Friday, January 19, 2024

قَدرُ ۽ احساس وقت تي ڪيو - انتون چيخوف - ڊاڪٽر وجيه ڪمار نھال

قَدرُ ۽ احساس وقت تي ڪيو

(روسي ادب مان ننڍڙي ڪھاڻي)

ليکڪ: انتون چيخوف

سنڌيڪار: ڊاڪٽر وجيه ڪمار نھال



هڪ پوڙهو هاري، پنهنجيءَ بيمار زال کي ھڪ گهوڙي گاڏيءَ ۾ جنھن کي ھڪ نِٻَل گھوڙو ڇڪي رھيو ھو، اُن جي پوئين سيٽ تي سُمھاريو ۽ هو پاڻ به اڳئين سيٽ تي چڙھيو ۽ پوءِ کيس علاج لاءِ هڪ ڏورانهين شهر وٺي پئي ويو.


 فاصلو ڊگهو هو، تنهنڪري رستي ۾ هاريءَ ڳالهائڻ شروع ڪيو، هو آهستي آهستي ڳالهائي رهيو هو ۽ پنهنجو پاڻ کلي به پيو، ڄڻ ته هو پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو پر ساڳئي وقت هو در اصل پنهنجي بيمار زال کي به تسلي ڏئي رهيو هو جيڪا هن سان ۴۰ سالن کان گڏ هئي ۽ هن جي مزدوري ۾ مدد ڪرڻ، مصيبتن ۽ دردن کي برداشت ڪرڻ ۾ ٻانھن ٻيلي رھي. ٻاهر ٻنيءَ ۾ ۽ گهر جي ڪمن جو بار اڪيلو کڻڻ ھن مائي جي ذمي ھو.



جيئن هاري ڳالهائي رهيو هو ته هن محسوس ڪيو ته هن گذريل ۴۰ سالن ۾ زال سان بي رحمي ۽ ناانصافيءَ وارو سلوڪ ڪيو آهي ۽ هاڻي هن سان نرمي ۽ پيار سان ڳالھائڻ گهرجي ۽ مٺن لفظن سان هن کي تسلي ڏيڻ گهرجي ته جيئن بيماريءَ مان اُٿي پوي.

هن پنهنجي زال کي ٻڌائڻ شروع ڪيو ته هن نه رڳو هن سان ظلم ڪيو آهي، پر زندگيءَ ڀر هن سان ڪو انصاف به نه ڪيو آهي. روزمرهه جي زندگيءَ ۾ هن سان محبت ڀريو هڪ لفظ به نه ڳالهائي سگهيو آھي، همدرديءَ جا ٻه ٻول پيش ڪرڻ جو وقت ئي نه ڪڍي سگھيو آھي، نه ئي کيس ڪا شاباش چَئي سگھيو آھي.

کيس پاڻيءَ وانگر صاف ۽ نفيس مسڪراهٽ ڏئي سندس سخت زندگيءَ ۾ آسانيءَ جو هڪ لمحو به نه ڏئي سگهيو آھي.

اهو شخص سڄي واٽ افسوس ۽ ندامت جي احساس سان ڀريل لهجي ۾ بغير ڪنهن روڪ جي ڳالهائيندو رهيو.

جيئن پٿرن تي لڳاتار وهندڙ درياهه جو پاڻي مستقل لڪيرون ٺاھي ڇڏي ٿو تيئن ڏک به انسان جي روح تي گَھِرا نشان ڇڏي وڃن ٿا ۽ ھيءُ شخص پنھنجي زال کي اُن جي روح تائين ڏنل زخمن جو ڪو مداوو ڳولھي رھيو ھو.

هن چاهيو ٿي ته اهڙن لفظن جو سهارو وٺان جيڪي ھن جي ڏوھَن جو ڪو مداوو ڪري سگھن ۽ ھن جي شادي شده زندگيءَ ۾ پيار، سڪون ۽ گرمجوشي پيدا ڪري سگھن.

جيڪي محبت، شاباش ۽ ھمدري لفظ گذريل چاليهه سالن ۾ ھُن پنھنجي زال لاء استعمال نه ڪيا ھئا پر ھاڻي پوئين سيٽ تي ليٽيل هن پنهنجي بيمار زال سان واعدو ڪرڻ شروع ڪيو ته سڄي زندگي هن کي اهو سڀ ڪجھ ڏيندو جيڪو هن ڪڏهن چاهيو هو. ھو ھن جي ھر خواھش پوري ڪندو ته جيئن زندگي جا باقي ڏھاڙا پيار محبت ۽ سڪون سا گڏ گُذرن.

جڏهن هو شهر پهتو ته هو اڳئين سيٽ تان اٿيو ۽ پوئين سيٽ تان پنھنجي زال کي پھريون دفعو پنھنجي ٻانھن ۾ کُڻي ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو. ڊاڪٽر کيس ٻڌايو ته هاڻي ھيءَ هڪ ٿڌي لاش کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آھي...! ھي ته ڪڏُھن جو مري چُڪي آھي.

ڊاڪٽر جا اِھي لفظ ٻڌي سندس اکين مان ٻه لُڙڪ سندس گھرواريءَ جي بي جان ٿڌي جسم تي ڪريا پر ھوءُ انھن لُڙڪن منجھ لِڪَل پڇتاءَ جي گرمائش کي محسوس نه ڪري سگھي.!

زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڊگھي رستي تي مُڙس جا مٺا، ھمدردي، پيار، شاباش ۽ مهربان لفظ ٻڌڻ کان اڳ ئي هوءَ ته مري چڪي هئي!

 

(روسي ڪھاڻي جو اردوءَ ۾ عربي کان ترجمو محترم توقير ڀوميلا ڪيو آھي)

(وجي ڪمار نھال جي فيسبڪ پوسٽ تان ۱۹ جنوري ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment