Sunday, December 10, 2023

مئل شينهن ۽ جيئرو گڏھ - منظور ڪوھيار

مئل شينهن ۽ جيئرو گڏھ

(ننڍڙي ڪھاڻي)

منظور ڪوھيار



لکو خان اوطاقي مڙس آ۔ سنگت سان گڏ سندس اوطاق تي ماني پئي کاڌي۔ ڪکو خان ڏانهن بار بار موبائل فون تي ڪال پئي آئي۔ هن ڏسي ھڪدم ڪٽي پئي ڇڏي۔

پڇيومانس؛ ”ڪير آهي؟“

نالو ٻڌائيندي وراڻيائين: ”اهو ئي رٽائرڊ ڪامورو! رت پي ويو آ ته: مون سان اچي، مل!“


”پوء ملينس ڇو نه ٿو۔ جڏهن رٽائرڊ نه هيو ته تعريف ڪندي نه ڍاپندي هئينس ته مختلف پروگرام ڪرائڻ ۾ تنهنجو وڏو مددگار رهيو آھي۔“

ڪکو خان ٽھڪ ڏيندي وراڻيو: ”ڀائو! ھاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ته کائڻ جا ٻيا۔۔۔“

چيومانس: ”ڳجھارتون نه ڏي، کولي ٻڌاء!“

”جي هڪ هٿ سان چيڪ ڏيندو هيو ته ٻئي هٿ سان ڪئش به وٺندو هيو۔“

”پوء رک رکاءُ به ڪا شيءِ ٿيندي آ۔ اهڙو بي رخو به نه ٿجي، جو ماڻھو ڪال ئي نه کڻي۔“

”ڀائو، مئل شينهن کان جيئري گڏھ سان رکجي ته بهتر آ!“

”مطلب؟“

”رٽائرڊ ڪاموري کان حاضر سروس پٽيوالو به ڀلو، جنهن کي وڻي ته ڇڏي، نه وڻيس ته چوي: صاحب ميٽنگ ۾ آ۔“

 

(منظور ڪوھيار جي فسيبڪ ٽائيم وال تان ۱۰ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment