Thursday, January 11, 2024

بي جوڙ شادي - حسين ڪپري

بي جوڙ شادي!

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



زال مڙس هڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا هوندا آهن. پر تصور ڪريو انهيءَ گاڏيءَ جو جنهن جي هڪ پاسي ٽريڪٽر جو ٽائر ۽ ٻئي پاسي ڍڳي گاڏيءَ جو ڪاٺ وارو ڦيٿو لڳل هجي!

ازدواجي زندگيءَ جي اهڙي بي جوڙ گاڏي هلائيندي اسان جي يار ولي محمد کي ويهه ورهيه گذري ويا پر ڪڏهن ڪنهن دوست، سنگتيءَ يا همدرد ڪو نه پڇيس؛ ”اي گاڏي وارا، ڪهڙو حال آهي؟ خوش ته آهين! ڀلي کڻي سلام دعا کان وئين پر شاباس آهي تنهنجي حوصلي کي جو اڃا ٽٽو ناهين ۽ جيئرو آهين جهان ۾!“


ولوءَ کي پنهنجي يارن جي نيڪ نيتيءَ تي شڪ ڪونهي پر سندن بي خبري ماريس ٿي. انهيءَ وچ ۾ ڪئين سيارا اونهارا، لاها چاڙها ۽ ڏک ڏولاوا آيا ويا مگر هن جي حالت ٽين دنيا جي ڪنهن سست قوم جي تقدير وانگر ساڳي جي ساڳي رهي، ان ۾ ڪو چاڙهو يا بهتري نه آئي.

هونئن ته هن جي سڄي ازدواجي زندگي، تضادن جو شڪار آهي. پر سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته هي هيڪاندو پڙهيل آهي ۽ هُن نيڪ بختِ ڪڏهن اسڪول جو منهن ڪونه ڏٺو!

ڀلي کڻي پڙهيل ناهي مگر پنهنجي آهي ۽ پنهنجي پر ۾ مڙس جي آرام جو ڏاڍو خيال رکي ٿي.

ولوءَ کي مطالعي ۾ مصروف ڏسي هڪ ڏينهن پڇيائينس؛ ”ماسات! اڃا به پيو ڪتاب پڙهين، ڪا وڏي نوڪري وٺڻي اٿئي ڇا؟“

هن وراڻيس؛ ”نه! بس ائين پيو پڙهان.“

”پوءِ هروڀرو ديماڪ (دماغ) ڇو ٿو کپائين!“ هن سندس هٿ مان ڪتاب ڦريندي، پيار سان چيائينس.

ماسات جي انهن قربن، ولوءَ جو رت اهڙو ته ساڙي ڇڏيو آهي جو صفا رتي رت نه سنجري واري ڪار ٿي وئي آهي! ذهني هم آهنگي نه هئڻ ڪري، طبيعت ۾ چڙ ۽ دماغ تي ڪاوڙ سوار رهيس ٿي. انهيءَ ڪري هر وقت گهر اندر جهيڙو لڳو پيو هوندو آهي يا ٻاهر ڪنهن سان چڪ وات ٿي ويندي آهيس.

ولوءَ لاءِ ڀلي اهي سنجيدهه مسئلا هجن پر پاڙي وارن لاءِ وندر آهي. وندر به اهڙي جو ٻيا کيل تماشا وسري ويا آهن. ٽي وي تي ترڪيءَ جا ڊراما، انڊيا جا شو ۽ بالي وڊ جون فلمون پيون هلن پر ڪير ڪو نه ڏسي. ڇو ته هتي انهن سڀني تماشن کان وڏو تماشو پيو هلندو آهي.

انهيءَ وچ ۾ خبر ناهي ڪيئن اسان جي دوستي ٿي وئي. اها به ايئن اوچتو ۽ هڪدم ٿي جيئن فلمن ۾ هيرو کي هيروئن سان پيار ٿي ويندو آهي! وقت گذرڻ سان دوستي پڪي ياريءَ ۾ بدلجي وئي آهي. اسان ٻنهي جو هڪٻئي تي وڏو دارومدار ٿي ويو آهي. مثال ڏند کوٽڻ لاءِ هو ماچيس جي تيلي مون کان گهري ٿو ۽ پنهنجن اڻڀن وارن کي سيٽ ڪرڻ لاءِ آئون ڦڻي کانئس وٺان ٿو!

سڀني کي خبر آهي ته ولو وڏو خارباز مڙس آهي، ان ڪري ڪير ساڻس هجت ڪو نه ڪري. هن جي عادت آهي ته پنهنجي گهرو ويڙهه جا مسئلا ڪنهن سان ڊسڪس ڪو نه ڪري پر مون کان ٽڪي جي ڳالهه نه لڪائي.

ڪالهه چوڻ لڳو؛ لکاني ٽيڊي وارن سان جهيڙو ٿي پيو. اسين امن پسند ماڻهو، جهيڙي مان ڇا ڄاڻون، مگر هو الرون ڪري وريا ته پاڻ لاءِ به ماٺ ڪري ويهي رهڻ مهڻو ٿي پيو! هونئن ته آئون پاڻ ڏنگو ماڻهو آهيان، ڪنهن جي ڪو نه سهان، ننڍي ننڍي ڳالهه تي وڙهيو پوان پر اوڙي پاڙي جو خيال رکڻو پوي ٿو. اڳي اهڙن موقعن تي ڪيترا دفعا زال چوڙيون اڇلائي منهن ۾ هنيون پر پاڻ ظاهري طرح ڪجهه نه ڪڇياسين. حالانڪه دل چيو ته سندس ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڪپڙا سڪائڻ واري رسي تي لڙڪائي ڇڏيان پر ٻچن جي ماءُ هئي تنهنڪري معاف ڪري ڇڏيومانس! مگر هن دفعي مون غيرت کاڌي، لکاني ٽيڊيءَ کي معاف ڪرڻو نه هو.

”هيڏانهن هوڏان لوڻا ڇا پيو هڻين؟“ زال پڇيو.

”هٿيار پيو ڳوليان، اڄ سندن ڄڻ ٻچو رولي ڇڏيندس!“ کٽ جي هيٺان جتي کڻندي چيم.

هوءَ روئڻ لڳي، چي؛ تو جهڙي بي همٿ ماڻهوءَ سان پرڻائڻ کان بهتر هو ته مائٽ مونکي سنکيو (زهر) کارائي ڇڏين ها.

”اها ڳالهه هن غلط ڪئي هئي. مون ته شاديءَ لاءِ چيو ئي ڪو نه هو، مائٽن زوريءَ ڳالهه ڳچيءَ ۾ وڌي هئي!“

زور جي ميندي لڳندي ناهي پر جي لڳي وڃي ته ڪيئن هلندي آهي سو ولوءَ جي معاملي ۾ صاف ڏسڻ ۾ اچي پيو.

برابر اها صورتحال ڏک واري آهي، پر نئين ناهي ڇو ته هو ننڍي هوندي کان ئي سورن تي هريل آهي. ننڍي هوندي سور ان ڪري ڏٺائين جو نڀاڳو هو، ڪتابن کان وئون ويندو هو. پڙهڻ تي دل نه چوندي هئس، باقي گهر ٺاهڻ جو وڏو شوقين هو. ڪڏهن هو مٽيءَ جا گهر ٺاهيندو هو، ڪڏهن ماچيس جي خالي کوکن جا ۽ ڪڏهن وري ڪاپين جا پاٺا ڦاڙي. نيٺ مجبور ٿي هڪ ڏينهن والدهه جتي لاهي اهڙي ته مار ڪڍيس جو سڏڪا ڀريندي اچي اسڪول پهتو. پوءِ اهو جتي بازيءَ جو سلسلو هلي پيو. آهستي آهستي تعليمي رڪارڊ بهتر ٿيندو ويو. ايتريقدر جو پڙهي پڙهي نظر خراب ٿي وئي پر هو لڳو رهيو. نيٺ هڪ ڏينهن نوڪري به ملي ويس.

برسر روزگار ٿيڻ کان پوءِ، کيس اهي ٻه خواب ياد آيا جيڪي ڪڏهن وسريا ڪو نه هيس. پهريون خواب هو، هڪ مثالي زال جو. کيس آرزو هئي؛ ڪنهن اهڙي جيون ساٿيءَ جي جيڪا سندس طبيعت، عادت ۽ مزاج کي سڃاڻي سگهي. هيءُ ڪوڙ هڻي، هوءَ سمجهي وڃي، پر درگذر ڪري. هيءُ جهيڙو ڪري، هوءَ دوستي جو دم ڀري. هيءُ اداس ٿئي ته هن جي ماني وهه ٿي وڃي! هيءُ مسڪرائي ته هوءَ ٽهڪ ڏئي کلي، هيءُ بي درديءَ سان پيسو لٽائي ته هوءَ گهر صرفي سان هلائي. مطلب ته سندس سڀني بدافعالين کي منهن ڏيئي وڃي. سو اهڙي ”مناسب رشتي“ جي ڳولا ڪندي، پڇائيندي وڃي حاجي صاحب جي گهر پهتو.

ڇوڪريون ڏسڻ لاءِ روانو ٿيڻ کان پهرين هن سرمو پاتو، پوءِ ويجهي ۽ پري جي نظر واريون ٻئي عينڪون به کنيائين. ولو ويو ته سهي پر ڇوڪريون ڏسي ارادو ڊانواڊول ٿي ويس. سمجهه ۾ نه اچيس ته ڪهڙو فيصلو ڪري. ننڍي ڀيڻ شربت، چانهيون، بسڪوٽ، پڪوڙا کڻيو پئي آئي. اهڙي ته چنچل، کلمک ۽ شرارتي هئي جو هڪ لمحي لاءِ به بور ٿيڻ نه ڏنائين. هوءَ اهڙي ڇوڪري هئي جا ڪنهن روئندڙ ماڻهوءَ کي به کلائي سگهي ٿي. پنهنجي باري ۾ چوڻ لڳي؛ مان ته آهيان ئي غم پروف! ائين پنهنجي سنهڙي مٺڙي آواز ۾ ڳالهائيندي ڳالهائيندي، اڌ دل چورائي ويس.

وڏي ڀيڻ صاحبه جي طبيعت ۾ ڌيرج، بردباري ۽ سنجيدگي هئي. کيس گهر هلائڻ آيو ٿي ۽ اهڙا بهترين طعام ٺاهي سگهي ٿي جو مهمان آڱريون چٽڻ تي مجبور ٿي وڃن! ٽُڪرين واريون رليون، ڀرت ڀريل وهاڻا ۽ ترتيب سان رکيل شيون، سندس سليقو ظاهر ڪري رهيون هيون. هوءَ ايتري ته ميچور هئي جو ماڻهو ڪو به گنڀير مسئلو ساڻس شيئر ڪري سگهيو ٿي. کيس ٻئي ڀيڻون ايڏيون ته پسند آيون جو ڪنهن کي ڇڏي نه سگهي!

جوڙا آسمانن تي ٺهندا آهن. انسان ڪير ٿيندو آهي جو تقدير جي لکئي تي عمل نه ڪري. هو جڏهن پاڻ ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو ته چنيسر جي واٽ وٺندي چيائين؛ امان کان ٿا پڇون.

ماءُ کي دل ۾ ارمان هئا؛ پٽ پرڻائڻ جا، نونهن گهر آڻڻ جا، ان سان جهيڙا جهٽا، ڦڏا فساد ۽ نياءُ فيصلا ڪرڻ جا. هيءُ اهي خواب آهن، جيڪي هر خاتون، نونهن ٿيڻ شرط ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي. والدهه سڄي ڳالهه ٻڌي چيو؛ ولي محمد منهنجو اڪيلو پٽ آهي، ڌارين ۾ ڇو ڦاسايانس، آئون ته کيس مامي جي گهران پرڻائيندس. ادا وارا ته ڪيترن سالن کان چون پيا پر آئون ماٺ هئس ته ڇوڪرو نوڪريءَ چڙهي، پوءِ اها ڳالهه ٺهي ٿي. ڇوڪري پڙهيل ناهي ته خير آهي پر سيبتي آهي، گهر کي سنڀاليندي ۽ مڙس جو به خيال رکندي.

ولوءَ مختلف بهانا بنائي، ڪنڌ ڪڍائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ماڻس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چيو؛ ”اسان کي ڪونه کپن ڌاريون، پنهنجي آهي، سڀاڻي مرندس، اکين تي هٿ ته رکندي!“

انهي ويٽو کان پوءِ سندس سڀ دليل ختم ٿي ويا ۽ هن فرمانبرداريءَ سان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.

شاديءَ کان پوءِ هن ڀاڳ ڀريءَ، گهر جا ٻيا سڀ رليل ڪم ڇڏي، پهرين مڙس کي سڌارڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو طبيعت ۾ اڍنگو، لڇڻن ۾ بد افعالو ۽ پيار ۾ اناڙي هو. نئين ڪنوار، پهرين پيار سان سمجهائڻ جي گهڻيئي ڪوشش ڪئي مگر هو ته ننڍي هوندي کان ئي هريل هو مار تي، سو پيار جي ٻولي ڪٿي ٿو سمجهي! مجبورن هن نيڪ بخت به جهيڙي وارو رستو اختيار ڪيو. پوءِ سڀني ڏٺو ته آهستي آهستي هن ۾ سنجيدگي اچي وئي ۽ بظاهر سڌري ويو.

سچ پڇو ته ولوءَ جي شخصيت سازيءَ ۾ جيترو جتيءَ جو عمل دخل آهي اوترو تهذيب جي ترقيءَ ۾ ڦيٿي جي ايجاد جو به ناهي!

انهيءَ ڳالهه جو هن کي به احساس آهي. تنهنڪري ننڊ مان اٿي، پهرين جتي صاف ڪندو ۽ پوءِ منهن ڌوئي اگهندو آهي. اڪثر ڪري چوندو آهي ته ماڻهوءَ جي شخصيت جي خبر سندس جتيءَ مان پوي ٿي!

هن جو ٻيو خواب؛ گهر هو. جنهن جي باري ۾ بچپن کان وٺي سوچڻ شروع ڪيو هئائين. سندس مثالي گهر ڪهڙي نموني جو هئڻ کپي، انهي ۾ وقت گذرڻ ۽ عمر وڌڻ سان تبديليون آيون هيون. فائنل فيصلو ڪرڻ کان پهرين، هن ٺيڪيدار داد محمد جي بنگلي کان وٺي مير يارل خان جي حويليءَ تائين ڪيترا ئي گهر، ڪاٽيج ۽ آشيانا جانچي ڏٺا هئا. ٻاهرين ڊزائن لاءِ پراڻي ڪئلينڊر واري تصويرن ۾ برطانيه جي راڻي الزبيٿ جي رهائش گاهه بڪنگهم پيلس ۽ تاج محل کي به چڪاسي ڏٺو هيائين. نقشي لاءِ وڪٽورين طرز تعمير، گوٿڪ آرڪيٽيڪٽ، هندستاني راجائن جا محل سڀ ذهن ۾ رکيا هئائين.

سيمنٽ، ريتي، بجري، لوهه، ٽائلس ۽ ٻئي تعميراتي سامان جي ڪوالٽيءَ جو تعين ڪري قيمتن جو حساب لڳايو هيائين.

ديوارن ۾ فرينچ ونڊوز لڳائڻيون هيون، فرنيچر شيشم ۽ دروازا مهاگني جي ڪاٺ مان آرڊر تي ٺهرائڻا هئا. هن پنهنجي منصوبي جي هڪ هڪ شيءِ جو جائزو وٺي، تفصيلن تي غور ڪيو هو ۽ سالن جا سال ترميمون، تبديليون ۽ ڪاٽ پيٽ ڪري ان کي ايڏي ته پرفيڪشن تي پهچائي ڇڏيو هو جو وڌيڪ ڪنهن اضافي جي گنجائش نه رهي هئي.

