Thursday, January 11, 2024

سوشل ميڊيا جا ڪانڌي - منظور ڪوھيار

سوشل ميڊيا جا ڪانڌي

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



ڪکو خان ڪلاڪ کان موبائل سيٽ ۾ منهن هنيون ويٺو هيو مٿي ئي نه پئي ڪيائين۔ چانھ آئي ته منهن مٿي ڪيائين۔ پڇيومانس: ”وڏو مصروف هئين خير ته هو؟“

الٽو سوال ڪيائين؛ ”تنهنجا فيس بوڪ تي گھڻا فرينڊس آھن؟“


”ڪوئي سوا سؤ!“

”بس!“ حيرت کائيندي ٻڌايائين؛ ”منهنجا پنج هزار آھن!“

پڇيومانس؛ ”انهن سڀني جون پوسٽون پڙھي ويندو آهين؟“

”نه نه مان ٿو پڙھان!.. بنا پڙھڻ جي ڪنهن نه ڪنهن کي لائيڪ شائيڪ ڪندو آھيان!“

” ته پوء ايڏو ڇو مصروف هئين؟“

”مان اهو پئي ڏٺو ته اڄ ڪير مري ويو آھي ته ان کي ان-فرينڊ ڪري، وري ٻئي جي فرينڊ رڪئيسٽ، ڪنفرم ڪيان!“

No comments:

Post a Comment