تي هڪ همراهه پنهنجو سامان رکي دعوا سان چئي رهيو هو ته وٽس مرشد جو تعويذ، خانداني بزرگن جا نسخا ۽ سائنسي مطالعي جو نچوڙ آهي. پهرين هڪڙي بي روزگار ماڻهوءَ کي سڏ ڪري ويهاريائين، پوءِ ٽوپيءَ واري واندي معزز کي دعوت ڏئي گهرايائين. ڪي واٽهڙو، جن کي ڪم نه هو سي، تماشو ڏسڻ بيهي رهيا. ائين ماڻهو هٿ ايندا ويا ميڙ وڌندو ويو.

جڏهن چڱو خاصو هجوم گڏ ٿي ويو ته هن تمهيد ٻڌي؛ ”چوڏهين صدي آئي ته ننڍ وڏائي جي تميز نه رهي، شرم موڪلائي ويو، بي حيائي وڌي وئي ۽ سسٽم خراب ٿي ويو. انسان جي روپ ۾ شيطان پيو هلي، پوليس کي مال کپي. مال ٺاهڻ وارا اڳي ٺاهي ويا، هاڻي بس ڪاغذن جو خرچو ملي ٿو ته چون ٿا لک کٽيوسين، وڌيڪ لالچ ڪونهي!“

پوءِ هو ديسي طب جي علم طرف وريو ۽ ڄار جي ڏندڻ جا اهڙا ته فائدا بيان ڪرڻ شروع ڪيائين جو سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون.

مون کي دير پئي ٿي، شيو ڪري، وهنجي آفيس وڃڻو هو، مگر سندس ڳالهيون ايتريون دلچسپ هيون جو ٿوري دير لاءِ اهو وسري ويو ته بازار ڪهڙي ڪم سان آيا هئاسين!

پڇاڙي جو هو ٿيلهو کولي چوڻ لڳو؛ ”برابر، جڙيون ٻوٽيون حضرت لقمان حڪيم سان ڳالهائينديون هيون پر دشمني اسان سان به ڪونهي انهن جي. پير استاد وارا آهيون، تڪبر کان توبنهن آهي. اسان سان جڙيون ٻوٽيون جيڪي راز سلين ٿيون تن ۾ اهڙيون حڪمتون پوشيدهه آهن جي عام ماڻهن کي ٻڌايون ته چريا ٿي وڃن. ٿلهي ليکي توهان ائين سمجهو ته هڪڙيون ٻٽيهه بيمارين ۾ شفا ڏين ٿيون ۽ ٻيون چاليهه مرضن کي هڪ ٽڪ لڳن ٿيون! ٻنهي کي گڏائي هي فقيري نسخو ٺاهيو آهي. ڊگهي ڳالهه ڪرڻ جي عادت ڪانهي، مختصر ٻڌائي ڇڏيان ته طاقت جو خزانو کڻي آيو آهيان. هيءَ سوکڙي جيڪو کائيندو سو هن پرديسيءَ جي ٻچن کي دعائون ڪندو. منهنجو پيءُ خاندني حڪيم هو پر دڪانداري نه ڪندو هو، لکن جا نسخا مفت ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو. آئون به توهان کان وڌيڪ نفعو نه وٺندس!“

اڌ ڪلاڪ کن ۾ هو پنهنجو ٿيلهو خالي ڪري روانو ٿي ويو.

هڪ اهڙو معاشرو، جنهن ۾ مردن کي طاقت کپي، عورتن کي تحفظ کپي ۽ وچ وارن کي تماشو گهرجي، اتي اهڙا نسخا ۽ ڳالهيون وڪامڻ تي حيرت نٿي ٿئي.

پرديسيءَ جي وڃڻ کان پوءِ اسين لڳاسين پنهنجي ڪم جي پويان.

ڳالهه ٻڌي مستريءَ چيو؛ ”تالو ڪهڙو به هجي پر پنهنجي اڳيان نٿو بيهي سگهي. ماڻهو چون ٿا تو وٽ ماسٽر ڪِي آهي. پر پاڻ وٽ هنر آهي، بڻيادا مستري آهيون.“

”مگر هي ڇا آهي؟“ مون دڪان جي دروازي ۾ ٽنگيل چمڙي جي جتيءَ ڏي اشارو ڪندي پڇيو.

”هي خراب نظر کان بچڻ جو نسخو آهي.“

پوءِ هو وضاحت ڪرڻ لڳو ته اهڙا خطرناڪ ناظرو ماڻهو پيا هلن جن جي نظر ماري نه تڏهن به کاري سگهي ٿي. انهيءَ ڪري احتياط ضروري آهي، قاعدي ۾ فائدو آهي.

مستريءَ وٽ ڪجهه سامان کٽل هو، سو هن پاسي واري ٻئي مستري کان روات ورتي، سامهون واري لوهار کان مترڪو کنيو ۽ شاگرد موڪلي بجليءَ واري کان پيچڪش گهرائي ورتو. سڀ ٽپڙ گڏ ڪري، ٿياسين واپس روانا. رستي ۾ رڪشا وارو وري شروع ٿي ويو.

”سائين پنهنجو سمجهي نصيحت ڪريان ٿو. دنيا ۾ نيازمندي ۽ هٿ جوڙي جو رشتو ضروري آهي. ديسي حڪمت وڏي شئي آهي. جي ڏسڻ واري اک هجي ته ڪک هيٺان لک آهي. ڪنهن ماڻهوءَ کي معمولي نه ڄاڻو ۽ ان جي ٻڌايل سستي نسخي کي بيڪار نه سمجهو.“

آئون سمجهي ويس ته همراهه تي اڃا پرديسيءَ جو اثر آهي.

جيئن تيئن ڪري گهر پهتاسين ته اهو ڏسي حيرت ٿي، گيٽ کليو پيو هو!

”سائين چاٻي ته توهان مون وٽ وساري ويا هئا!“ چوڪيدار چيو.

”مگر ان مهل تون ڏسڻ ۾ ڪو نه آئين؟“

”آئون بندوق، ٽارچ ۽ سيٽي رکڻ ويو هئس ڪواٽر ۾، سر!“ هن چاٻيون ڏيندي چيو.

خوش ٿي سندس مهرباني مڃيم ته هن جو من وڌي ويو. چوڻ لڳو؛ ”سائين ڪمزور يادگيري، خراب مرض آهي پر چڱي ڳالهه اها آهي ته هن فقير کي ان جي علاج جي خبر آهي.“

انهيءَ تي رڪشا وارو سيٺ، تالن وارو مستري، ٻه ٽي پاڙي جا ماڻهو ۽ آئون خود، ويساري مان جان ڇڏائڻ لاءِ چوڪيدار جو فقيري نسخو نوٽ ڪرڻ لڳاسين!

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۲۶ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment