Monday, January 1, 2024

بي گوندرو پيءُ - حسين ڪپري

بي گوندرو پيءُ!

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



هيءُ خط الائي توهان کي پهچندو يا نه، پر آئون مهينو کن جيل ڪاٽي واپس گهر پهچي ويو آهيان. توهان خفيه نموني ٻي شادي جنهن ”الهڙ ناريءَ“ سان ڪئي ۽ جنهن کي پنهنجي تحريرن ۾ ”ڪوهه قاف جي ڪنواري اپسرا“ لکندا هئا، تنهنجي سابقه مڙس، توهان خلاف نڪاح مٿان، ڪوڙو نڪاح ڪرڻ ۽ اغوا جي الزامن هيٺ، ڪيس داخل ڪرايو آهي. پوليس گهر تي ڇاپو هنيو. توهان کي ته خير اڳواٽ سڻس هئي، سو ڪراچي نڪري ويا، عيوضي ۾ پوليس مون کي گرفتار ڪري ورتو. تحريري ثبوت طور، پوليس اهي سڀ عشقيه خط پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي، جيڪي توهان کائي پي، ٽُن ٿي مختلف خواتين ڏي، ”ادي کي خبر نڪا چار، ادو عشق ۾ انڌو“ واري اصول تحت لکيا هئا!


ننڍو ادا ڊپ ۾ الائي ڪيڏانهن فرار ٿي ويو آهي. امان کي بيهوشيءَ جا دورا ته ڪو نه ٿا پون پر کيس ماني کائڻ وسري وئي آهي. عشق ۾ ريلون جيلون ٿينديون رهنديون آهن پر جڏهن هي معاملو ”کٽيو کائي فقير، لٺيون جهلي ڀولڙو“ واري شڪل اختيار ڪري ويو آهي ته خاموشي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو اٿم.

سڄي عمر توهان کان ڊڄندو رهيس، ڪجهه چئي نه سگهيس پر هاڻي جيل کان ٿي موٽيو آهيان ته خوف لهي ويو آهي. تنهنڪري اڄ بنا ڊپ ڊاءَ جي هي سڀ لکي رهيو آهيان.

اڄڪلهه ماحول اهڙو ٺهي ويو آهي جو پريمي جوڙن جون تصويرون شايع ٿينديون آهن ته ماڻهو انهن تي ”چشم بد دور“ يا ”جوڙي جو خير“ جهڙا ريمارڪ ڏيندا آهن پر توهان پنهنجي نئين ڪنوار سان گڏ جيڪا تصوير فيس بڪ تي لڳائي، ان تي ڪنهن ڪمينٽس ۾ لکيو، ”شڪل مان ته ٻئي ڀاءُ ڀيڻ لڳن ٿا!“

توهان جي نئين شادي، لطيفو ان ڪري بنجي وئي آهي جو عشق جي ڀلي عمر نه هجي مگر شاديءَ جي عمر ٿيندي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ ان جي ڪا حد مقرر ٿيل ناهي. ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته ڪي ماڻهو ويچارا تنجڻن ۾ لائون لهن ٿا ۽ ڪي توهان وانگر رٽائرمنٽ کان پوءِ گهوٽ ٿين ٿا.

ٻي شاديءَ جي باري ۾ توهان پنهنجي هڪڙي ڪالم ۾ لکيو هو ته اسين ننڍي سفر تي نڪرون ٿا تڏهن به گاڏيءَ ۾ اسپيئر ٽائر کڻڻ ضروري سمجهندا آهيون. زندگي ته هڪ ڊگهو سفر آهي، انهي ۾ ٻي شادي وارو آپشن ضرور هئڻ گهرجي. جيڪو شخص صرف هڪڙي شادي ڪري ٿو، ان تي زال جي اجارهه داري قائم ٿيو وڃي. جيئن گراڪن لاءِ هڪ هٽي نقصان ڪار آهي، تيئن مڙس لاءِ به هڪ شادي خراب آهي. جتي ڪامپيٽيشن وارو ماحول آهي، اتي گهريلو سهوليتن ۽ ازدواجي رعايتن ۾ زبردست فائدو ملي ٿو.“

توهان ته خير بازار جي اصول موجب ڳالهايو ٿا ۽ چئو ٿا؛ ”جيءُ خوش ته جهان خوش.“ جهان مگر وڏو آهي. ان ۾ جيترا عاشق ٿا رهن ان کان وڌيڪ ٻيا انسان آهن، جن جي ڪري سماج هلي پيو. عشق ڀلي انڌو هجي پر ماڻهن کي اکيون آهن، اهي سڀ ڏسن ٿا ۽ چون ٿا؛ اڇي ڏاڙهي اٽو خراب، جيڪو ڪم پٽ کي ڪرڻو هو سو پيءُ ڪري ڇڏيو!