هاڻي هن جي ذهن ۾ گهر جي هڪ واضح تصوير ٺهي چڪي هئي. ٻنهي پاسن کان اونچا سفيدن جا لڏندڙ وڻ، وچان ڊگهي سنهڙي سڙڪ جيڪا وڏي لوهي گيٽ وٽ اچي کٽندي. اندر گلن سان ڀريل لان جي ڇيڙي وٽ هڪ باوقار سفيد عمارت هوندي، جنهن جي پورچ ۾ هلڪي روشني، اندر ويڪرا ڪمرا، لائبريريءَ ۾ ورلڊ ڪلاسڪ ۽ ميوزڪ جي ڪليڪشن هوندي.

پوءِ-ڍائڙي ماڻهن جي برعڪس، ڪٿي به ٺٺ ٺانگر ۽ پيسي جي نمائش ٿيل نه هوندي، بلڪه هر شيءَ آرامدهه ۽ سادي هوندي. عمارت پنهنجي رهندڙن جي اعليٰ ذوق جو پتو ڏيندي.

مگر اسٽوڊنٽ لائيف ته آئڊيلزم جو زمانو هوندو آهي، حقيقتن جي دنيا کان دور. هن جنهن رهائشي اسڪيم ۾ پلاٽ ورتو، اها سڄي فراڊ ثابت ٿي.

ڪمپنيءَ جا مالڪ، ٺيڪيدار سڀ دو نمبر ماڻهو نڪتا. مرحيات پيءُ جي سڄي عمر جي ڪمائي، ماءُ جون بچتون ۽ ٻين هنڌن تان پٽ سٽ ڪري سيڙايل پيسا ئي ٻڏي ويا! سڀ خواب چڪنا چُور ٿي ويا.

ٽٽل دل کڻي، ولوءَ وارا ڳوٺان لڏي شهر آيا. شروع ۾ هڪڙي پلازا ۾ فليٽ ورتائون پر خواتين چيو؛ ”ماڙي تي ڪو نه رهنداسين ڇو ته چاڙهيون چڙهڻ مھل ڦيري ٿي اچي ۽ هانڀارو به لڳي ٿو.“ پوءِ ٽپڙ کڻي هتي پاڻ واري پاڙي ۾ آيا ته ماين چيو؛ ”ايتري ننڍي گهر ۾ ساهه ٿو منجهي.“

گهر جو نقشو جنهن آرڪيٽيڪٽ ٺاهيو، تنهن صرفي ۽ بچت سان ڪمال ڪري ڇڏيو هو. اسي گزن جي گهر ۾ ٽي بيڊ روم، باٿ روم، ڪچن، ٽي وي لائونج، اسٽور ۽ ٻيو ڇا ڇا نه آهي.

ڀريو تريو گهر آهي، الماريون، ڪٻٽ، پيتيون، ميزون، کٽون، ڪنڊون پاسا سامان سان سٿيا پيا آهن. سچي ڳالهه اها آهي ته جيترو سامان هنن جي گهر ۾ آهي اوترو ته ٿيٽر وارن وٽ به ڪونهي. سڀ شيون هڪ ٻئي جي ٽيڪ ۽ زور تي بيٺيون آهن. ڪا هڪڙي نئين شيءِ رکن ٿا ته ٻه ڪريو پون. انهن کي کڻي ڇنڊي ڦوڪي وري رکن ٿا ته چار پنج شيون وڌيڪ ڪريو پون! انهيءَ خفي ۾ سڄو ڏينهن گذريو وڃي. ماڻهو سمجهن ٿا ته هي ڪو ڪم ڪار نٿا ڪن، واندا آهن جو گهران نڪرن ئي نه ٿا.

