Monday, January 8, 2024

ڄڃ جو پاراتو - حسين ڪپري

ڄڃ جو پاراتو

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



”هتي ڳوٺاڻن ٻڌايو، اوهان جي خاندان ۾ هر گهوٽ کي ڪو حادثو پيش ايندو آهي؟“ ڪريم پنهنجي ميزبان تپيدار مبارڪ کان پڇيو. ڪريم ڌنڌي جي لحاظ کان وڪيل هو ۽ عام زندگيءَ ۾ به دليلن سان ڳالهائيندو هو.


”هر گهوٽ کي نه پر هر نسل ۾ هڪڙي گهوٽ کي حادثو پيش ايندو آهي. اهو هڪ پاراتو آهي جيڪو نسلن کان پيڇو ڪندو اچي.“ تپيدار درستگي ڪندي چيو. جيتوڻيڪ هو نئين زماني جو پڙهيل ماڻهو هو پر پراڻين ڳالهين ۽ روايتن تي اعتبار ڪندو هو.

”واقعي دلچسپ ڪهاڻي آهي.“ وڪيل چيو.

”اها ڪهاڻي نه پر حقيقت آهي،“ هن وضاحت ڪندي چيو. ”توهان بدنصيب انسان ٻڌا هوندا، نڀاڳا شخص ڏٺا هوندا، مگر پٽيل ماڻهن جو الڳ جهان آهي. نڀاڳ ۽ بدنصيبيءَ جي حساب سان انهن جا پنهنجا درجا آهن. هڪڙا ماڻهو مائٽن جا پٽيل، ٻيا استادن جا پٽيل ۽ ٽيان مرشدن جا پٽيل هوندا آهن. مگر اسين هڪ پوري ڄڃ جا پٽيل آهيون.“

”اهو ڪيئن؟“

”اسان جي پڙ ڏاڏي سنجر ڌاڙو هنيو هو. هڪ گولي فائر ڪيائين، سڌي وڃي گهوٽ کي لڳي، اتي ئي ساهه نڪري ويس. سندس موڙ ٻڌل لاش گهوڙي تان اچي زمين تي ڪريو. مٽي رت سان لال ٿي وئي. بيواهه ماءُ جو اڪيلو يتيم پٽ هو. ننڍي هوندي کان ماءُ شهزادن وانگر پالي نپائي وڏو ڪيو هو. سندس دعائن کيس هر بلا کان محفوط رکيو هو. ڪئين دفعا قضا آئي به سهي پر هر دفعي ڪو ڏنل ٽڪر آڏو اچي ويندو هو. هو سڀني آفتن، بيمارين ۽ مصيبتن کان بچي نڪتو هو پر سنجر ان کي ماري وڌو.

هر طرف آهون، دانهون ۽ پڪارون هيون. سڄي ڄڃ ٻڪون کڻيو پي پٽيو؛ ’ڀڳوان ڪندو توهان جي گهوٽن سان به ائين ٿيندو!‘ اها بد دعا پيڙهين کان هلندي اچي.“

هو ٿورو ترسيو ۽ ٻانهه ۾ ٻڌل واچ کي ڏٺائين.

”يار قصو ڊگهو آهي. هينئر سمهو، صبح جو سويري اٿڻو آهي. قاسم جي شاديءَ جو سڄو انتظام پاڻ کي فائنل ڪرڻو آهي.“ هن فڪرمند انداز ۾ چيو.

قاسم، هن جو ننڍو ڀاءُ هو، ميڊيڪل جي سيڪنڊ ايئر ۾ پڙهندو هو. ٻن ڏينهن کان پوءِ سندس شادي هئي. انهيءَ حساب سان کيس هتي هئڻ کپندو هو مگر امتحان پئي هليا، سڀاڻي آخري پيپر ڏيئي پوءِ ڳوٺ اچڻو هو.

خوشيءَ جي هن موقعي تي مبارڪ فونون ڪري ڪريم صاحب ۽ پنهنجي ٻين ويجهن دوستن کي حيدرآباد مان اڳواٽ گهرائي ورتو هو. شهري همراهن سڄو ڏينهن ڳوٺاڻن سان ڪچهريءَ ۾ گذاريو هو، جتي کين ڄڃ جي بد دعا جي خبر پئي هئي. سج لٿو ته ”محفل“ شروع ٿي.

”قصو ڊگهو آهي ته ڇا ٿيو. تون ڳالهه ٻڌاءِ!“ وڪيل صاحب، گلاس ۾ برف وجهندي چيو.

تپيدار ڊگهو ساهه کنيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”اها گولي رڳو هڪڙي گهوٽ کي ڪا نه لڳي، ٻيون به الائي ڪيتريون دليون چيري وئي. ڪنوار اٻلا پري رڙ ڪَري ڪِري پئي. سندس چوڙيون ڀڄي پيون، ڪنڌ ۾ پاتل ست سري دهري ٽٽي وئي ۽ هينئون ڦاٽي پيو! سندس ماءُ پاڳل ٿي وئي!

سنجر جي ان ڪٺورتا جون ڳالهيون پوري علائقي ۾ پکڙجي ويون. اهڙو ڏوهه ته ڪو بنهه وڏو گناهه گار ئي ڪري سگهيو ٿي!

انهيءَ واردات جو سڀني کان وڌيڪ دردناڪ پهلو اهو هو ته مارڻ جو ڪو سبب نه هو. ڄڃ وارن وٽ هٿيار هو نه انهن ڪا مزاحمت ڪئي. هڪڙي ڌاڙيل ٻئي کي چيو؛ ’وڏا، اڄ ڪو اهڙو نشانو ڏيکار جو هر ڪو تنهنجي هنر کي سلام ڪري!‘ هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، ٻي ڪا اهڙي شئي نظر نه آئي، گهوڙي تي سوار گهوٽ سامهون بُل ڏيو بيٺو هو. هن سڌو فائر ڪيو، گولي وڃي نراڙ تي ٺاهيل تلڪ مٿي لڳي!

سڀ ڪجهه اوچتو رونشي ۾ ٿي ويو! حالانڪه مارڻ وارو ڪم، هو هميشهه ذميداري سان ڪندو هو، ڇو ته اهو سندس جبلت ۾ شامل هو. هن جي عادت هئي ته ڌاڙو هڻڻ يا ٻي ڪا واردات ڪرڻ کان اڳ خوني ڪيفيت ۾ هليو ويندو هو. سڀ غير ضروري خيال دماغ مان ڪڍي، صرف پنهنجي شڪار تي ڌيان ڏيندو هو. هن معاملي ۾ هن اهڙي ڪا تياري ڪو نه ڪئي هئي. مگر مسئلو اهو هو ته ننڍي هوندي کان وٺي سندس نشانو گسندو ڪو نه هو. غليل، گهوٻاٽو، پستول جنهن سان به ڌڪ هڻندو هو، ساهه واري شئي جيئري ڪا نه بچندي هئي!“

”ڇا واقعي اهڙو قاتل نشاني باز هو؟“ صادق پڇيو. ان نموني سوال ڪرڻ جي عادت کيس ڊگهي صحافتي ڪيريئر دوران پئي هئي.

”بلڪل، وڏڙن کان ائين ئي ٻڌو آهي!“ هن اعتماد سان چيو ۽ وري ڳالهه شروع ڪئي.

”سنجر کي پوءِ انگريز سرڪار گرفتار ڪري، پهرين ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي ۽ اڳتي هلي ان کي جنب ٽيپ ۾ بدلائي، ڪاري پاڻيءَ روانو ڪري ڇڏيو. سنڌ مان ٽي قيدي اڳي اتي هئا. هڪڙو آدم نظاماڻي هو، جنهن ريل گاڏي ڪيرائي وڌي هئي، ٻيو هو ٽُوهه ماڇي جيڪو پوليس چوڪي ساڙي هٿيار کسي ويو هو ۽ ٽيون پيروز باجڪاڻي هو جنهن خلاف اڌ مڻ درخواستون هيون! قيد دوران هڪ ٻئي پويان ٽيئي ڄڻا گذاري ويا.

اتي شديد بيرحم موسمي حالتن، سختين ۽ مرضن وگهي اڪثر ڪري قيدي مري ويندا هئا. هن کي به اهي موتمار بيماريون ٿيون ۽ حادثا پيش آيا مگر سڀني آزمائشن مان چڙهي ويو!

چون ٿا، پوءِ جڏهن شهنشاهه جارج پنجين جي تاجپوشي واري سال قيدين کي سزا ۾ معافي ملي ته هو به اتان آزاد ٿي ويو. پوءِ هتي اچي جوڳي مڙهي جي ڳوٺ ۾ رهي پيو. هي ڳوٺ انهن جوڳين جي نالي پٺيان قائم ٿيو هو، جن جو تعلق گورکناٿ سان هو.