توهان چئو ٿا ٻي شاديءَ سان مرد جي عزت وڌي ٿي. مگر اهي شخص جيڪي ڌڪ کائي سياڻا ٿيا آهن تن جو خيال آهي ته ٻي شاديءَ ذريعي عزت حاصل ڪرڻ جي تمنا ائين آهي جيئن سپليمنٽري امتحان ۾ پوزيشن کڻڻ جو خواب ڏسڻ!

برابر ڪي ٿوريون شاديون ڪامياب به ٿينديون آهن ۽ اهي مڙس بظاهر خوش نظر ايندا آهن. هو جتي ٻي زال سان روح رهاڻيون ڪندا آهن، اتي پهرين زال سان به ڳالهائين ٿا. پر اهو ڳالهائڻ صرف انساني همدرديءَ جي بنياد تي هوندو آهي. ماڻهن ليکي ٻنهي سان انصاف پيو ٿئي. انصاف ته ڪورٽن ۾ ٿيندو آهي، ازدواجي معاملن ۾ ٿئي ها ته مرد ايتريون شاديون ڪيئن ڪن ها!

ڪجهه به هجي، توهان جي انهيءَ ايڊونچر عرف عشق واري شاديءَ جي ڪري ان خاتون جا ٽي ٻچڙا ۽ ڇهه توهان جا، ٽوٽل ملائي نو معصوم گلن جهڙا ٻارڙا رلي ويا آهن. اسان کي ته توهان اڳي ئي ذري گهٽ رولي ڇڏيو هو. جڏهن به خرچي گهريسين، توهان چيو؛ ”مان پٽن کي ائين هٿ اچي ويو آهيان، جيئن پوليس کي جوابدار جانچ ۾ هٿ اچي ويندو آهي!“ پوءِ وري مهڻا ڏيندا هئا ته ڇورا هڏ حرام آهن، پنهنجو ڇو نٿا ڪمائي کائين. سو هاڻي ڇُوٽڪ مزوري ڪري، ڪجهه پيسا ڪمائي، ماني کائي توهان کي دعائون پيو ڪريان.

جيتوڻيڪ ايم اي انگلش پاس آهيان پر ڪٿي نوڪري ڪا نه ٿي ملي ڇو ته انگريزي ڪو نه اچي. سبجڪيٽ ته توهان کي به پنهنجو ڪو نه ٿو اچي پر توهان چالاڪ هئا. امان جا زيور وڪڻي، پيسا خرچ ڪري، رشوت ڏيئي نوڪري وٺي ويا. مگر مون کي اهڙي سهوليت آهي ئي ڪو نه. ڇو ته ڀرئي ترئي گهر ۾ توهان لولي لوڻ ڪو نه ڇڏيو.

برابر اهڙا ڪيترا ئي موقعا آيا جو سڃاين ڪري اسان جو ايمان به لوڏن ۾ اچي ويو پر تڏهن به پاڻ اڄ ڏينهن تائين گهران ڪا به چوري ڪو نه ڪئي. بس اهي سگريٽ حلال آهن جيڪي توهان دوستن کان کڻي ايندا هئا. ٻين خراب عادتن وانگر اها سگريٽ ڇڪڻ واري عادت به توهان وڌي، جڏهن ماچيس جي تيلي بچائڻ خاطر چوندا هئا؛ ”پٽ هي سگريٽ چلهه مان دکائي اچ!“

سڀ چون ٿا؛ توهان وڏا ڪاريگر ماڻهو آهيو. ادب جي نالي ۾ ڪتاب شايع ڪرايا، منتون ميڙون ڪري ايوارڊ حاصل ڪيا ۽ پيسا به ڪمايا. ان کان سواءِ اين جي اوز جي خرچن تي مفت ۾ ملڪ گهميا، سفرنامن جا احوال لکيا ۽ تصويرون به ڏنيون. سچ لکڻ جي نالي ۾ توهان پاڻ تان اهڙي ته اڳڙي کنئي جو اسين هاڻي ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙا به نه رهياسين. ڀلا سمنڊ جي ڪناري چڍي پائي هيترا سارا فوٽو ڪڍائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. هرڪو نياڻي سياڻي وارو آهي، توهان جي ان حرڪت جي، اخلاق جي دائري ۾ ڪا معقول وضاحت نٿي ڪري سگهجي. هن عمر ۾ اوهان کي اهڙيون حرڪتون زيب نٿيون ڏين.

هونئن به جيترا پيسا توهان جواني موٽائڻ لاءِ حڪيمن جي دوائن، ڪشتن، ڪکن ۽ معجونن تي خرچ ڪريو ٿا، انهيءَ جي اڌ جيترو اسان تي خرچ ڪريو ها ته اڄ مچي مڙس ٿيون ها ۽ توھان کي ڪمائي کارايون ها. توهان جھڙي رول ماڻهوءَ، دنيا ڏٺي آهي پر خبر ناهي ڇو توهان کي اهو عقل نه آيو ته پنهنجي اولاد تي توجه نه ڏيڻ بدنصيبي آهي. دشمن چون ٿا، توهان کي ڏاڏا سائين جون پٽون آهن جنهن جا حج لاءِ رکيل پيسا کڻي توهان پنهنجو فلمن وارو شوق پورو ڪرڻ لاءِ لاهور فرار ٿي ويا هئا.

ان ڏينهن قرباني واريءَ عيد تي جڏهن توهان سڀني گهر ڀاتين اڳيان منهنجي شڪايت ڪئي ته موڀي پٽ منهنجي نئين هيئر اسٽائيل ۽ ڪپڙن جي تعريف نٿو ڪري ته آئون ڪجهه به نه ڪڇيس. سچي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ ۾ منهنجو ڪو ڏوهه ڪو نه هو. توهان کي انهيءَ عجيب حلئي ۾ ڏسي، ائين لڳو ڄڻ ته ڪا خاتون دارالامان مان آئي هجي!

جيئن ته امان اسان جي تربيت اهڙي نموني ڪئي آهي ته جي سٺي ڳالهه نٿا ڪري سگهو ته بهتر آهي خاموش رهو، تنهنڪري مون انهيءَ تي ڪا راءِ ڪو نه ڏني. اهڙين حرڪتن جي باوجود اسان اوهان جي عزت ڪرڻ ۽ اوهان سان پيار ڪرڻ نه ڇڏيو، ”جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن.“ اسان هميشهه توهان سان چڱائيءَ سان هلڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهيءَ جو بدلو ناڪاري ۽ تخريبي نموني مليو.

توهان پاڻ کي دانشور سڏايو ٿا ۽ انڊيا جي فلمن جا ڊائلاگ، اسان کي هڻو ٿا. اها عادت توهان کي لکڻ جي ڪري پئي. اردو ڪتابن جا ٽڪرا اهڙي ته ڪاريگريءَ سان سنڌيءَ ۾ تحرير ڪندا آهيو ڄڻ ته توهان جا پنهنجا خيال هجن. سو توهان جي انهيءَ لکڻ پڙهڻ واري شوق کي نظر ۾ رکندي، ادا ۽ مون ناناڻن مان مليل پنهنجي خرچيءَ مان پيسا گڏ ڪري، توهان کي سالگرهه جي موقعي تي مشهور ڪتاب ”پڙهتا جا، شرماتا جا“ جو تحفو پيش ڪيو. توهان صفا ڪاوڙجي باهه ٿي ويا. سو جي مار جي ڊپ کان گهران کسڪي وياسين ۽ سڄي رات فٽ پاٿ تي ستا پيا هئاسين.

توهان جي در در پيتل مفت جي شراب، اسان جي رڳن ۾ به ڊوڙي پئي، ڊپ آهي ته متان عادتون به توهان جهڙيون نه ٿي وڃن. ان کان اڳي جو ننڍي وڏيءَ ۽ نياڻي سياڻيءَ جي عزت ڪرڻ ڇڏي ڏيون، بهتر آهي ته اوهان مان هٿ ڪڍون. هتي آئون ”ڪني آڱر، وڍي چڱي“ يا ”هڪڙي گندي مڇي، سڄو تلاءُ گندو ڪري“ وارا مثال ڪو نه ڏيندس، ڇاڪاڻ ته توهان جنهن بي رحميءَ، ڪٺورتا ۽ ظالمانه طريقي سان اسان کي اڪيلو ڪري ڇڏي ويا، تنھن لاءِ ته لفظ ئي نٿا لڀن. اسان جي ان درد جو ڪاٿو گهٽ ۾ گهٽ اوهان جهڙو بي گوندرو پيءُ ته هرگز نٿو لڳائي سگهي.

بي عيب ته رڳو ملائڪ هوندا آهن. باقي انسانن ۾ جتي ڪجهه خاميون هونديون آهن، اتي خوبيون به هونديون آهن. مگر اسان لاءِ ڏک جي ڳالهه اها آهي ته توهان نه محبت ڪندڙ پيءُ، نه سٺا رائٽر ۽ نه ئي ڪارپت وارا انسان ٿي سگهيا. توهان زندگيءَ جي ليکي چوکي ۽ حساب ڪتاب ۾ ايڏا ڪُپتيا ماڻهو رهيا آهيو جو نه ڪير اسان تي اعتبار ٿو ڪري ۽ نه ڪو دڪاندار اڌار تي سيڌو ٿو ڏي. جي گهر ۾ ڪجهه آهي ته چاڙهي کايون، ناهي ته ٺلهو پاڻي پي سمهيو رهون. سمهيو ته رهون پر ننڊ ڪٿي! بک بڇڙو ٽول آهي، دانا ديوانا ڪري. پر شڪر آهي جو اسين اڃا به سرت قائم رکيو اچون. گهر ڦٽي ويو، باقي سڀ خير لڳو پيو آهي.

فقط توهان جو نورچشم

 

(حسين ڪپريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۰۳ اپريل ۲۰۲۳ع تي رکيل)

No comments:

Post a Comment