Tuesday, January 30, 2024

ڊسٽوپيا کان يوٽوپيا ڏانهن سفر - منظور ڪوھيار

ڊسٽوپيا کان يوٽوپيا ڏانهن سفر

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



ڪکو خان جي هٿن ۾ ڪتاب:

 Utopia/Dystopia -conditions of historical possibility

ڏٺم ته ڪتاب بابت پڇيومانس۔

ٻڌايائين ته: ”هن ڪتاب ۾ يوٽوپيا ۽ ڊسٽوپيا جي حوالي سان دنيا جي مختلف دانشورن جا مضمون ترتيب ڏنل آھن۔ جيڪي پڙھي پورا ڪيا اٿم۔“



گذارش ڪئيمانس؛ ”ڪو کڙ تيل ڪڍيو اٿئي، ته مون کي به ٻڌاء، اڄ ڪلھ جي نقادن/ دانشورن ته يوٽوپيا ۽ ڊسٽوپيا جا اصطلاح ورجائيندي اسان جو مٿو ڪچو ڪري ڇڏيو آھي۔“

وراڻيائين؛ ”هن ڪتاب جي مضمون نگارن سان مون کي اختلاف آھي ته انهن پنهنجي سماجي پس منظر تحت نتيجا ڪڍيا آھن۔“

”ٿوري وضاحت ٿي وڃي؟“

”هو ڄاڻائين ٿا ته سڀ انساني سماجَ، يوٽوپيا کان ڊسٽوپيا طرف وڃي رهيا آھن۔ پر ائين ناهي!“

”ته ڀلاڪيئن آھي؟“پڇيومانس۔

”وڏو مثال اسان جو سماج آھي۔ جنهن جو سفر ڊسٽوپيا کان يوٽوپيا طرف آھي۔“

”اهو ابتو سفر وري ڪيئن؟!“ حيرانگي ٿي۔

”سمجھڻ جي ڪر پيارا، ڊسٽوپيا جو مطلب آهي ته جڏهن انساني سماج جي چؤطرف تباهي ڦري وڃي!“

ٻڌايومانس؛ ”ايتري ته مون کي به خبر آهي؟“

”اسان وٽ اخلاق جي، قانون جي، انصاف جي، ايمانداريءَ جي، ماڻھپي جي، تعليم جي، ميرٽ وغيره جي تباهي ٿي چڪي آھي يا نه؟“ وضاحت ڪندي سوال اٿاريائين.

”سؤ سيڪڙو متفق!“ وراڻيم۔

”هاڻ پنهنجي سماج جو هڪ مثالي معاشري يعني يوٽوپيا طرف سفر تيزي سان جاري آھي!“

”ڇا ڪو وڏو انقلاب اچڻ وارو آھي؟“

”نه، نه!“ ڪکو خان نهڪر ۾ ڪنڌ لوڏيندي وراڻيو۔

”ته پوءِ مثالي معاشرو ڪيئن ٺھندو؟“ پڇيومانس۔

ڪکو خان گهرو ساه کڻي ٻڌائڻ لڳو؛ ”ازخود اهڙو انساني معاشرو ٺھندو، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڦڏو فساد نه هوندو۔ هر ڏسا شانتي ۽ سک چين هوندو۔ نه حسد هوندو، نه ساڙ۔ نه ريس، نه هوس۔ نه رنج نه رسامو، نه خواهش، نه ضرورت۔ نه سوچ، نه لوچ!!“

”اهڙو وقت ڪڏهن ايندو؟“ جستجو سان گڏ بي چيني وڌي وئي۔

ڪکو خان مرڪندي وراڻيو؛ ”جڏهن اسان جو پورو سماج سوچ جي حوالي سان هڪ وڏي قبرستان ۾ تبديل ٿيندو؛ ۽ پوءِ هرڪو پنهنجي پنهنجي قبر ۾ پرسڪون نموني سان آرامي هوندو!!“

ڪکو خان اهڙي ڳالھ ٻڌائي ڇڏي، جيڪا منهنجي سمجھ کان ته مٿي آھي۔ توهان کي جي ڊسٽوپيا ۽ يوٽوپيا جو فرق سمجھ ۾ آيو آھي ته ضرور ٻڌائجو۔۔۔؟

 

(منظور ڪوھيار جي فيسبڪ پوسٽ ۳۰ جنوري ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment