Sunday, December 31, 2023

اڱڻ چمان يا عجيب چمان - حسين ڪپري

اڱڻ چمان يا عجيب چمان!

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



”ادا مون غريب ڀاءُ جي دعوت کايو وڃجان، تنهنجي گس تي ويٺو آهيان!“ سومار ڪوريءَ چيو.

”ڀلا جي اسين اچون ته ڇا کارائيندين؟“

”سائين، جيڪو گهر ۾ ٻچا کائين ٿا سو کارائيندس.“


هاڻي هن جا ٻچا ڇا کائين ٿا تنهن جي ڪهڙي خبر ۽ اها ڳالهه ان مهل هن کان فون تي پڇي به نٿي سگهيس. غريبن جا ٻار اڪثر ڪري فالتو، غير ضروري ۽ سستيون شيون کائين ٿا. آئون ڪرائتو ماڻهو آهيان، يونيورسٽي تائين باقاعدي پڙهيو آهيان ۽ آفيسرن جي سرڪل ۾ اٿي ويٺي آهي. دوست چون ٿا؛ ”تون نفيس ۽ باذوق ماڻهو آهين.“

هو سچا آهن، جيڪو ٽوال ڌوتل نه هجي ان سان هٿ نه اگهيان، جنهن گرم چانهه مان خوشبو نه اچي، تنهن ڪوپ مان ڍڪ نه ڀريان ۽ جتي ست رڇيءَ جو آسرو نه هجي، اتي دعوت ۾ نه وڃان.

هر ڪو ماڻهو پنهنجي مزاج، طبيعت ۽ پسند ناپسند جي حساب سان هلي ٿو. پوئين چڪر هڪ غريب جي گهر وٽان لنگهياسين، اڃ لڳل هئي، هو ڪوري دلي مان پاڻي اوتي، کنڊ جو شربت ٺاهي، اسٽيل جي جڳ ۾ وجهي، ڀرت ڀريل ڪپڙي سان ڍڪي کڻي آيو. هن ته خلوص سان گلاس ٽمٽار ڪري ڏنو پر پيئي ڪير، ڍڪ نه لهي نڙيءَ کان هيٺ! مون ”مٺاڻ کان پرهيز“ وارو سبب ڄاڻائي هٿ ڪڍيو.

هيڪر ته هن جو منهن لهي ويو. پر پوءِ پاڻ کي سنڀاليندي چيائين؛ ”برابر سائين علاج کان احتياط بهتر آهي.“

هن دور ۾ سنگت ساٿ ۾ اٿڻ ويهڻ ۽ ٻين سماجي تعلقاتن ۾ شوگر ۽ بلڊ پريشر ٻه اهڙا سبب آهن جن سان ماڻهو ناگوار صورتحال کان بچي سگهي ٿو. مثال، ڪٿي توهان هلي وڃو، جنهن شيءِ لاءِ دل نٿي ڪري، تنهن کي شوگر يا لوڻ جو عذر ڄاڻائي نه کايو، ڳالهائڻ مهل ڪو ماڻهو سچي ڳالهه ڪري جيڪا نه وڻي ته بلڊ پريشر جو بهانو بنائي ان تي چڙهي وڃو!

انساني تعلقات ۾ منافقيءَ جو پنهنجو مقام آهي ۽ اهو ڪم جڏهن وڏي ليول تي ڪيو وڃي ٿو ته ان کي ڊپلوميسي چئبو آهي. غريب ماڻهوءَ کي اها عادت ڪانهي، هو سڌي ڳالهه ڪندو آهي. غريب کان بيگر وٺو، ووٽ وٺو، رت گهرو يا ٻيا ڪم چئو خوشيءَ سان ڪندو ۽ مهمان کي کارائي پياري، چاڪري ڪري سرهائي محسوس ڪندو آهي. اهي ڳالهيون ڳڻي، سوچيوسين ته غريب ماڻهوءَ کي خدمت جو موقعو ڏيڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي. اسان کي ڏسي همراهه ٽڙي پيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”سمجهه ۾ نٿو اچي ته اڱڻ چمان يا عجيب چمان!“

اڱڻ هن جو ڪشادو، کٽون هن جون ڇڪيل ۽ رليون انهن تي صاف سٿريون وڇايل هيون. رليون به ڀانت ڀانت جون، ٽُڪ واريون، گلن واريون، گڏين واريون رليون، جن ۾ ٻهراڙي جي سگهڙ ماين پنهنجا خواب سبي ڇڏيا هئا!