سوين سال اڳي هتي ڪا انساني آبادي نه هئي، رڳو شاهي ڀٽون هيون جن ۾ ڪونڀٽ، روهيڙي ۽ ڪنڊي جي پراڻن وڻن جا ٻيلا هئا. ايڪانت جي تلاش ۾ جوڳين کي هي ويرانو ايترو پسند اچي ويو جو مڙهي ٺاهي رهڻ لڳا. جيئن ته هو هر وقت تپسيائن ۾ گم رهندا هئا، سو ڪم ڪندا هئا نه دان وٺندا هئا. جڏهن کاڌي پيتي ۽ ٻئي وکر جي ضرورت پوندي هئي ته گودڙيءَ مان پارس پٿر ڪڍي لوهه جي ننڍي ٽڪري سان گسائي، ان کي سون بنائي، بازار ۾ وڪڻي، سامان خريد ڪري ايندا هئا!

جوڳي ته پوءِ جبروت هليا ويا ۽ مڙهيءَ ۾ ماٺ ٿي وئي پر ڪي لالچي شخص ماٺ ڪري نه ويٺا. انهن چيو، جيڪي جوڳي پاڻ سان گڏ پاڻ به نه کڻي هلندا هئا تن پارس به نه کنيو هوندو، ان کي ضرور ڪنهن وڻ جي هيٺان دفن ڪري ويا هوندا. پوءِ هنن پٿر جي تلاش ۾ وڻن جون پاڙون کوٽي کوٽي جهنگ جو ستياناس ڪري ڇڏيو.

پارس ته نه ملڻو هو، نه ئي مليو. پر علائقي جي خوبصورتي کين موهي وڌو ۽ هو هتي رهي پيا. آهستي آهستي ڳوٺ آباد ٿي ويو. روايتن موجب، هتان جا کوهه جيترا اونهان آهن، ماڻهو ان کان ٻيڻ تي گهرا آهن. عام طرح ماٺ ڪري پيا هلندا ۽ ڌارين جي اڳيان نه کُلندا آهن پر انهن وٽ صحرا جي طوفانن ۾ اڏامندڙ واريءَ جون رڙيون، ڏڪار جا ڀيانڪ داستان ۽ انساني سهپ جا اهڙا ناقابل يقين قصا آهن، جو ٻڌندڙ حيران ٿي وڃن.“

هو نئون سگريٽ دکائڻ لاءِ ٿورو ماٺ ٿيو ته صادق سوال ڪيو؛ ”هو هتي ڇو اچي رهيو هو؟“

تپيدار چيو؛ ”صحيح خبر ته ناهي پر انهيءَ واردات جي ڪري هو پنهنجي راڄ ۾ بدنام ٿي ويو هو. جنهن ڄڃ وٽ هٿيار هو ۽ نه انهن هٿ آڏو ڏنو هو تنهنجي گهوٽ کي رونشي ۾ ماري ڇڏڻ، بهادري نه پر ڀاڙيائي هئي. جنهن ٻڌو تنهن ”ٿُو ٿُو“ ڪئي. هو انهن کي ڪهڙو منهن ڏيکاري ها! تنهنڪري واپس وڃڻ بدران، هن ڏورانهين جاءِ تي اچي رهيو هو جتي کيس ڪير سڃاڻندو نه هو.

هن کي پنهنجي ان ڏوهه تي شرمساري ۽ پڇتاءُ هو. هتي اچڻ کان پوءِ هن پهريون ڪم اهو ڪيو جو پنهنجي رڪ مان ٺهيل ڪاتي ۽ رائفل کي تيل مکي، پيتيءَ ۾ وجهي، کڏ کوٽي زمين ۾ پوري ڇڏيو ۽ پراڻن سڀني ڌنڌن تان هٿ کڻي ويو.

هتي هو شريف ٿيو پيو هلندو هو، پر منهن ۾ اهڙي ڏيا هئس جو ڪير ساڻس اکيون ملائي ڳالهائي نه سگهندو هو. ڪنهن سندس ماضيءَ بابت سوال ڪيو نه پار پتو يا شجرو پڇيو. هن جيڪا ذات ٻڌائي، نالو ٻڌايو، ماڻهن قبول ڪري ورتو.

مگر سندس پرپٺ عجيب ڳالهيون ٿينديون هيون. ڪي چوندا هئا ته هو اتر جو قبيلائي شخص هو جنهن پلاند ۾ وستين جون وستيون ويران ڪري ڇڏيون هيون ۽ دشمنن کان بچڻ لاءِ هن پاسي آيو هو. ڪي چوندا هئا؛ فوج ۾ ڪمانڊو هو، گار ڏيڻ تي پنهنجي آفيسر جو مڻڪو ڀڃي فرار ٿيو هو. سرڪار پاران کيس زندهه يا مردهه حالت ۾گرفتار ڪرڻ تي انعام رکيل هو. ڪن چيو؛ اسان جي سنگتين پنج سال اڳي کيس قلندر جي ميلي تي رڇ نچائيندي ڏٺو هو...

هو جيڪو به هو، پر ڪنهن جي آئي وئي ۾ ڪو نه هو. ماڻهن به کيس برداشت ڪري ورتو. هيءُ علائقو پر امن هو، گهڻو ڪري ڏوهه نه ٿيندا هئا. ڪڏهن ڇهين ٻارهين مهيني ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته ڀاٽي ڌاڙيل ڪنهن جاءِ تي ڌاڙو هڻي، مال متاع ڦري، ڀلا وهٽ ڪاهي رات وچ ۾ سرحد اڪري راجسٿان مان وڃي نڪتا!

سڀ ڪجهه ٺيڪ پئي هليو. مگر پوءِ هڪ ڏينهن هن ڳوٺ جو وارو اچي ويو. ٽپهري جي وقت جڏهن ماڻهو روزمرهه جي ڪمن ۾ مصروف هئا، تنهن مهل اوچتا هو اچي ڪڙڪيا! ضرور ڪنهن جو هٿ ڏس هوندو. تڏهن ئي ته سڌو اچي مکي چندن مل جي گهر تي بيٺا، جنهن جي ڌيءَ جي شادي جا ڏينهن ٻڌل هئا. سڄو ڏاج تيار پيو هو. چانديءَ جا ٿانو، سون جا ڳهه، اشرفيون، گينيون، ڪلدار، سچا موتي ۽ هيرا، اٺن جا جالنگ ڀرجي ويا. ڌاڙيلن کي ايتري ملڪيت هٿ آئي جو هنن ٻيو ڪنهن کي ڪو نه لٽيو.

پوءِ ته چئوطرف واويلا مچي وئي. آسپاس جا ماڻهو اچي مڙيا پر ڪنهن کي همت نه ٿي جو ڌاڙيلن جي پويان وهراڙو ڪري نڪري. پوليس به مجبور هئي، پرائي ملڪ ۾ نٿي وڃي سگهي.

ٿر ۾ لڪڙ تار جو رواج آهي، ڳالهه هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين هڪدم پهچيو وڃي. سنجر الائي ڪٿي هو ۽ ڪنهن کان اها خبر ٻڌائين پر آڌي رات جو سهڪندي اچي پهتو. هن زال کان موڪلايو، زمين مان هٿيار کوٽي ڪڍيا، گولين سان ٿيلهو ڀريو ۽ بنا ڪجهه ٻڌائڻ جي گهوڙي تي چڙهي روانو ٿي ويو. ماڻهن چيو؛ جي ڌاڙيلن سان دوبدو ٿيو ته جيئرو واپس نه ايندو.

ٻئي ڏينهن تي ڳوٺ جا ڪافي ماڻهو هوشيار پيرين کي ساڻ ڪري ڳولا ۾ نڪري پيا. واريءَ ۾ پير لِڪي ڪو نه، هو اوهاڙون ڏيندا، ڏهرن منجهان، ڀٽن مٿان، کوهن وٽان جانچيندا پيرا کڻندا ويا. انهيءَ وچ ۾ واچوڙا به لڳا هئا پر واريءَ تي پيرن جا نشان چٽا هئا.

لاڳيتو ست پهر هلڻ کان پوءِ، جڏهن پيرن پنڌ ڪرڻ ڇڏيو ته آرام ڪرڻ لاءِ ترسي پيا. جيئن تيئن ڪري رات گذري وئي. سج اڀرئي جو هڪڙي وڏي ڀٽ تي چڙهي هنن نهاريو، پريان وڻن جي گهاٽي جهڳٽي مٿان ڳجهون لامارا ڏيندي نظر آيون.

ڏکڻ جي هوا لڳي پئي، موسم سٺي هئي. اتي پهچي هنن اهو منظر ڏٺو جو اکين تي اعتبار نه اچي. سڀئي ڌاڙيل ڍير ٿيا پيا هئا! لاشن جا ڪجهه حصا جانور کائي ويا هئا، ڪجهه ماڪوڙيون پٽي ويون هيون ۽ ڪجهه جيت روڙي ويا هئا. نڪ تي ڪپڙو ڏيئي، ويجهو وڃي هنن ڏٺو، سڀني جا گلا صفائي سان ڪٽيل هئا! هڪڙو سسي وڍيل ڌڙ ننڍڙي دڙي تي پيو هو، ڪپڙن مان سڃاڻپ ٿي، ڌاڙيلن جي سردار اوڌي سنگهه جو لاش هو!

ٿورو اڳتي ويا ته زخمي حالت ۾ سنجر نم جي ٿڙ کي ٽيڪ لڳائي ويٺل نظر آيو. ڪپڙا رت سان ڀريل، اکين ڳاڙهيون، ايترو اوجاڳيل هو جو پاڻي پيئندي ننڊ اچي ويس!

اتي سرزمين تي ڇا ٿيو هو تنهن بابت هن ڪجهه نه ٻڌايو هو، سو ماڻهن پنهنجو اندازو لڳايو ته اوٽ موٽ ڊگهو سفر ڪري ڌاڙيل ٿڪي پيا هوندا. هن جاءِ تي پاڻ کي محفوظ سمجهي ساهي پٽڻ لاءِ ترسيا هوندا ته اک لڳي وئي هوندن. رات جو الائي ڪهڙي پهر سنجر اچي ڪاتي گڏائي ۽ هڪ هڪ ڪري سڀني کي خاموشي سان ڪهي ڇڏيو!

خبر ناهي واقعو ان طرح پيش آيو يا ٿورو ٻئي نموني پر ان کان پوءِ ڀاٽي ڌاڙيلن هن پاسي اچڻ ڇڏي ڏنو. زندگي واپس معمول تي اچي وئي. هن اهڙي کيپ کٽي هئي جنهن سان سندس عزت ۽ رعب وڌيو هو پر نڀاڳ جو پاڇو لٿو ڪو نه...“

”ڇا نڀاڳي ماڻهوءَ جا گناهه، ان جي پوين نسلن ڏي منتقل ٿيندا آهن؟“ صادق وچ ۾ ڳالهايو.

”جي مائٽن جون ملڪيتون، جائدادون ۽ نيڪ ناميون اولاد کي ورثي ۾ ملن ٿيون ته ظاهر آهي ڏوهه به ملندا هوندا!“ تپيدار يقين سان جواب ڏنو ۽ ڳالهه کي وري اتان کنيائين، جتي ڇڏيو هيائين.

”ماڻهو سنجر کي رستي تي ڏسي، پريان کان ئي پاسو مٽائي، ٻيو گس وٺي تڪڙو لنگهي ويندا هئا. هر ڪو ڪوشش ڪندو هو ته صبح جو سويري سندس منهن تي نه چڙهي. اڪثر ڳوٺاڻا هن سان تعلقات رکڻ نه چاهيندا هئا، جو هو سوچيندا هئا، هي ٿوري وقت جو مهمان آهي، جيڪي پرڪار اٿس ان حساب سان اڄ يا سڀاڻي جلد ئي ڪنهن گوليءَ جو کاڄ ٿيندو.

انهن اندازن کان بي خبر، هو هتي سڪون سان رهيو پيو هو. سندس دستور هو ته هر سال ڪجهه هفتن لاءِ اهو چئي گم ٿي ويندو هو ته نئون پراڻو ٿي اچان. ان باري ۾ ماڻهن جو اندازو هو ته هو ڪنهن پري جي شهر نڪري ويندو هو. اتي بينڪ لٽيندو هو ۽ واپس اچي ٻارهن مهينا ويهي آرام سان کائيندو هو.

هن ڊگهي ڄمار ماڻي، اولاد کي وڏو ٿيندي ڏٺو ۽ آخر ۾ هڪ رات زال جي ڀرسان ستي ننڊ ۾ گذاري ويو. چون ٿا؛ مرڻ کان پوءِ زمين جاءِ نه ڏئيس. ٽي دفعا قبر کوٽاڻي. پهرين دفعا پاڻي نڪري آيو، ٻئي دفعا ڪنهن پراڻي مردي جا دفن ٿيل هڏا ظاهر ٿي پيا ۽ ٽئين ڀيري قبر جي ڳُجهه ڊهي پئي! هر دفعي ماڻهو ’توبهن توبهن‘ ڪري هٽي ٿي ويا. مرڻ کان پوءِ به ڪير هن جو نالو کڻڻ لاءِ تيار نه هو. سياڻا چوندا هئا؛ سندس نالو زبان تي آڻڻ سان رزق ۾ برڪت ختم ٿيو وڃي!“

سڀ ٻڌندڙ ڳالهه ۾ وڃائجي ويا هئا، ڪجهه گهڙيون خاموشي ڇانئجي وئي.

پوءِ ڪريم ڳالهايو؛ ”اها حقيقت نٿي ٿي سگهي، مڙئي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن پنهنجي وهمن، وسوسن مان هڪ ڪهاڻي گهڙي آهي. اڳي به هنن جي خاندان ۾ شاديون ٿيون آهن، انهن گهوٽن کي ڪجهه نه ٿيو ته معنيٰ ڳالهه غلط آهي.“

”ڏاڏي جي اولاد ۾ هينئر سئو کان مٿي فرد هوندا، ٻه گهر هتي رهن ٿا، باقي اسان جي ڄمڻ کان اڳي ٻين ضلعن ڏي لڏي ٽڙي پکڙي ويا. انهن جو پاڻ ۾ تعلق ڪونهي رهيو، جي ڪنهن سان حادثو ٿئي ٿو تڏهن به اها خبر اسان وٽ نٿي پهچي.“ مبارڪ جواب ڏنو.

هن جي وضاحت پنهنجي جاءِ تي پر ڪنهن به سندس ڳالهه تي يقين ڪو نه ڪيو. هن جديد دور ۾ اهڙين ڏندڪٿائن تي اعتبار ڪرڻ مشڪل آهي. هونئن به غير جانبداريءَ سان ڏسجي ته ڪا ثابتي نه هئي، بس افواهه هئا، جيڪي هيترو عرصو گذرڻ کان پوءِ به سچا ڪونه نڪتا هئا.

سڀني انهيءَ ڳالهه کي مشڪري سمجهي، وساري ڇڏيو ۽ پي کائي سمهي رهيا.

ٻئي ڏينهن شام جو ڪافي ڳوٺاڻا ۽ دوست قاسم جي استقبال ڪرڻ لاءِ روڊ تي اچي بيٺا. گرمي گهڻي هئي، هو به ٻين مسافرن وانگر ڇڪڙي جي ڇت تي چڙهيو پئي آيو. هنن تي نظر پيس ته پريان کان ئي هٿ لوڏي کيڪار ڪيائين. گاڏي اچي بريڪ هنيو ته هڪڙي هٿ ۾ ننڍڙي بيگ کڻي، ٻئي هٿ سان ڇڪڙي جي چاڙهي جهلي لهڻ لڳو. اوچتو پير ٿڙي ويس، سنڀالڻ جي ڪوشش ڪيائين پر مٿان کان اچي هيٺ ڪريو. اوچائي گهڻي ڪا نه هئي مگر زمين پڪي هئي، ڌڪ ڏکيو لڳو هو، بيهوش ٿي ويو. مائٽ کيس هڪدم کڻائي، اسپتال ڏي ڀڳا.

”ڪرنگهي جي هڏي چچرجي پئي آهي، مريض جو آپريشن ڪراچيءَ ٿيندو!“ لوڪل ڊاڪٽرن فرسٽ ايڊ ڏيڻ کان پوءِ چيو.

پويان شادي سڄي درهم برهم ٿي وئي. ڪنواريتن، نياڻيءَ کي ونواهه مان اٿاري ڇڏيو. جيڪي ماڻهو ڪم ڪار لاءِ آيا هئا، سي ويا هليا. ڊيڪوريشن وارا تنبو پٽي، سامان کڻي واپس روانا ٿي ويا.

قاسم جي علاج تي مائٽن پيسو پاڻيءَ وانگر وهايو، جڏهن هتي فائدو نه ٿيو ته ٻاهرين ملڪ وٺي ويا. اتي به الائي ڪيتريون ٽيسٽون ٿيون، دوائون هليون ۽ آپريشن ٿيا. جيتوڻيڪ هو بچي ويو آهي، هلي گهمي به ٿو پر ڊاڪٽر چون ٿا؛ سڄي زندگي گهوٽ بنجي نه سگهندو! ڪنهن ائين سوچيو به نه هو ته هڪ برباد ٿيل ڄڃ جو پاراتو نسلن کان پيڇو ڪري هيستائين اچي پهچندو!

 

(حسين ڪپريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۰۱ جنوري ۲۰۲۳ع تي رکيل)

No comments:

Post a Comment