حال محرم چون ٿا؛ ”شابس هجي هنن کي جو هيترا ڀاتي کُڏيءَ جيتري گهر ۾ کير کنڊ ٿي رهيا پيا آهن.“ دل وڏو هجي ته گهر جو خير آهي. مگر سڀ خير نه آهي ڇو ته ننڍڙا ٻار ٿورو هلن ٿا ته ڪنهن نه ڪنهن پيل شيءِ سان ٿاٻو کائي ڪريو پون! ڪڏهن ٽنگ، ڪڏهن ٻانهه، ڄاڙي ڀڃائي، يا مٿو ڦاڙائي ويٺا آهن. ڊڪڻ لاءِ ته صفا سڪي ويا آهن. ڳوٺ وڃن ته ناناڻن جي وڏي ڪشادي اڱڻ تي وٺيو ڊوڙون پائين، هو حيرانيءَ سان سوچين ته هنن کي خبر ناهي ڇا ٿي ويو آهي.

گهر ۾ سوڙھ سنگھوڙ جي ڪري، سڀ ٻار هڪ ٻئي کان چند انچن جي دوريءَ تي سمهن ٿا. هڪڙو ٻار روئي ته ٻيو به ننڊ مان اٿي روئڻ شروع ڪريو ڇڏي، پوءِ ٽيون، چوٿون... گهڙيءَ کن ۾ سڀ ٻار ٻاڪو ڦاڙي رڙيون ڪرڻ لڳيو وڃن!

گهر جي ورانڊي کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، جتي واندڪائيءَ واري وقت ۾ زائفائون ويهي هڪ ٻئي جون جوئون ڪڍن، پاڙي جي گلا ڪن ۽ گوڙ ڪندڙ ٻارن کي دڙڪا به ڏين. هيترو وقت گذري ويو آهي پر اڃا به اهو روٽين برقرار آهي. تنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته نه جوئون ميون، نه گلا کٽي ۽ نه وري ٻار سڌريا!

اهي مسئلا ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان هجن ها ته ٺانٺو ڦٽي وڃي ها. پر ولوءَ کي درويشن جي دعا آهي. دعا ڇو نه هجيس، ولين جي در جو گولو غلام جو آهي. هر سال انهن بزرگن جي ميلن، عرسن تي وڃي حاضري ڀري، پر درگاهن جي اندر ڪو نه گهڙي، ڇو ته جتي ٻاهر لاهڻي پوي ٿي.

انهن ئي پيرن فقيرن جون خدمتون ڪندي، سندس وڏو پٽ درويش ٿي ويو، جتي ڪو نه پائي، سياري اونهاري، پيرن اگهاڙو پيو هلي. انهن عادتن جي ڪري هن جي شادي به ڪو نه ٿي آهي. هن خدائيءَ ۾ رڳو هو هڪڙو ڪونهي ٻيا به آهن جيڪي ان کان به وڌيڪ ڏکيا ڪم ڪن پيا. ڪي جانباز ته اهڙيون ٻيڙيون به هلائين پيا جيڪي طوفانن ۾ لڏن ته سهي پر ٻڏن ڪو نه، جي ٻڏيو وڃن تڏهن به ٻارهين مهيني درويشن جي دعا سان تريو اچن!

تڏهن ته چون ٿا ته معجزن، ڪرامتن ۽ ناممڪنات جي پنهنجي دنيا آهي، جا صرف سادن ماڻهن جي ويساهه سان آباد آهي.

انهيءَ باري ۾ ولوءَ جو خيال آهي ته ڪنهن جي ڀاڳ سان ريس ڪجي نه نڀاڳ سان، ڇو ته ٻنهي جو ڪو ڇيهه ناهي.

هو کڻي ڇا به چوي پر هيءُ معاملو قسمت جو ناهي. اصل ڳالهه اها آهي ته زال مڙس جو جوڙ نٿو ٺهي.

ازدواجي زندگيءَ جي اها بي جوڙ گاڏي هلائيندي، ولوءَ کي ورهيه لنگهي ويا پر ڪڏهن ڪنهن يار دوست ڪو نه پڇيس؛ ”گاڏي وارا، تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟ ڀلي کڻي سلام دعا کان وئين پر شاباس آهي تنهنجي حوصلي کي جو اڃا ٽٽو ناهين...“

 

(حسين ڪپريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي رکيل)

No comments:

Post a Comment