سومار ڪوريءَ سان اها پهرين روبرو ملاقات هئي. هن کان اڳي اسان جي ياري فون تي پي هلي.

بهار جي پڇاڙيءَ واري هوا لڳي رهي هئي. موسم ٺيڪ هئي.

هڪڙو ته غريبن کي هٿ ڏيڻ جي پٽ گهڻي آهي، هٿ ڏيونِ ته وري ڀاڪر پائڻ جو شوق! خير جيئن تيئن ڪري اهي مرحلا طئي ٿي ويا.

ڪانڀ ٻڌي ويٺا ته ڪچهري شروع ٿي ۽ ڳالهيون کُلنديون ويون. موسمن، فصلن، بيمارين جون ڳالهيون، ڇٺين، عقيقن، مڱڻن جون ڳالهيون، شادين، غمين ۽ نصيبن جون ڳالهيون.

 ڳالهين منجهان خبر پئي ته ٻنين ۾ گاهه ڪونهي، مال ۾ کير ڪونهي، گهر ۾ ڳنڌڻ ڪونهي ۽ سرڪار ۾ اميد ڪونهي، بس الله جي آسري ويٺا آهن. هيل به برسات نه وسي ته صفا ڏڪار پئجي ويندو.

”روز جماعت سان نماز پڙهي، مينهن لاءِ دعا گهرون ٿا!“ هن سامهون ڪچي مسجد ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

اها مسجد وسند مل اوڏ تعمير ڪئي هئي. ڪاڪو وسند عجيب ماڻهو هو، ٻئي ڪنهن کي تڪليف ۾ ڏسندو هو ته سندس من چيچڙي ۾ ڪمند وانگر پيو پيڙبو هو. جڏهن به ڳوٺ جي چند نمازين کي جمعي جي نماز لاءِ ميل کن پنڌ ڪري وڏي ڳوٺ ويندي ڏسندو هو ته بي سُکو ٿي پوندو هو. هن ان مسئلي تي ڪنهن سان ڳالهايو ڪو نه پر پاڻ حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پوءِ جڏهن ڪم نه هوندو هو ته واندو ڪو نه وهندو هو، گڏهه ڪاهي ڀت ٺاهيندو هو. بُهه جو راڳو، ڏاڙهون خاصخيلي پنهنجي ٽنهي پٽن سان گڏجي ڪڍيو ۽ ڇت جي ڪم ۾ ڪجهه ٻين ڳوٺاڻن هٿ ونڊايو.

عجيب ڳالهه اها هئي ته اهي ماڻهو ڪڏهن ڪو جمعاڻي چنڊاڻي اتفاق سان نماز پڙهندا هئا، ٻيو مڙئي خير هو. مسيت جي سنڀال سومار ڪوريءَ جي حوالي هئي جيڪو هاري هو ۽ بنا پگهار جي ٻانگ ڏيندو ۽ نماز پڙهائيندو هو. جڏهن ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر نڪري ويندو هو ته اهو ڪم سندس پٽ ڪندو هو. سومار گهڻو پڙهيل ڪو نه هو پر پيٽ ۾ قرآن هئس، تنهنڪري هر ڪنهن سندس عزت پئي ڪئي. غريب وٽ عزت کان سواءِ ٻيو آهي ڇا!

مسجد جي ڀرسان پڪو اسڪول هو، جنهن ۾ ماستر حاجي ڪنڀار ٻارن کي وڏي آواز ۾ کوڙا ياد ڪرائي رهيو هو.

”ناري ۾ جيڪي نيڪ رهن ٿا، تن مان هڪڙي ذات ڪورين جي آهي. پر حاجي ڪنڀار چوي ٿو آهيون اسين! هو ڇا به چوي، ٻهراڙيءَ ۾ سيد مٿي آهن، باقي سڀ ذاتيون برابر آهن.“ هن منهنجي گوڏي تي هٿ هڻندي پنهنجائپ سان چيو.

هن جي هجت، پنهنجي جاءِ تي پر آئون احتياطن ٿورو پريان سري ويٺس ته متان ڪپڙن جي استري خراب ٿئي. سياڻا چون ٿا؛ ”ڄٽ کي ويجهو اچڻ ڏبو ته جتيءَ سوڌو گلم تي!“ انهيءَ ڪري ڪو ڪم ڪار هجي ته ٻي ڳالهه آهي ور نه انهن کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. اهڙي احتياطن جي باوجود به ڪو نه ڪو ڪنڌ ۾ پئجيو وڃي. پوئين سال جي ڳالهه آهي هڪ ڳوٺاڻو ڪراچيءَ ۾ ستين ماڙ واري هيڊ آفيس ۾ ڳولي اچي نڪتو. برابر ڳولڻ تي آيا ته انڌن وڃي ملتان لڌو پر شايد اهو ڪم سولو هو. ريل ۾ هڪڙي اسٽيشن تان چڙهيا ۽ ٽرين ۾ پنندي پنندي وڃي پنهنجي منزل واري اسٽيشن تي لٿا. مگر شابس هجي هن همراهه کي جو مون کي تلاش ڪندو هتي اچي پهتو هو.

”حاجي ڪيمپ ويس پي، خيال آيو توهان کان ٿيندو وڃان!“ گرمجوشيءَ سان هٿ ملائيندي هن چيو.

هو منهنجو پرائمريءَ ۾ ڪلاس فيلو رهيو هو. اسان جهڙو ماڻهو ننڍي هوندي غريب ماڻهوءَ سان گڏ پڙهي ڦاٿو ڇا! ڪنهن پراڻي واقفيت جي بنياد تي وڏي ماڻهوءَ سان زوريءَ دوستيءَ ۾ اٽڪي پوڻ، ڪنهن لحاظ سان مناسب ناهي. اهڙن ماڻهن کي ڊسڪريج ڪرڻ کپي. اهو سوچي چيم؛ ”تون پهرين ٻڌائين ها ته ٽائم ڪڍي ڪچهري ڪريون ها، هينئر هڪ ضروري ميٽنگ ۾ وڃي رهيو آهيان. پٽيوالو تو کي چانهه پياري ڇڏيندو.“

پٽيوالو وڏو تجربيڪار آهي، جڏهن موڊ ۾ هوندو آهي ته صاحبن کي روبرو چئي ڇڏيندو آهي؛ ”اين جي او ۾ رهي ماڻهو ڳالهائڻ جو ڪاريگر ٿيو وڃي، باقي ڪم کان آڱوٺو!“

هو ڀلي ڇا به چوي پر مون ”غريب سڌار“ پروجيڪٽن تي سالن کان ڪم ڪيو آهي، انهن جي نس نس کان واقف آهيان. هنن ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جن جي ڪري تڪليفون ڏسن ٿا. مثال، هنن وٽ پيسو ڪونهي، تعليم ڪونهي مگر توڪلي گهڻا هوندا آهن، جيڪو آيو ڏنڊي ڪونڊي جي هيٺ، کائي کپائي ڇڏيندا ۽ صبح جو نئين سج نئين روزي جو انتظار ڪندا.

اسين، اسپيئر ٽائر نه هجي ته گاڏي ٻاهر نه ڪڍون. هي، کنوڻ ڏسي مال ڪاهي پيا ٿر ويندا. غريب هئڻ ۾ هڪڙو گهاٽو اهو به آهي ته ننڍڙا ڪوڙ، ننڍڙيون غلطيون ۽ بيوقوفيون پاڻهي پاڻ ان جي کاتي ۾ هليون وڃن ٿيون. ان کان علاوهه هو هر پريشاني، مصيبت ۽ بيماريءَ کي تقدير جو لکيو سمجهي ٿو.

اهي شيون ڳوٺاڻن جي مغز ۾ ويهارڻ ضروري هيون. ڳالهه کي سمجهائڻ لاءِ چيم؛ ”ڏسو، ٻهراڙيءَ ۾ نانگ ڏنگڻ جي ڪري سوين ماڻهو مرن ٿا پر شهرن ۾ هڪڙو به اهڙو واقعو نٿو ٿئي. ماڻهو اونداهيءَ ۾ نڪري، بوٽ نه پائي نانگ تي پير رکي ته ضرور ڏنگجي ويندو ۽ بروقت علاج نه ٿيو ته مري ويندو. ان جو مطلب ته اهو حالتن جو چڪر آهي، قسمت ۾ لکيل ناهي.“

”قسمت جي سائين، پاڻ کي خبر ڪانهي پر جيسين ساهه آهي تيسين مشڪلاتون آهن. باقي ماڻهو شهر ۾ مري يا ڳوٺ ۾، هيئن مري يا هونئن مري، ڳالهه ساڳي آهي، پڇاڙي جو ڌوڙ ڇائي، ٻڪ اڍائي!“ سومار کلندي چيو.

غريبن سان جام مسئلا آهن پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته پريشان ڪندڙ حالتن ۾ به ٽهڪ ڏيئي سگهن ٿا ۽ خوش رهي ڄاڻن ٿا. چون ٿا ساهه وارن ۾ انسان اڪيلو جانور آهي جنهن وٽ کلڻ جي صلاحيت آهي. شايد ان ڪري جو سڀني کان گهڻو ڏک به اهو ئي ڏسي ٿو.

هر ماڻهو پنهنجي طبيعت، ذوق ۽ ضرورت مطابق کلي ٿو پر هر ڪنهن جو انداز جدا آهي. هڪڙا ماڻهو مصنوعي نموني کلن ٿا، ٻيا زوريءَ کلن ٿا ۽ ٽيان ڪاروباري حساب سان کلن ٿا. ان کان سواءِ ڪي ماڻهو ٻين کي خوش ڪرڻ لاءِ کلن ٿا پر جي جواب نه ملي ته ککا وکا ٿي وري ڦڪائيءَ مان ٻئي دفعا کلن ٿا. وڏيرا غريبن جي فرمان برداري تي کلن ٿا. سنڌي ماڻهو جهڙي نموني هميشهه هڪڙي پارٽي کي ووٽ ڏين ٿا، ٻين صوبن جا ماڻهو تنهن وفاداري تي کلن ٿا!

ڪچهري زور شور سان جاري هئي جو ماستر حاجي ڪنڀار ڪلاس ڇڏي ملڻ آيو. دير سان اچڻ جي معافي وٺڻ بعد چوڻ لڳو؛ ”سائين شاگردن کي پڙهائڻ ۾ مصروف هئس، انهيءَ ڪري دير ٿي وئي. موڪل ۾ باقي پنج منٽ بچيا آهن. گهنٽي وڄرائي اچان ٿو.“ سندس ڳالهه ٻڌي، منهنجي دماغ ۾ کٽڪي جي گهنٽي وڄڻ لڳي.

چوڻ نه کپي پر سچ پڇو جهڙا غريبن جا ٻار بد افعالا آهن تهڙو ڪير ڪونهي، جيسين پراين گاڏين تي ليڪا نه ڪڍن، نالا نه لکن ۽ گل ڦل وارا ڊزائن نه ٺاهين، تيسين انهن کي سک نٿو اچي. سو ان کان اڳي جو ٻار اسڪول مان پڙهي ٻاهر نڪرن ۽ اسان جي اين جي او واري گاڏيءَ تي ڊرائنگ ٺاهين يا ٻي ڪا حرڪت ڪن، اسان کانئن موڪلائي روانا ٿياسين.

 

(حسين ڪپريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۲۲ اپريل ۲۰۲۳ع تي رکيل)

No comments:

Post a Comment