Monday, January 29, 2024

تنهن عشق کي شاباس - حسين ڪپري

تنهن عشق کي شاباس

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



”توکان هڪڙي ڳالهه پڇان؟“ مس پرهه سنجيدگيءَ سان چيو.

هوءَ آفيس ۾ ڪم ڪندي هئي، ڪتاب جام پڙهندي هئي ۽ اڪائونٽس آفيسر غفور صاحب هن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هو.

هوءَ سڀني سان ائين ڪونه ڳالهائيندي هئي پر هن سان وڌيڪ فري هئي. کيس سادو ماڻهو سمجهندي هئي، جيڪو وات ۾ ايندو هوس، چئي ڏيندي هئي. انهيءَ جي باوجود به هوءَ پنهنجي روين ۾ هڪ فاصلو رکندي هئي.


 هو پريشان ٿي ويو. خبر ناهي ته ڇا پڇي وجهي. اهڙا غير متوقع سوال ٻين شريف ماڻهن وانگر هن کي به هميشهه امتحان ۾ وجهي ڇڏيندا هئا.

ٿي سگهي ٿو هوءَ صحيح عمر پڇي، پگهار پڇي يا ممڪن آهي ته رشوت جي ڪمائي پڇي وجهي. ان کان علاوهه اهو به پڇي سگهي ٿي ته ڪيترا عشق ڪيا، دل ۾ ڇا آهي، جيڪي شيون سوچڻ گناهه آهن اهي ته ڪو نه ٿيون ڦرن دماغ ۾. ذهن ۾ ڪي باغي خيال ته ڪو نه ٿا اچن!

اهڙا ناول ۽ فلمون آهن جن ۾ ”خيال پوليس“ هوندي آهي، جيڪا ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏوهه ڪرڻ جي ڪري نه پر صرف ڏوهه بابت سوچڻ جي بنياد تي گرفتار ڪري، عذاب آڪيڙا ڏيئي، ڪوڙيون سچيون ڪرائي، خودڪشي ڪرائي سگهي ٿي. دنيا جو هر مهذب قانون، پرائيويسيءَ جي حق کي تسليم ڪري ٿو ۽ اهڙا پريشان ڪندڙ سوال پڇڻ کان منع ڪري ٿو. پر الائي ساهه مٺا سپرين، اها ڳالهه ڇو نٿا سمجهن.

اهي شيون سوچي هن چيو؛ ”مس پرهه، سچ توکي وڻندو ڪو نه ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي پاڻ کي عادت ڪونهي، تنهنڪري تون پنهنجو سوال واپس وٺ.“

هوءَ کلي پئي، سندس چهري تي شرارت جا رنگ پکڙجي ويا.

”دڪاندار فروخت ڪيل مال واپس نٿو وٺي، آئون پڇيل سوال ڪيئن واپس وٺان؟“

کيس سمجهه ۾ نه اچي ته ڪهڙو جواب ڏي. هو وچولي عقل جو شخص هو، ڌڪا ٿاٻا کائي قسطن ۾ پڙهيو هو. سفارش تي نوڪري ورتي هئس. نوڪريءَ ۾ به آفيس جو ڪم گهٽ، پرهه جي حاضري وڌيڪ ڀريندو هو. اڪثر واندڪائيءَ ۾ ڪو نه ڪو بهانو ڪري، فائل کڻي سندس روم ۾ هليو ويندو هو. هن کي ڪم نه هوندو هو ته ڪچهري ڪندي هئي ۽ جي ٽائپنگ ۾ بزي هوندي هئي ته کيس ڍءُ ڪري ڏسندو هو. هن سان ملي جڏهن واپس ايندو هو ته ٻين سان ملڻ تي دل ڪو نه چوندي هئس.

اصل ۾ هو ان ڏينهن ئي ڇوڪريءَ کان متاثر ٿي ويو هو جنهن ڏينهن جاب لاءِ آئي. انٽرويو شروع ٿيو ته ڪجهه گهڙين کان پوءِ چونڊ ڪاميٽيءَ جي ميمبرن کي سمجهه ۾ نه اچي ته هن کان ڪٿان کان سوال پڇن. ايتري وسيع مطالعي وارا نوجوان هنن گهٽ ڏٺا هئا!

پرهه جي غير متوقع سوال بابت هن جا وهم اجايا هئا. ڇو ته ڪجهه دير ڳالهين کان پوءِ سندس چشم بند تي اهو راز کليو ته هن ائين ئي تجسس وچان ڪا عام ڳالهه ٿي پڇي، هيءُ هرو ڀرو وهلور ٿي ويو.

هوءَ هڪ سوچيندڙ ذهن جي خاتون هئي. اهڙي طبيعت وارن ماڻهن جي باري ۾ هن جام پڙهيو هو. يونان ۾ سوچيندڙ ذهن جا ماڻهو رهندا هئا، جيڪي پنهنجا ڪن، اکيون ۽ دماغ کليل رکندا هئا. چوڌاري ڇا پيو ٿئي تنهن کي خاموش تماشائيءَ وانگر ڏسڻ بدران عقل ۽ مشاهدي سان انهن جو جائزو وٺي پوءِ سوال ڪندا هئا ته سج اوڀر مان ڇو ٿو اڀري، زمين جي ماپ ڪيتري آهي يا مرڻ کان پوءِ انسان ڪيڏانهن هليو وڃي ٿو؟

اسان وٽ به سوچيندڙ ذهن واريون مايون جام آهن جيڪي پڻ اهڙا پرمغز سوال اٿارينديون رهنديون آهن ته اڄ ڪڪڙ آنو ڇو نه لاٿو، رات مڙس دير سان گهر ڇو آيو ۽ ڪالهه سس ايڏي خوش ڇو پئي نظر آئي!

مگر مس پرهه سڀني کان مختلف هئي. هن جي سوالن ۾ معصوميت ۽ ويجهڙاين ۾ دوريون هيون.

پوءِ اڳتي به اهڙا موقعا آيا جڏهن هن شروع واري ڳالهه ڪئي ته غفور پڇاڙي واري ڳالهه سمجهي. هن گهر جي سامان جو ذڪر ٿي ڪيو ته هن هستيءَ جي سامان جو پئي سوچيو. هن اتفاقي ڳالهه پئي ڪئي، هن خاص ڳالهه سمجهي!

هو اڪائونٽس جو ماڻهو هو. عشق جو تجربو نه هئس پر اها خبر هئس ته ماڻهو هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم بنجڻ کان پهرين، اتفاقي ملندا آهن ۽ اتفاقي قسم جون ڳالهيون ڪندا آهن. شروعات ۾ اوهان ڪري ڳالهائيندا، پوءِ توهان چوندا ۽ آخر ۾ تون تي لهي ايندا آهن. ظاهر آهي ته حجاب ٽٽڻ ۾ وقت لڳي ٿو. مايون پڪل ميوي وانگر سڌو اچي جهوليءَ ۾ ڪو نه ٿيون ڪرن. ائين ته رڳو فلمن ۽ ڪهاڻين ۾ ٿيندو آهي.

عام زندگيءَ ۾ ڪنهن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ زور لڳائڻا، جفاڪشيون ڪرڻيون ۽ خرچ کارائڻا پوندا آهن. خرچ ڪرڻ جي ڪوشش هن ڪئي پر اتي به مسئلو ٿي ويو. جڏهن به چانهه گهرائيندو هو ته هوءَ بسڪوٽن جو ڏٻو پرس مان ڪڍي ٽيبل تي رکي ڇڏيندي هئي. حساب برابر ٿي ويندو هو.

هن چاهيو ٿي هوءَ اڃا نزديڪ اچي، ايترو نزديڪ اچي وڃي جو پوئتي هٽي نه سگهي. معاملو ان جاءِ تي پهچي وڃي جتي ڇوڪريون ”نا“ چئي نه سگهنديون آهن.

هر وقت اها سوچ دماغ ۾ رهڻ لڳس. هڪ ڏينهن شام جي پهر، لان ۾ ويٺا هئا. ماحول کي رومانٽڪ بنائڻ لاءِ هن موبائل تي سانگ لڳايو.

”رنگ چولي اوهان جي تي جيڪي چٽيل تيئن حياتي اسان جي تي ڀرت ڀريو...“

ڪنهن ڪو نه ڳالهايو، سڄو گيت هلي پورو ٿيو.

”جي شاعر جي پنهنجي قميص جا بٽڻ اڊڙيل هوندا ته پرائي حياتيءَ ۾ ڪهڙا ڀرت ڀريندو؟“ پرهه شوخيءَ سان نهاريندي چيو.

سندس اکين ۾ جيترو انتر منتر جادو جنتر هو، اوترو ڳالهين ۾ وڄ وراڪا به هئا. سونهن ۽ دماغ جو اهڙو ميلاپ ورلي نظر ايندو آهي.

هن سوچيو؛ شاعر ته هتي آهي ڪو نه، هي الائي ڪنهن جي قميص جي بٽڻن جي ڳالهه ٿي ڪري!

انهن ڏينهن ۾ کيس ڪنهن مهل اهو احساس به ٿيندو هو ته هوءَ حقيقت ۾ اهڙي ڪو نه هئي. پر خفتين چيو؛ جيڪا مائي آفيس ۾ مردن سان ڪم ڪري، تنهن سان عشق ضرور ڪرڻ گهرجي. ڪجهه هن پاڻ کي شوق شديد هئا، ڪجهه حالتون اهڙيون هيون ۽ مٿان لوڪ تماشا گر هو. سڀني کي اچي رونشو لڳو. ڪن پٻيون ڏنيون، ڪن ٽيڪرون ڏنيون ۽ ڪن بڇون ڪيون، سو نيٺ هن پنهنجي عشق جي اظهار جو فيصلو ڪيو!

پهرين ته ڳالهه کي اڻسڌي نموني شاعراڻي انداز ۾ رکيائين.

”رات چوڏينهن جي چنڊ ڇا ٿي چيو؟“

”مون کي خبر ڪانهي. جي چيو به هوندائين ته مون ڪو نه ٻڌو. آئون ته اٺين بجي ننڊ جي گوري کائي سمهي رهي هئس.“ هن لاپرواهيءَ سان جواب ڏنو.

اهو جواب چٽو هو پر هن سوچيو شايد مطلب سمجهي نه سگهي آهي. لنچ جو وقفو هو. آس پاس ڪير ڪو نه هو. سو هن همت ڪري سڄي ڳالهه سڌي نموني چئي ڇڏي. ڪجهه گهڙيون اهڙي ماٺ ڇانئجي وئي جو کيس پنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ ٻڌڻ ۾ پئي آئي.

”اها خبر ناهي ته ڪي ماڻهو هڪ ٻئي کي نٿا ملن ته هيڏي ڪائنات ۾ ڇا ٿا ڪن پر اهو معلوم آهي جڏهن ملن ٿا ته شادي ڪن ٿا. مگر مسئلو اهو آهي ته پسند جي شاديءَ ۾ هڪڙا ڪورٽن جا چڪر آهن، ٻيا دشمنيءَ جا چڪر آهن ۽ ٽيان قسمت جا چڪر آهن. ماڻهو ڪڏهن به نه ملي پر صرف خط ڪتابت سان دوست ٿي سگهي ٿو ۽ گڏ ويهي چانهه پيئڻ سان به نٿو ٿي سگهي.“ هن خالي ڪوپ ٽيبل تي رکندي چيو.

سندس گفتگوءَ ۾ اقرار هو نه انڪار، معاملو ڪٿي وچ تي اٽڪيل هو. اين جي او جي ٻوليءَ ۾ انهيءَ کي ”گري ايريا“ يا غير واضح صورتحال سڏبو آهي. اها اهڙي ڪيفيت آهي جا رات ۽ ڏينهن جي وچ واري وقت جيان ڌنڌلي هوندي آهي. اڳي ماڻهو سمجهندا هئا ته هڪڙي پاسي دوستي ۽ ٻئي پاسي دشمني آهي. هاڻي نظريو اهو آهي ته انهن ٻنهي جي وچ ۾ ٽين صورتحال به ٿي سگهي ٿي، جنهن کي واقفڪاري چئبو آهي. ان سوچ جي ذريعي ماڻهو تڪرارن کي پر امن نموني نبيري خوشگوار تعلقات قائم ڪن ٿا. انهيءَ حساب سان محبت هئڻ ۽ نه هئڻ جي وچ ۾ دفتري تعلقات به ٿي سگهن ٿا. هنن جا دفتري تعلقات اهڙا رهيا جو ڳالهه ڪنهن قول اقرار ۽ واعدي وچن تائين پهچي نه سگهي.

هوءَ پروجيڪٽ پورو ڪري هلي وئي. اين جي اوز جو ڪلچر ئي اهڙو آهي جو نه ڪم پورا ٿيندا آهن ۽ نه عشق پورا ٿيندا آهن!

هوءَ وئي هلي ته جيءَ کي جهوري وئي. هن جي دل، نوڪريءَ کان کڄي وئي. ماڻهو ڪنهن جي خيال کي اوڍي ويهي رهي ته پوءِ ائين ئي ٿئي ٿو. عشق جي تباهي توهان ٻڌي هوندي پر هڪ طرفي پيار جو ٻيو نالو درد آهي. اهو اهڙو ته ڪنو آهي جو حال کان بيحال ڪريو ڇڏي.

بيگانگيءَ جي حالت ۾ جڏهن به هو پاڻ کي ڳولڻ نڪرندو هو، سڌو وڃي سندس گهٽيءَ ۾ پهچندو هو ۽ پوءِ اتي ئي ويهي رهندو هو. هن سوچيو: ’ڀلي ته اڻڀا وار، وڌيل ڏاڙهي، ميرا ڪپڙا ڏسي ۽ مائيءَ کي خبر پوي؛ مڙس اجڙي ويو آهي هن جي عشق ۾!‘

هن کي ته الائي خبر پئي يا نه پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پاڙيوارن هڪ ٻئي کي چوڻ شروع ڪيو؛ ”هيءُ الائي ڪهڙي هستي آهن؟ جو لڪا ڀڻن لوڪ ۾!“

ڪن چيو؛ ’درويش آهي‘ ته ڪن چيو؛ ’پهتل بزرگ!‘

هڪ ڏينهن چوڪيدار اچي صدا هنئي؛ ”سائين عدل گڦور (عبدالغفور) شاهه دعا ڪريو ته پٽ کي نوڪري ملي!“

اتفاق اهڙو ٿيو جو ڇوڪري کي راندين جي ڪوٽا تي نوڪري ملي وئي!

پوءِ ته اهو ”معجزو“ جام مشهور ٿي ويو. ماڻهن جي رويي ۾ احترام اچي ويو.

ڪير پڇندو هو؛ ”سائين مينهن ڪڏهن وسندو؟“، ڪير پڇندو هو؛ ”قبلا! مون واري ڍڳي کي گابي ٿيندي يا گابو؟“ ۽ ڪير چوندو هو؛ ”هلي اسان جي مزماني کائو!“

سائين عشق جي چوٽ کايو ويٺو هو، ڪيڏانهن ڪو نه ويو، اتي ئي ويٺو رهيو. ماڻهن جي اچ وڃ جاري رهي. هڪ ڏينهن هڪڙو چالاڪ قسم جو شخص سائو وڳو ۽ ڪاري لوئي وٺي آيو، جنهن کي اوڍي سائين ڏاڍو مقدس نظر اچڻ لڳو! پوءِ هو پاڻهي پاڻ سندس خليفو ٿي ويو ۽ ”مرشد“ جون ڪرامتون بيان ڪري مريد ٺاهڻ لڳو. آهستي آهستي عقيدت مندن جو حلقو وڌڻ شروع ٿي ويو.

انهيءَ وچ ۾ ضمني چونڊون به ڀرجي آيون. ان کان اڳي جو سائين پنهنجو نالو ووٽر لسٽ ۾ داخل ڪرائي، مخالف ڌر جو اميدوار اليڪشن لاءِ روحاني مدد وٺڻ آيو ۽ وڃڻ مهل گاڏي ڇڏي ويو.

گاڏيءَ ۾ چڙهي، سائيڊ شيشو لاهي، ٺونٺ ٻاهر ڪڍي هو سوچي پيو ته هي دل لڳي جو سفر ڪيئن رهيو؟

اڳي نوڪري ۾ هو ته باس جي ”جي حضوري“ ڪرڻي پوندي هئي، هاڻي سوين ماڻهو هن جي پيرين پون ٿا. اڳي هڪڙي مائيءَ کي ماڻڻ لاءِ پريشان هو، اڄ ڪيتريون ئي مريدياڻيون اک جي اشاري جون منتظر آهن. اڳي پگهار مان پورت نه ٿيندي هئي، هاڻي پيسي جي پرواهه ناهي!

شاباس هجي انهيءَ عشق کي جنهن جي ڪري سائو ٿي ويو هو. هيءَ مٽي ڪيڏي نه زرخيز آهي جو ڪانڊيري کي درخت بنايو ڇڏي. اڄ به جڏهن هتي پوليس وارا شاعر ٿيو وڃن، اين جي اوز وارا دانشور ٿيو وڃن ته غفور جهڙا اڌ چريا عاشق، ڪاني ڪرامي وارا پهتل مرشد ڇو نٿا ٿي سگهن!

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۱۰ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment